تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

هڪ فقيري روح جيڪو اڄ به اڀ مان مرڪي رهيو آهي … زبيده برواڻي

ڪي فرد هن وشال ڌرتيءِ جي ڪينواس تي پنهنجي شخصيت جا اهڙا رنگ چٽي ويندا آهن جيڪي سدائين لاءِ ماڻهن جي دلين تي نقش ٿي ويندا آهن. هو پنهنجي حياتيءَ جا سمورا پل پنهنجي ماڻهن جي خوابن جي ساڀيان جي پويان وقف ڪري ڇڏيندا آهن. هڪ ڏينهن اوچتو هو آڪاش جي ڪنهن تاري ۾ سمائجي ويندا آهن ۽ پوءِ سدائين لاءِ اُڀ مان مرڪندا رهندا آهن.ڪجھه خبرون ته پنهجي اندر ۾ اهڙو ڏڪاءُ کڻي اينديون آهن جنهن جي ٻڌڻ لاءِ ذهن بلڪل به تيار ناهي هوندو. 2 جون جي رات به هڪ اهڙي ئي رات هئي. مان پنهنجي دوست زينب سان گڏ پنهنجي گھر۾ ڪچهري ۾ مگن ويٺل هئس، اوچتو نصير اندر گھر ۾ داخل ٿيندي مونکي سڏي چيو ته ڪنهن هن کي فون تي اطلاع ڏنو آهي ته مرتضٰي بلوچ جي وفات ٿي ويئي آهي.پر تون ٽي وي کولي خبرون ڏس.مونکي بلڪل به نصير جي ڳالهھ تي يقين نه آهي مان دل ۾ چوندي رهيس الله ڪري اها خبر ڪوڙي هجي. مان ڏڪندڙن هٿن سان ٽي وي کولي ته اوڏي مهل ڪا به خبرمونکي خبرن ۾ نظر نه آئي ته منهنجي دل سڪون جو ساھه کنيو. وري دل ۾ خيال ٿيو ته ڀلا ادا مصطفٰي بلوچ کان معلوم ڪريان. مون تڪڙ مان هن کي فون ملايو. ادا مصطفٰي جو سوز ڀريو آواز هن ڳالهھ کي ڪنفرم ڪري ويو ته واقعي ادا مرتضٰي هن جهان مان هليو ويو آهي. هِن خبر صفا جيءَ کي جھوري وڌو.
ڪراچي جي من موهيندڙ پهاڙ ۽ ساوڪ جي پوشاڪ اوڍيل زرخيز ٻنين جي وادي گڏاپ ۾ جنم وٺندڙ مرتضٰي بلوچ ڪنهن به تعارف جو محتاج نه هو. هن جي سياسي ڪيئرير جو سفر ايترو طويل ته نه هو پر هن جو هي سياسي سفر هرگز به وسارڻ جهڙُو ناهي. هن جوخانداني پسمنظر ڪراچي جي سڄاڻ خاندان سان سلهاڙيل رهيو آهي. مرتضٰي، انور بلوچ جو ننڍو ڀاءَ هو. جيڪڏهن اسان سماجي خدمتن جي ڳالهھ ڪنداسين ته انور بلوچ صاحب جو نالو به سماجي خدمتن ۾ سدائين اڳڀرو رهيو آهي. مرتضيٰ ۽ سندس سياسي ڪيريئرجي شروعات گڏاپ ٽائون جو ناظم مقرر ٿيڻ سان ٿيو. انهي کان پوءِ ٻه دفعا سنڌ اسيبلي جو ميمبر بڻيو۽ وزير جي عهدي تي فائر هوندي پنهنجي آخري سفر تي روانو ٿي ويو . مرتضٰي توڙي جو هڪ سکئي ستابي خاندان جو فرد هو پر سندس ذات ۾ فقيريءَ جي جھلڪ هئي. ذات جي فقيري ڪنهن فرد جي اهڙي ته انوکي صفت هوندي آهي جيڪا ان فرد کي سڀني کان الڳ ڪري بيهاري ٿي. کوڙ سارا ماڻهو پوري ڄمار پنهنجي انا جي قيد مان پنهنجي پاڻ کي ڇڏرائي نه سگھندا آهن. مرتضٰي جي ذات انهن سڀني شين کان پري هئي. هر وقت هن جي چهري تي هڪ مرڪ رهندي هئي جيڪا ڪٺور دلين کي به موهي وجهندي هئي.هو انتهائي ٿڌو مزاج ۽ ڌيمو آواز رکندڙ انسان هو. سياست ۾ وک رکندي هن اهي سڀ گُڻ سکڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي هر سياست ڪندڙ فرد کي سکڻ گھرجن. هو عوام دوست انسان هو. جڏهن ناظم هو تڏهن به عوامي رابطي ۾ ڀرپور طور رهيو ۽ جڏهن سنڌ اسيمبلي جو ميمبير ٿيو تڌهن به هن پنهنجي عوامي انداز کي زنده رکيو. مرتضٰي جي طبيعت ۾ اها ڏات قدرت واري رکي هئي ته هو ماڻهن کي پنهنجو ڪرڻ ڄاڻندو هو ۽ اهو مزاج هن جي خانداني تربيت جو ثمر پڻ هو جنهن هن کي انا پرست ٿيڻ نه ڏنو. مرتضيٰ جو هر انداز عوام دوست ۽ هڏ ڏوکي هو. انهي ڪري هن کي پنهنجي ماڻهن جي پرواه هوندي هئي. اها ئي وجھ هئي جو مرتضٰي سدائين سندس در ماڻهن لاءِ کليل رکيا .
اها پنهنجي جڳهھ تي واضح حقيقت آهي ته مرتضٰي جي بي وقتي موت ۽ سياست ۾ هن جو خال ايترو جلدي نه ڀرجي سگھبو. پر هي دنيا هڪ اچ وڃ وارو وايو منڊل آهي. هي دنيا پنهنجي ڇاتيءِ ۾ هڪ انوکي ڇڪتاڻ پيدا ڪري طوفان جيان دل ڏڪائيندڙ جهٽڪا ڏيندي ٿي رهي. پرپوء به فطرت جي نظام تي اڻٽٽ يقين آهي ته مرتضٰي جي کنيل وکن مٿان وکون رکي ڪو اهڙو فرد هنن مارن جو ضرور واهرو ٿيندو. سندس تسلسل ۾ هڪ اهڙو گهرجي فرد جنهن وٽ سياست جا جديد نظريه هجن، جيڪو نئين طرز جي سياسي لاڙن تي گھري نظر رکندڙ هجي ته پوء مرتضٰي جي پوکيل پوک سجائي ٿيندي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *