تازا ترين
  • *ميرپورخاص ۾ بئنڪ عملي جي مبينا زيادتين خلاف استادن جو احتجاجي مظاهرو *بئنڪ عملو ايجنٽس ذريعي پگهارن مان 3 کان 4سئو روپيا ڪٽوتي رشوت وٺن ٿا: مظاهرين *
  • *موهن جو دڙو ويجهو گرمي جي سٽ نه سهندي پورهيت فوت ٿي ويو *ڳوٺ انب پور واسي 35ورهين جو نياز علي جوڳي گرمي سبب فوت ٿي ويو *نياز علي گهر ۾ ويٺو هو، اوچتو گرمي جون دانهون ڪرڻ بعد فوت ٿي ويو: وارث *
  • *دوڙ ۾ 11 عورتن سميت وڌيڪ 18ڄڻا ڪورونا جو شڪار، متاثرن جو انگ 86 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن *
  • *دادو مان شاگرد ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم *نائين ڪلاس جو شاگرد مير ماجد پنهور ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم، ڳولا باوجود ڏس پتو نه پيو *خميس جي ڏينهن کان ڀاءُ گم آهي: خالد پنهور *
  • *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ٻيهر ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا *تازو برسات کانپوءِ ڦٽل گاهه ماڪڙ کائي چٽ ڪري ڇڏيو، ڏڪار متاثر ماروئڙا پريشان *
  • *حيدرآباد: احساس ڪفالت پروگرام جي رقم سينٽر بدران فصل ۾ ڏيڻ وارو معاملو، عملدارن نوٽيس ورتو *ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ احساس پروگرام جي عملدارن نوٽيس ورتو، جاچ جو حڪم جاري *هوسڙي ۾ قائم سينٽر جي ايجنٽ 1000 رپيا ڪٽوتي ڪري مستحق ماڻهن کي رقم ڏني *
  • *واهي پانڌي: نئن نلي تي ڊيم ٺاهڻ خلاف جمالي ۽ شاهاڻي برادري پاران احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مظاهرين اسپتال کان گورک چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو،ڇتي نعريبازي *نئن نلي جي قدرتي وهڪري تي سمال ڊيم ٺهڻ سان زمينون بنجر ٿي وينديون: مظاهرين *
  • *خيرپورناٿن شاهه ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڪريم داد لنڊ واسي ساجد جمالي گهر اندر مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪيو *
  • *ڏاهلي تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 14ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ143ٿي ويو*
  • *ٻانڌي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي11 ٿي ويو *سمورا متاثرن پنهنجي گهرن اندر آئيسوليٽ *3ڏينھن اڳ رورل ھليٿ سينٽر جي ملازمن سميت 50ماڻھن جا سيمپلز ورتا ويا هئا *7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي: صحت کاتو*
  • *سکر: سرڪاري ڪڻڪ ۾ خرد برد ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف نيب جي ڪارروائي *ڪڻڪ اسمگلنگ جي الزام ھيٺ نوشھرفيروز مان 3 ڄڻا گرفتار: نيب ذريعا *گرفتار ٿيلن ۾ عظيم آرائين، جمعا خان ۽ منور شامل آهن: نيب ذريعا *گرفتار جوابدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي: نيب ذريعا *
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

واهي پانڌي لڳ ميان جو ڪوٽ…..عزيز ڪنگراڻي

ميان جو ڪوٽ عام پٿرن سان اڏيل ڪوٽ آهي جيڪو دادو ضلعي جي تاريخي شهر واهي پانڌي کان اولهه ۾ اٽڪل 12 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي کيرٿر جابلو سلسلي ۾ نئن نري يا نلي جي ساڄي ڪناري تي واقع آهي. هيءُ ڪوٽ اٽڪل 4 ايڪڙن جي ايراضي تي ڦهليل آهي. ڪوٽ جو هڪ برج يا مورچو اولهه ڏکڻ واري ڪنڊ تي جوڙيل آهي جيڪو لڳ ڀڳ 15× 15 فوٽن جو آهي. هن مورچي تان اولهه ڏکڻ ۾ قديم ماڳ ڪارو ڪوٽ کان سواءِ چئوڦير سڄي جابلو پسگردائيءَ تي نظر پوي ٿي. ڪوٽ جي اندر نئي نلي جو پاڻي لفٽ ڪري آبادي ڪئي وڃي ٿي. ڪوٽ اندر پاڻي جي نالي يا ننڍو واهه اڄ به وهائي آبادي ڪئي وڃي ٿي. ڪوٽ اندر آبادي يا پوکي راهي جو ذڪر تاريخ مظهر شاھجهاني ۾ به موجود آهي. تڏهن سيوهڻ سرڪار ۾ شامل هيءُ ڪوٽ، نيرون ڪوٽ قلعي ۽ پرڳڻي جي نالي سان سڏبو هو ۽ ڪوٽ منجهان ڪاريز (واهه) وھڻ ۽ پوکي راهي ڪرڻ جو به ذڪر ملي ٿو. نئي نلي منجهان ڪوٽ ۾ وهندڙ واھ کي يوسف ميرڪ ڪاريز سمجهيو هوندو. ڪاريز ايران يا بلوچستان ۾ زير زمين وهندڙ واهه کي چيو وڃي ٿو. جڏهن ته تاريخ مظهر شاھجهاني ۾ نئي جو پاڻي جبلن مان وهي اچي ميداني علائقي ۾ چئن واهن جي صورت ۾ وهي پوکي راهي ڪرڻ جو به ذڪر ملي ٿو. ميان جي ڪوٽ جو تاريخ ڪلهوڙا دور ۾ ذڪر آهي ته ميان نصير محمد ڪلهوڙي نئي نلي وٽ هڪ ابڙي سالار جي مدد سان ڪوٽ ٺهرايو هو. شايد تڏهن کان هيءَ ڪوٽ مقامي طور ميان جو ڪوٽ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو.
منهنجي راءِ موجب هيءُ ڪوٽ ميان نصير کان اڳ شاهجهان مغل جي دور ۾ نيرون ڪوٽ جي نالي سان مشهور هو. ميان نصير هن ڪوٽ جي مرمت ڪرائي هوندي تنهن ڪري علائقي ۾ ميان جو ڪوٽ سان مشهور ٿيو. هتي هڪ وضاحت ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته نيرون ڪوٽ جي ذڪر سان تاريخ ۾ غلط درج ڪيل نه حيدرآباد جو پراڻو نالو يعني نيرون ڪوٽ سمجهڻ کپي نه وري بدر ابڙي موجب رني ڪوٽ سمجهڻ گهرجي. هيءُ نيرون ڪوٽ قلعو ۽ پرڳڻو الڳ هو جنهن بابت تفصيلي مطالعو مظهر شاھجهاني ڪتاب ذريعي ڪري سگهجي ٿو. يوسف ميرڪ ان وقت هن علائقي جي ماڳن ۽ پرڳڻن کي درج ڪندي ذڪر ڪيو هو. هن ڪوٽ ۽ پرڳڻي کي باغبان سان ملائڻ جو ذڪر به جاگرافي کي واضع ڪري ٿو. ٻيو ته جن پنهورن حوالي ڪيل وهندڙ واهه لکي ٿو انهن جو تعلق سامتاڻي ۽ ڳاها جي پنهورن سان ڄاڻائي ٿو. هن ڪوٽ بابت تحقيقي مواد ۽ بحث ڪتاب ڪاڇو هڪ اڀياس ۾ شامل آهي.
هن ڪوٽ جي نالي ۽ ڳوٺ واهي بابت تاريخ مظهر شاھجهاني ۾ درٻاري مورخ يوسف ميرڪ تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. لکي ٿو ته واهي جياسي (هاڻ واهي پانڌي) اصل ۾ سولنگين جو ڳوٺ هو جيڪو جيسلراءِ جي اثر هيٺ هو. تاريخي تذڪرن ۾ ذڪر ملي ٿو ته ڪاڇي ۾ سولنگين جون ست رياستون قائم هيون. خير يوسف ميرڪ وڌيڪ لکي ٿو ته هت نيرون ڪوٽ آهي جنهن مان هڪ ڪاريز (واهه) وهي ٿي، جنهن تي ڪوٽ اندر پوکي راهي ڪئي وڃي ٿي. ان کان سواءِ واهي جو پاڻي چئن واهن جي صورت ۾ ميداني علائقي ۾ وهي اچي ٿو جنهن تي ماڻهو پوکي راهي ڪندا آهن. پوءِ سيوهڻ جي مغل منصبدارن جيسلراءِ سولنگي کان واهي کسي اول باغبان (هاڻ مخدوم بلاول) پرڳڻي سان ملايو ۽ پوءِ نيرون ڪوٽ جي پرڳڻي سان ملائي واهي ڳوٺ کي پوٺي (هاڻ آراڙو ۽ پٽ سليمان) جي پنهورن جي حوالي ڪيو ۽ چارئي واهه چئن پنهورن جي حوالي ڪيا جيڪي ڍل ڀريندڙ هئا. مظهر شاھجهاني انهن پنهورن جا نالا به درج ڪيا آهن. نيرون ڪوٽ جو پرڳڻو سيوهڻ حويلي پرڳڻو سان منڇر وٽان دنگئي هو.
بهرحال، موجوده ميان جو ڪوٽ به واهي شهر وانگر قديم آهي. واهي جو اصل ڳوٺ ڪوٽيرو دڙو وارو ماڳ آهي جنهن منجهان اين جي مجمدار کي موهن جي دڙي، ميهي ۽ نال تهذيبن جا آثار مليا هئا. تيئن هيءَ ڪوٽ به قديم آهي ۽ مختلف دورن ۾ هن جا نالا تبديل ٿيندا رهيا. ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ مٿس نالو ميان جو ڪوٽ پيو جيڪو اڄ سوڌو رائج آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *