تازا ترين
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

وانڌڪائي کي وندر بنائڻ لاءِ PUBG گيم جو سھارو وٺو! … ثاقب ارشد لغاري

دوستو اوھانکي تـ ضرور خبر ھوندي تـ PUBG نالي ھڪ موبائل گيم پوري دنيا اندر مقبوليت ماڻي چڪي آهي ۽ دنيا جا تقريبن 80 سيڪڙو نوجوان ھن گيم ۾ مبتلا آهن ڇاڪاڻ تـ ٽيڪنالاجي جي دنيا ۾ انڊر ائڊ موبائل فون جي حوالي سان ھي پھرين متعارف ٿيندڙ گيم آھي جيڪا دنيا ۾ وڏي پيماني ھيٺ کيڏي وڃي ٿي. منهنجي خيال ۾ لاڪ ڊائون واري صورتحال ۾ اڃا بـ کيڏندڙن جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي ان ڳالهه ۾ ڪو بـ شڪ نـ آهي تـ ھي گيم بوريت جو بنھه دشمن آھي ڇاڪاڻ ته ھي گيم آن لائن کيڏي وڃي ٿي جنهن ۾ دنيا جا سئو ماڻهو ھڪ وقت کيڏي سگھن ٿا ۽ ان دوران ھڪٻئي سان ڳالھائي پڻ سگهن ٿا ساڳي طرح ھن گيم ۾ چئن ساٿين وارو فيچر پڻ رکيل آھي جنهن سبب اوھين پنهنجي دوستن سان گڏجي وانڌڪائي کي وندر بڻائي سگھو ٿا ڇاڪاڻ ته آئون پاڻ ھن گيم جي گرفت ۾ آھيان اھا ٻي ڳالهه آهي تـ مارڻ کان اڳ مري وڃي ٿو يا دشمن ڏسي ڀڄي وڃان ٿو اھڙي ريت ھن گيم جي فيچرز جي موافق ھڪ الڳ ئي سواد رکيل آهي جنهن کي اوھين خوب انجواء ڪري سگھو ٿا. اھڙي ريت ھن گيم ۾ کيڏندڙ ھڪ جھاز جي وسيلي ھڪ نقشي ۾ لاٿو وڃي ٿو جتي گھر ٺھيل ھوندا آهن ۽ اتان کيڏندڙ مختلف قسمن جون بندوق کڻي ٻين ماڻهن کي ماريندو آهي ياد رھي تـ مارڻ مرڻ کان علاوه ھن گيم ۾ ٺھندڙ ھڪ زون جو خاص خيال رکڻو ھوندو آهي اھڙي طرح ھڪ ڇتي جنگ کانپوءِ آخر ۾ جيڪا ٽيم يا ان جو ڪو ميمبر بچيو تـ مطلب بازي مارجي وئي.
ھن گيم جي حوالي سان سوشل ميڊيا ۾ ڪيترائي مزاحي ٽوٽڪا ڏسڻ وٽان ملن ٿا مثلن جيئن ھڪ اھڙو ئي قصو مونسان ۽ منهنجي ٽيم سان درپيش ٿيو ھڪ دفعي اسان ٽن ساٿين سان گڏ ھڪ غيرملڪي ھمراھه کي نيو ويو جنهن کي عورتاڻا ڪپڙا پھريل ھئا ۽ ان چڪر ۾ اسان ٽي ڄڻا سڄي گيم ۾ ان جي ڪڍ رھياسين ۽ ٽي دفعا کيس روائيو ڪري زندگي ڏنيسين آخر ۾ جڏهن ھمراھ چپ چوري ڪجهه ڳالهائڻ جي عنايت ڪئي تـ يقينن سندس جو مرداڻو آواز ٻڌي اسانجي دلين کي دکدائڪ ڇيھو رسيو ۽ اسان ٽنھين گڏجي ان مرد کي قتل ڪري ڇڏيو جيڪو ھن وقت تائين عورت ھجڻ جو ناٽڪ ڪري رھيو ھو. اھڙي طرح ھن گيم ۾ ڪافي سارا مرحلا ۽ نقشا رکيا ويا آهن جنهن سبب ھي موبائل فون جي پھرين گيم بڻجي چڪي آھي
ھي گيم جيڪا روز 6,50,000 & جو منافعو ڪمائي ٿي تنهن جي پويان آئرلينڊ جي ھڪ فوٽوگرافر بريندان گريني جو ھٿ آھي جنهن پنهنجي محنت سان دنيا کي ھڪ بھترين گيم سان متعارف ڪرايو جيڪو ڄائو تـ آئرلينڊ ۾ پر پوءِ ڪم جي حوالي سان کيس برازيل ۾ رھڻو پيو جتي ھن ڪٺن مرحلن کي منهن ڏيندي ڪاميابي جو دروازو کڙڪايو ۽ ھاڻي ھن جي تخليق ڪيل گيم دنيا ۾ اول نمبر تي کيڏي وڃي ٿي. يقينن اھڙي صورتحال ۾ ٻاھر وڃڻ بـ بيوقوفي آھي ۽ گھر ۾ رھڻ پڻ ٿورو مشڪل آهي تنھنڪري ھن گيم وسيلي بوريت کي ختم ڪري گھر رھڻ آسان بڻجي سگھي ٿو سو جيڪڏهن اوھين سچ ۾ بور ٿيو ٿا تـ يقينن ھينئر ئي PUBG گيم انسٽال ڪري چڪن ڊنر جو مزو وٺو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *