تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

هڪ ڏينهن جي ڳالهه … ڊاڪٽر نواز علي شوق

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ واري شاهه جي رسالي جون ڪيتريون ئي خوبيون آهن، ان ۾ شاهه صاحب جي مستند سوانح ڏنل آهي، 50 قلمي نسخن ۽ 16 ڇاپي رسالن جي روشني ۾ تحقيق ڪري شاهه صاحب جو مستند ڪلام ڏنو ويو آهي، هر سر ۾ سمايل فڪر داستان وار بيان ڪيو ويو آهي، ان جي سر (راڳ) بابت پڻ سمجهايو ويو آهي، زيرون زبرون ڏيئي لفظن جو صحيح اچار نروار ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪو شاهه جو بيت غلط نه پڙهي اڪثر ڏٺو ويو آهي ته وڏا اديب، پروفيسر ۽ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر شاهه جا بيت غلط پڙهندا آهن، اچو ته اهڙو هڪ واقعو اوهان کي ٻڌايان.
هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته شاهه لطيف جي سالياني ميلي جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس ۾ هڪ اديب پنهنجو مقالو پڙهندي شاهه جي بيت جي پهرين سٽ هن ريت پڙهي
گجر کي گجميل جون، تارن ۾ تبرون
جڏهن سڄو بيت پڙهي پورو ڪيائين ته استاد عطامحمد حامي داد ڏيندي کيس چيو ته واهه واهه اهو گجر وارو بيت وري پڙهه، هن سمجهيو ته واقعي داد ملي رهيو آهي تنهنڪري وري اهو بيت گجر بجاءِ غلط تلفظ سان گجر چئي پڙهيائين هال ۾ کل جا ڪوڪرا مچي ويا، ڪن تاڙيون وڄايون ڪن چيو ته واهه سائين واهه ڪمال ڪري ڇڏيو، اهڙا تماشا شاهه لطيف ڪانفرنس ۾ ٿيندا رهندا آهن،
اهو پروفيسر ۽ ڊاڪٽر يونيورسٽي ۾ وڏن عهدن تي براجمان رهيو، اتي استادن کي شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪرايائين، سندس شاگردن ۽ شاگردياڻين وري ٻين ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي استادن کي شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪرائي، افسوس جي ڳالهه آهي ته جن کي شاهه لطيف جو هڪ بيت به صحيح نموني پڙهڻ نٿو اچي سي شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪرائي رهيا آهن، صدقي وڃان ڀٽائي تنهنجي نانءُ تان جيئري توڙي مئي سنڌين سان تنهنجو اهوئي پيار برقرار آهي، ڪامورا تنهنجي نالي ۾ ترقياتي ڪمن ذريعي ڏوڪڙ ڪمائي رهيا آهن، ڪي توتي پي ايڇ ڊي ڪري پندرهن هزار ماهوار الائونس کڻي رهيا آهن، ته ڪي پروفيسر وري توتي تحقيقي ڪرڻ جي بهاني پلجي رهيا آهن، بيشڪ تو سنڌين سان اهڙو نينهن جو ناتو نڀائيو آهي جنهن جو ڪو مثال نٿو ملي
جيئي لطيف-جيئي لطيف جي ٻولي

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *