تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

هڪ غلام عورت جيڪا پوءِ ليجنڊ بڻجي وئي….

هي ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن ٽپالين لاءِ اولهه خاص ڪري آمريڪا جي ڏورانهن علائقن ۾ وڃي ماڻهن تائين سندن سامان پهچائڻ وارو ڪم ايترو سولو نه هو، انهن کي هر وقت ڌاڙيلن ۽ ڦورن جو خطرو رهندو هو، اڪثر ٽپالي ڦرجي ويندا هئا.
پوسٽ سروس جي ٺيڪيدارن پاران فقط اهڙا ماڻهو رکيا ويندا هئا، جيڪي تيز هجن، بهادر ۽ خوفناڪ هجن. 1885ع ۾ انهن هڪ آفريڪي آمريڪن عورت کي ان نوڪريءَ لاءِ ڀرتي ڪيو.
ان جو نالو ميري فيلڊس هو، کيس اسٽيج ڪوچ ميري به چوندا هئا. هوءَ چوٽيءَ جي پياڪ هئي، ڳالهائڻ جي صفا ڇڙي، ڪنهن کي ليکي ۾ ئي نه آڻيندي هئي.
هوءَ ڳورن جي ڪنٽرول هيٺ آيل علائقي ۾ هڪ غلام جي حيثيت ۾ پيدا ٿئي، سندس غلامي وارو رتبو 1865ع ۾ ان وقت تبديل ٿيو، جڏهن غلامي کي قانوني طور ختم ڪيو ويو، ان کانپوءِ هوءَ مڪمل آزاد ٿي وئي. ڪجهه وقت هن فلوريڊا ۾ گذاريو، جتي هوءَ هڪ خانقاهه ۾ ملازمت ڪندي هئي، سخت قسم جو پورهيو ۽ ڪم هن لاءِ ڪو نئون نه هو، ساڳئي وقت هو شروع کان وٺي تمام گهڻو شراب پيئندي هئي. سندس شوق ۾ شراب پيئڻ کانسواءِ نشاني بازي هن جا محبوب مشغلا هئا. خانقاهه جون راهبائون هن مان خوش نه هيون، جنهن جو هڪ سبب هن جو رويو ۽ لاڳيتو پگهار وڌائڻ جو مطالبو به هو.
ان وقت ڪنهن ڪاري چمڙي واري عورت لاءِ ڪنهن کان ڪو مطالبو ڪرڻ به حيرت جهڙي ڳالهه هئي، پر هو ان وقت راهبائن سان وڙهندي رهندي هئي. هڪ ڏينهن اهڙو به آيو جو ميري فيلڊس خانقاهه جي مرد چوڪيدار سان جهيڙي بعد مٿس بندوق تاڻي ورتي، جيتوڻيڪ، ان ويڙهه ۾ ٻنهي مان ڪنهن کي نقصان ته نه رسيو پر نتيجو اهو نڪتو جو راهبائن ميري فيلڊس کي ملازمت تان فارغ ڪري ڇڏيو.
اتان فارغ ٿيڻ کانپوءِ هو ڪجهه وقت مختلف قسم جا ڪم ڪندي رهي، جهيڙاڪ هئڻ ڪري هن جي ڪافي مشهوري ٿي چڪي هئي، اهو ئي سبب هو جو پوسٽل سروس جي هڪ ٺيڪيدار کيس “اسٽار روٽ” ٽپال سروس لاءِ مقرر ڪيو.
ان وقت سرڪار پاران ٽپال جو نظام هلائڻ لاءِ ٺيڪي تي ڪم ڏنو ويندو هو، هر رستي لاءِ ڌار ڌار ٺيڪيدار هوندا هئا، انهن کي اسٽار روٽ چيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته ٺيڪيدار لاءِ ٽي لازمي شرط هوندا هئا، شفافيت، اعتماد ۽ تحفظ.
اهي ٽيئي خاصيتون ٽپال جي منتقلي لاءِ لازمي هونديون هيون، جيڪو به ماڻهو ان ٽن ڳالهين تي پورو لهندو هو، ان کي ٺيڪيدار پاران مقرر ڪيو ويندو هو.
ميري فيلڊس اهو ڪم شروع ڪيو، وٽس هر وقت هٿيار هوندو هو، هوءَ ڪنهن به وقت سامان جي منتقلي لاءِ پهچي ويندي هئي، چور ۽ ڌاڙيلن هن جي رستي ۾ اچي نه سگهندا هئا، هوءَ بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي رستن تي هلندي هئي.
ٽرينن تي وڃڻ، سامان گڏ ڪرڻ ۽ پوءِ اوجهڙ رستن تي سفر ڪري ماڻهن تائين انهن جا خط ۽ بيو سامان پهچائڻ وارو ڪم هن ايترو ته پابندي ۽ ايمانداري سان ڪيو جو کيس “اسٽيج ڪوچ ميري” جو خطاب ڏنو ويو. جيڪڏهن سردين ۾ رستا برف سان ڍڪجي ويندا هئا ۽ سندس ٽانگي جي گذرڻ لاءِ ڪو رستو نه هوندو هو ته هوءَ ڊگها بوٽ پائي پند نڪري پوندي هئي پر پنهنجي ڪم ۾ رنڊڪ پوڻ نه ڏيندي هئي.
هوءَ جيترو پنهنجي ڍنگ ۾ سخت هئي، اوترو ئي پنهنجي ملازمت سان سچي هئي، واپاري طبقي ۽ ٻين ماڻهن طرفان هن تي مڪمل اعتماد ڪيو ويندو هو. هن جو جهيڙاڪ هئڻ، بهادري ۽ قابل اعتماد رويي کي هميشه ان ڳالهه تي همٿايو ته ڪم ۾ ڪڏهن به ڪا رڪاوٽ نه هلي، پوءِ ڀلي کڻي برسات هجي يا برف باري هجي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *