تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

هڪ ٻئي ڊپ جو جنم…چندر \ طفيل مگسي

ضعيف ڪلارڪ جيب مان سڄي مهيني جي پگهار ڪڍي کٽ تي رکي ۽ وھاڻي جي هيٺان قرضين جي فهرست ڪڍي.حساب ڪتاب ڪرڻ کانپوءِ باقي هن وٽ پنجاهه رپيا بچيا هئا ۽ اڃا ايڪٽيهه ڏينهن پيا هئا.ڪمري ۾ ھو اڪيلو هو .ٻارڙن جون ضرورتون ۽ زال جون خواهشون فلم جي ريل جيان هن جي اکين اڳيان گذرڻ لڳيون.زال جي گهربل خواهشن تي ليڪ ڏيندي هن کي ٿوري تڪليف ٿي پر هن کي احساس ٿيو ته ائين پهريون ڀيرو ناهي ٿي رهيو.
پنهنجي ڦاٽل پتلون تي نظر پيس ۽ وري پوءِ ڦاٽل جوتن تي اڃا هو ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو ته زال اندر اچي ويس ۽ پنجاهه جو نوٽ کڻي چيائين“مون کي ناهي خبر.“منهنجي ڳالھ ٻڌ“ “بلڪل“ “ٿڌ شروع ٿي وئي آهي۽ …“ “جوتن کان وڌيڪ ضرورت تنهنجي دوا جي آھي“ هن ڪجهه نه ڪڇيو.هن نڙي کان اٿندڙ کنگهه زوري روڪي ورتي ته جيئن هن کي کنگهندو ڏسي زال ڊاڪٽر کي نه وٺڻ وڃي؛؛؛؛

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *