تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

والدين پنهنجي ٻارن جا پهريان ۽ سڀ کان وڏا استاد آهن … پون ڪمار منڌاڻ

ماءُ ۽ پيءُ اهي ديوتا آهن جن کي اسان پهريائين ۽ سڀ کان وڌيڪ ڏسون ٿا، اڄڪلهه گهڻائي والدين شڪايت ڪن ٿا ته انهن جا ٻار انهن جي عزت نٿا ڪن يا فرمانبردار نه آهن، مان انهن کي چوندس رڳو شڪايتون نه ڪريو پنهنجي اندر ۾ جهاتي پايو ۽ ڏسو ته اصل غلطي ڪٿي ٿي آهي؟ پيءُ ۽ ماءُ پنهنجي ٻارن جا نه رڳو پهريان ۽ سڀ کان وڏا استاد آهن پر اهي ٻارن جا سٺا صلاحڪار ۽ انهن لاءِ مثالي نمونا پڻ آهن، جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان جو ٻار غيرمعمولي بڻجي ته توهان کي به مثالي نمونو بڻجڻو پوندو جيئن اسان سڀني کي خبر آهي ته ٻار وڏا نقال آهن اهي اونهو مشاهدو رکندڙ ڌيان ڏيندڙ ۽ هوشيار آهن تنهنڪري اها ڳالهه ضروري آهي ته اسان انهن جي اڳيان سٺو مثال پيش ڪريون. عملي مثال لفظن کان به وڏي آواز سان ڳالهائيندا آهن.
ٻار پنهنجي والدين ۾ زندهه مثال تلاش ڪندا آهن، استاد ۽ وڏا ڪنهن ڇوڪري کي چوندا آهن “ سگريٽ ڪڏهن به نه پيجان” اها ڏاڍي خراب عادت آهي ۽ توکي نقصان ڏيندي. ڇوڪرو پنهنجي پيءُ کي سگريٽ ڇڪيندي ڏسي ٿو دل ۾ پاڻ کي چوي ٿو ”ماڻهو مونکي ٻڌائين ٿا ته سگريٽ ڇڪڻ خراب آهي پر بابا ته مزي سان سوٽا هڻي ٿو ۽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هو لطف پيو وٺي، مان به وڏو ٿي سگريٽ ڇڪيندس“
بهترين ڊسيپلين اهو آهي جيڪو پاڻ تي اختيار ڪيو وڃي جيسيتائين والدين پاڻ تي ڊسيپلين ۽ خود ضابطو نه لڳائيندا تيسيتائين پنهنجي ٻارن کي به ڊسيپلين جو پابند بڻجڻ جي اميد نه رکن. ڊسيپلين جو رڳو اهو مطلب ناهي ته خراب عادتن جهڙوڪ سگريٽ ڇڪڻ، شراب پيئڻ ۽ جوا کيڏڻ کان پاسو ڪجي پر اهو روزاني زندگي ۾ اخلاقي قدرن کي به لاڳو ڪرڻ جو معاملو آهي، ڪم ۾، گهر ۾ ۽ سنگت ۾ ڪڏهن به پنهنجي اصولن ۽ قدرن کان ڪڏهن به نه هٽو. ٻارن ۾ ڪجهه ٻيون خوبيون ۽ لڇڻ به پيدا ڪجن، اهڙيون خوبيون جيئن صبر، برداشت، همدردي، معافي وغيره، اهي خوبيون رڳو نصيحت يا ليڪچرن ڏيڻ سان پيدا نه ٿينديون پر جڏهن هو توهان کي انهن تي عمل ڪندي ڏسندا ته هو خوشي سان اخٿيار ڪري وٺندا.
ڇا توهان ڪن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ڪراڙي ماڻهو جي ڪمري ۾ گهڙڻ وقت ادب سان اٿي بيهي ڪري عزت ڪندي ڏٺو آهي؟ ڇاتوهان ڪن ٻارن کي ڏٺو آهي ته هو جڏهن ڪنهن بس ۾ يا ڀريل هال ۾ وڏي عمر جي ماڻهن کي ڏسن ٿا ته پنهنجون سيٽون ڇڏي اٿندا آهن، اهڙو اخلاق انهن کي پنهنجا والدين ئي عمل ذريعي سيکاريندا آهن، هر عمل ۾ محبت شامل هجڻ گهرجي ته جيئن ٻار کي اها پڪ ٿئي ته اهو هن جي پنهنجي فائدي لاءِ آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *