تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

واهي پانڌي رهواسي نينگر سورج لاشاري ڪنهن مسيحا جي منتظر … اميربخش رستماڻي

جيئن ته واهي پانڌي جي ڳوٺ پير بخش لاشاري ۾ 10 سالن جو نينگر سورج برھماڻي ڪافي وقت کان سخت بيمار آهي نينگر جي والد اشرف برهماڻي الهھ تلھه وڪڻي نينگر جي دماغ جو علاج ڪرايو آهي پر پنجن مهينن کان نينگر جي طبيعت ۾ ڪوبه سُڌارو نه آيو هن وقت صورتحال اها رهي آهي جو پورهيت اشرف برهماڻي وٽ ڪجهھ به ناهي بچيو پورهيت اشرف برهماڻي پنهنجي نينگر جي حياتي بچائڻ لاءِ سيوهڻ نوابشاهه حيدرآباد جي مختلف اسپتالن جا چڪر پئي ڪاٽيا ته ڪاڇي ۾ آيل ٻوڏ دوران پورهيت پنهنجا اجھا به بچائي نه سگهيو ۽ سندس هر شيءَ ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويو ۽ جڏھن نوابشاهه اسپتال جي ڊاڪٽرن مان نينگر جي امڙ کي اهڙا لفظ ٻڌڻ لاءِ ملن ته هن ڪيس کي ٻئي ڪنهن سٺي اسپتال منتقل ڪيو اسان کان زور آهي ته يقينن هڪ ماءُ لاءِ اهڙا جملا ڪنهن اذيت کان گهٽ ناهن جيڪا ماءُ مسلسل نينگر جي زندگي لاءِ اٺ مهينا سڪون واري ننڊ سُتي نه هُجي نينگر سورج هن وقت زندگي موت جي ٻئواٽي تي بيٺل آهي زندگي موت خدا جي هٿ آهي نينگر جي والد وٽ هاڻي ڪا شئ ناهي رهي نينگر جي هينئر علاج نه پئي ٿئي ۽ اها بيماري روزانو وڌنڌو پيو وڃي نينگر سورج لاشاري تڪليفن کي منهن ڏيئي رهيو آهي.
سورج لاشاري هن وقت پنهنجي گهر ڪنهن مسيحا جي انتظار ۾ آھي جيڪو کين اچي علاج ڪرائي ۽ هن نينگر جي زندگي بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي سگهي ٿو ته اوهان جي سهڪار سان پورھيت اشرف برهماڻي گلن جهڙي سورج کي مرجهائڻ کان بچائي سگهي ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ گورنمينٽ کي به معتبراڻا عرض آھي ته معصوم سورج لاشاري جو علاج ڪنهن سٺي اسپتال ۾ سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي وڃي ۽ سورج جي والدين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي مهرباني

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *