تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

وائرس جي تاريخ ۽ آکاڻي جنھن دنيا بدلائي ڇڏي …مشتاق سعيد

دنيا تي ڪورونا وائرس جي دھشت ڦھلجي وڃڻ کانپوءِ ھن وقت ھر ننڍي وڏي جي وات تي وائرس جو نالو آھي اچو ته وائرس جي ماضي جي تاريخ ۾ جھاتي پائي ڏسون ته وائرس انسان آڏو ڪيئن نمودار ٿيو ھو، اھو سال 1892ع جو زمانو ھو جڏھن روس جو ھڪ حياتياتي ماھر اوانوسڪي (Ivanowsky) پنھنجي سادي خوردبيني ۽ ڪجھه ٻين اوزارن سان مٿا ڪٽ ڪري رھيو ھو سندس سامھون تماڪ جي وڻن جا ڪجهھ پن پيل ھئا جيڪي ڪنھن بيماري سبب گھنججي ۽ داغدار ٿي پيا ھئا، ان زماني کان اڳ تائين حياتياتي ماھرن جو خيال ھو ته ٻوٽن توڙي جانورن ۾ جيڪي به بيماريون ڪنھن جراثيم ذريعي ٿين ٿيون انھن جو سبب ننڍڙا مفت خور جيوڙا يا بيڪٽيريا ئي آھن ڇو ته بيڪٽريا کان ڪو ننڍڙو جراثيم ان وقت تائين ڪا اک ڏسي نه سگھي ھئي، ان وقت ڪجھه بيمارين ماھرن کي منجھائي وڌو ھو ڇو ته ڪجھه اھڙيون بيماريون به ظاھر ٿينديون ھيون جن جي نوعيت ڏسي اندازو ڪيو ٿي ويو ته اھي ڪنھن جراثيم ذريعي پيدا ٿيون آھن پر بيڪٽريا کان ننڍڙو ٻيو ڪو جراثيم ڪنھن ڏٺو ئي نه ھو ۽ نه ئي ڪنھن سوچيو ھو، تماڪ جي وڻ جي پنن کي لڳل بيماري سبب پن گھنجدار ٿي داغجي پوندا ھئا پر خبر نه ٿي پئي ته اھا بيماري ڇو ۽ ڪيئن ٿي وڻن کي لڳي؟ سو اوانوسڪي به تماڪ جي بيمار پنن تي تحقيق ڪري رھيو ھو ھن وڏي مٿا ماري کانپوءِ اھو نتيجو ڪڍيو ته بيماري جا اثرات ڪنھن زھريلي چيز جي اثر جھڙا ئي آھن سو ڪا ننڍڙي زھريلي شي آھي جيڪاھي بيماري پيدا ڪري ٿي، اھڙي دريافت بعد لاطيني ٻولي ۾ انھن زھريلن ذرڙن کي، جن کي اڃا ڏٺو ئي نه ويو ھو، نالو ڏنو ويو وينوم (Venom) يعني زھر، لاطيني ٻولي جي لفظ وينوم کي ڪيئي سال پوءِ بدلائي چيو ويو وائرن (viron) ۽ اھو لفظ اڳيان ھلي وائرس (virus) بنجي پيو جنھنجي معنيٰ آھي زھر، اھڙي ريت اوانوسڪي اھو پھريون ماڻھو ھو جنھن وائرس جي دريافت ڪئي ۽ سڃاڻپ ڪرائي پر ان وقت جديد اوزار نه ھجڻ ڪري ڪو انسان حقيقي وائرس کي ڏسي نه سگھيو ھو.
سال 1935ع ۾ حياتيات جي سائنسي دنيا ۾ وڏو انقلاب ان وقت آيو جڏھن اليڪٽران مائڪرو اسڪوپ ايجاد ٿي تڏھن وينڊل اسٽينلي (wendell stanley) اھو پھريون سائنسدان ھو جنھن تماڪ جي بيماري ورتل پنن جو جائزو اليڪٽران مائڪرو اسڪوپ ذريعي ورتو ۽ ھي ئي اھو ماڻھو ھو جيڪو تماڪ جي پنن کي لڳندڙ حقيقي وائرس کي ڏسڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ دنيا آڏو اعلان ڪيائين ته ھا بيڪٽيريا کان به ننڍڙو وائرس موجود آھي جيڪو بيمارين جو سبب بڻجي ٿو، دنيا ھن دريافت تي حيران ٿي وئي ۽ ڪيترائي سائنسدان پوءِ ھٿ ڌوئي وائرس جي پويان پئجي ويا ۽ ھنن سوين قسمن جا مختلف وائرس مختلف ٻوٽن ۽ جانورن ۾ ڳولي ڪڍيا ۽ اھڙي ريت دنيا آڏو وائرس جي حقيقي سڃاڻپ، بناوت ۽ سندن ڪم ظاھر ٿي پيو.
اليڪٽران مائڪرو اسڪوپ ايجاد ٿيڻ کانپوءِ مختلف وائرسز جي بناوت جانچي وئي جيڪي مختلف شڪلين ۽ سائيز جا ھئا پر سڀني وائرسز ۾ جيڪي ھڪجھڙايون ھيون اھي ھن ريت ھيون ته سمورا وائرس جيو گھرڙي (cell) جا ٺھيل ناھن ۽ سيل جاندارن جي بناوت جو بنيادي ايڪو آھن تنھن ڪري وائرس کي زندهه تصور نٿو ڪيو وڃي، سمورا وائرس صرف پروٽين جي پردي ۾ بند ذرڙا آھن جن اندر تيزابيت وارو مادو (DNA) يا (RNA) ويڙھيل حالت ۾ پيل ھوندو آھي ۽ بس، وائرس جڏھن به ڪنھن زندهه جسم کان ٻاھر ھوندا آھن تڏھن ھو زندهه نه ھوندا آھن مطلب ته انھن ۾ زندگي جي ڪا به خاصيت يعني ساھه کڻڻ، کاڌو کائڻ، پيدائش ڪرڻ يا چرپر ڪرڻ جي صلاحيت نه ھوندي آھي پر جڏھن اھي وائرس ڪنھن جاندار جي جسم ۾ داخل ٿي ويندا آھن ته ھو جاندارن جي جيو گھرڙن (Cells) جي مشينري استعمال ڪري چر پر ڪري سگھندا آھن ۽ پيدائش ڪري پنھنجو نسل وڌائي سگھندا آھن ۽ پوءِ جيو گھرڙن کي تباھه ڪرڻ لڳندا آھن ۽ ائين بيمار ڪري وجھندا آھن، جاندارن جي جسم کان ٻاھر ناڪاره ٿي وڃڻ ۽ جيو گھرڙي جا ٺھيل نه ھجڻ ڪري وائرس کي غير جاندار سمجھيو وڃي ٿو پر منجھس ڊي اين اي يا آر اين اي ھجڻ ۽ زندهه جسمن ۾ پيدائش ڪري نسل وڌائڻ وارين خاصيتن کي زندهه ھجڻ جون خاصيتون چئي سگھجي ٿو ان ڪري حياتيات جي ماھرن جو چوڻ آھي ته وائرس مڪمل جاندار به ناھن ۽ مڪمل غير جاندار به ناھن پر وائرسز جاندارن ۽ غير جاندارن جي وچ واري لڪير (Border) تي بيٺل آھن.
عام وائرس جي سائيز 20 نينو ميٽر کان 250 نينو ميٽر تائين ٿيندي آھي پر ھن وقت دنيا تي راڄ ڪندڙ ڪورونا وائرس جي سائيز عام وائرس جي ڀيٽ ۾ وڏي يعني 400 کان 500 نينوميٽر ٻڌائي پئي وڃي، اھو ئي سبب آھي جو ڪورونا وائرس جو وزن ۽ سائيز وڏي ھجڻ ڪري اھو وائرس ھوا ۾ پري تائين پکڙي نه ٿو سگھي، ھي ھڪ ماڻھو کان ٻئي ماڻھو ۾ صرف ٿوري فاصلي تي بيٺل ھجڻ سان ئي لڳي سگھي ٿو، سندس ان خاصيت کي نظر ۾ رکندي جديد دنيا احتياطي تدبيرن ۾ سماجي فاصلي جو اصطلاح گھڙي ورتو آھي، ياد رکو ته ڪو ھڪ وائرس ڪنھن انسان کي ڪجھه نٿو ڪري سگھي پر جڏھن جسم ۾ داخل ٿي وائرس پيدائش ڪري پنھنجا ڪروڙين ٻچا ڄڻي وٺندو آھي تڏھن ئي بيمار ڪري سگھندو آھي بلڪل ائين ئي جيئن مليريا جو بخار پيدا ڪندڙ جراثيم جڏھن جسم اندر تعداد ۾ ايترو وڌي ويندو آھي جو ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ رت جو جيڪو ڦڙو ڪڍيو ويندو آھي ان ۾ جراثيم موجود ھوندو آھي مطلب ته جراثيم ڪروڙن جي تعداد ۾ ھوندو آھي ۽ رت جي ھر قطري ۾ موجود ھوندو آھي تڏھن ئي بيمار ڪري سگھندو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *