تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

وائرس ۽ اسان جي سوچ … ڊاڪٽر امداد علي شيخ

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس تمام تيزيءَ سان پکڙجي رھيو آھي.وائرس جي ڦھلاءُ جي رفتار ۽ وائرس وگھي مرندڙن جي شرح کي ڏسي ڊاڪٽرس ۽ صحت جو عملو رات ڏينھن مريضن کي سروس ڏيڻ لاءِ سدائين وانگر موجودھ سھولتن جي آڌار آھر پنھنجي ڪم ۾ رڌل آھن. افسوس ان ڳالھه جو آھي، جو ھن وقت تائين ماڻھو ھن وبا کي بيماري سمجھڻ لاءِ تيار نه آھي.ڪورونا ھر ماڻھو لاءِ ھڪ نئون موضوع آھي ۽ ھر ھڪ پنھنجي راءِ رکي ٿو حالانڪه ڪورونا اصل ۾ ميڊيڪل مسئلو آھي. ھن وقت تائين نه حڪومت سنجيدگي سان ڊاڪٽرس جي ڳالھين کي کنيو آھي نه ڪي عام ماڻھو اُن تي عمل پيرا ٿيا آھن. اڄ صبح منھنجي دوست لاھور کان فون ڪري پڇيو ڊاڪٽر صاحب ھي ڪورونا آھي به سھي يا ڪوڙ آهي، ماڻھو ٿا چون جيڪي مريض اسپتال پھچن ٿا اتي مريضن کي زھر جي سئي ھڻي ماري ڪورونا جي کاتي ۾ لڳائي ڊالرس ٿا وٺن.لاڙڪاڻي ۾ وٺ سٺ لڳي پئي آھي مون سوچو توھان کان پڇان آخر ماجرا آھي ڇا؟ ھي حال آھي، اسان جي پڙهيل ڪڙهيل خاندان جي فرد جو جيڪو پاڻ ڪجھه وقت ٻاھرين ملڪن ۾ پڻ گذاري آيو آهي، خاندان جا چڱا ڀاتي ھن وقت به ملڪ کان ٻاھر رھندا اٿس. پاڻ احوال ڪندي ان ڳالهھ جو به ذڪر ڪندي چيائين ته لاڙڪاڻي ۾ گذريل ھفتي فوتگين جو انگ ڪافي وڌيڪ هو، آخر ۾ ھڪ سٺي ڳالھه تان گفتگو ختم ڪندي چيائين ته يار ڳالهھ ڪجهھ به ھجي مان ڊاڪٽرن جي طرف کان مليل ھدايتن تي سختي سان عمل ڪندو آھيان.
دنيا ۾ ڪورونا وائرس جو زور ھاڻي گھٽجڻ لڳو آھي پر اسان وٽ اڃان به سندس جوڀن ۾ زور آيو آهي اڳ جي مقابلي ۾ ھاڻي مريض تمام تيزي سان وڌي رھيا آھن، حالانڪ سنڌ حڪومت سڀ کان پھريان لاڪ ڊائون ڪيو سٺا اُپاءُ ورتا، شروع وارن ڏينھن ۾ سنڌ حڪومت ڊاڪٽرن جي ڳالھين تي ڪنھن حد تائين پورائي جي ڪوشش ڪئي. حڪومت پھرين مارچ کان تعليمي ادارا بند ڪرڻ جا آرڊر ڪڍيا،14 مارچ کان، شادي حال ۽ وڏن ميڙاڪن تي پابندي جا آرڊر به ڪڍيا، اھڙي طرح آھستي آھستي ٽرانسپورٽ کي بند ڪري ڇڏيو ۽ جمع نماز جا اجتماع گھٽائيندي گھٽائيندي مڪمل لاڪ ڊائون پڻ ڪيو. جڏھن ته اسان وٽ پھريون ڪيس 26 فيبروري تي ڪنفرم ٿيو، اھو ھڪ شاگرد ھو جيڪو 18 فيبروري تي ايران مان آيو ھو.
ماڻھن ڪجهھ وقت خاموش رھي، حڪومت مٿان ٺٺوليون ڪيون، آخر عيد مٿان آئي ماڻھن جو پريشر وڌيو، حڪومت قانوني حڪمن کي مڃيندي پنھنجا آرڊر واپس ورتا، ھيڏانھن ڊاڪٽرس بار بار التجا ڪندي ھدايتون ڏيندا رھيا ۽ نرمي جي مخالفت ڪندا آيا. ڊاڪٽرس ايندڙ وقت ۾ پيچيدگين لاءِ مختلف فورمس ۾ ڳالھائيندا رھيا، جنھن تي ڪنھن به ڌيان نه ڏنو.ڪنھن اداري يا اسان جي ماڻھن کي ڊاڪٽرن جي ڳالھه سمجھ ۾ نه پئي آئي، ھنن کي ته عيد ۽ عيد جي خريداري پياري ھئي، بھرحال ڊاڪٽرس پنھنجو ڪم محدود وسيلن ھوندي به جاري ساري رکيو، ھن سفر ۾ اسان جا پنھنجا پيارا ڊاڪٽر پنھنجو فرض نڀائيندي زندگيون قربان ڪيون. ھاڻي تائين ماڻھن ۾ اھا ڳالھه ذھن نشين ٿيل آھي.
* ڊاڪٽر اسپتال ۾ زھر جي سئي ھاڻي مارن ٿا
*ڊاڪٽر مريض کي ماري ڊالرز ٿا وٺن
*ڊاڪٽر ڄاڻي واڻي ٽيسٽ ۾ ڪورونا ٿا ڏين
*واپارين کي بليڪ ميل ڪري حڪومت ۽ ڊاڪٽر پيسا ٿا وٺن جنھن شھر ۾ پيسا نه ٿا ملن اتي لاڪ ڊائون ٿو لڳي.
*ڪورونا آھي ئي نه اھو سڄو ڪوڙ آھي.
ٻئي پاسي اسان جي سوشل ميڍيا تي غيرحقيقي غير سنجيدا نيون ڳالھيون، نوان نسخا. ڏٺي جنھن ھريڙ به ناھي اھو به فيس بڪ تي ڪورونا علاج جون نيون نيون تجويزون لکي ھڻندو.اسان جا ماڻھو ايترا ته سادڙا آھن جو ھِنَ ھُنَ جون ڳالھيون ٻڌي، اُنَ تي ويچاريندا پر صحيح ڳالھين تي ڌيان ڏکيو ڀائيندا. دنيا ۾ ڪورونا وائرس جو زور ھاڻي گھٽجھڻ لڳو آھي ، جڏھن ته ھتي وائرس جي ڦھلاءُ ۾ اضافو ٿيندو ٿو وڃي، جنھن ۾ گھڻن جو خيال آهي ته حڪومت جي خراب پاليسي به سمجھي وڃي ٿي، صرف حڪومت کي ڏوهاري سمجھڻ به ٺيڪ نه آھي، صحت جو ذميوار ماڻھو پاڻ ھجي ٿو، پاڻ کي بيماري کان بچاءُ جي مليل ھدايتن تي عمل ڪرڻ کپي جيڪو نه ٿو ڪيو وڃي.
ڊاڪٽرس جي ھدايت
*غير سنجيدا، غير حقيقي ڳالھين کان پاسو ڪرڻ.
*ھٿن کي صابڻ سان صاف رکڻ.
*گھر ۾ رھڻ ، ٻاھر نڪرڻ کان پاسو ڪرڻ.
*ڪنھن وڏي ميڙاڪي ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ.
*ڪنھن ضروري ڪم لاءِ گھر کان نڪرو ته، منھن تي ماسڪ،ھٿن ۾ گلووز استعمال ڪيو.
*ڪنھن سان ھٿ ملائڻ، گلي لڳائڻ کان بھتر ٿيندو سلام ڪرڻ.
*جيڪڏھن توھان کي کنگهھ، بخار،جسم ۾ سور ٿئي، پنھنجي ڊاڪٽر سان فون تي، يا روبرو ملي علاج شروع ڪرڻ.
ڪورونا ھڪ حقيقت سان گڏ ، صحت جو مسئلو آھي، مھرباني ڪري ڊاڪٽر سان ڪنسلٽ ڪري، مليل ھدايتون ۽ علاج شروع ڪيو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *