تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

هڪ خوشي ماڻيندڙ شخص … پون ڪمار منڌاڻ

هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ مان هڪ بزرڳ سان مليس هن کي ڏسڻ سان ئي دل ٺري پئي، هن جو منهن ٻارن جهڙو هو ۽ سندس وڏين چمڪدار اکين ۾ امن جي روشني ٻري رهي هئي، هن جو وجود خوشي پکيڙي رهيو هو ۽ هن جي ويجهڙائي ۾ دنيا جون ڳڻتيون ۽ فڪر وسري ويا.هو هڪ غريب سادو ماڻهو هو ۽ کيس ٿورا ماڻهو سڃاڻندا هئا، هن کي جيڪي ڪپڙا پاتل هئا انهن ۾ سوراخ هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته کيس ٻن ويلن جي ماني به نصيب نه ٿيندي هئي، هو صحيح معنيٰ ۾ هڪ خوشي ماڻيندڙ شخص هو ۽ اهڙا خوش ماڻهو مون گهٽ ڏٺا آهن، هو عقل جي دولت سان مالا مال هو ۽ جذبي جي حوالي سان ڀرپور هو، هن ڳالهايو ٿورو پئي پر جڏهن به ڳالهايائين ٿي ته نسورو سچ . هن هڪ دفعي چيو ته ” لذت ۽ طاقت جي پٺيان ڊوڙڻ ائين آهي ڄڻ تيز پاڪي جي ڌار تان ماکي چٽڻ، مٺاڻ ته معلوم ٿيندي پر زبان ڪٽجي ٻه ٽڪر ٿي پوندي.
هڪ ڏينهن مون هن کان اصول پڇيو جيڪو هن ٽن لفظن ۾ ٻڌايو “ سامهون، اڳتي ۽ خدا ڏانهن” هن چيو ته هي ڌرتي آرام جي جاءِ ناهي، توهان هلندا رهو بيهي رهڻ معنيٰ ڪرڻ آهي ڳورو وزن کنيل ڏاند گپ مان هلندو رهندو آهي، ڇوته هن جو بيهي رهڻ معنيٰ گپ ۾ غرق ٿي وڃڻ، هي دنيا گپ آهي، جيڪڏهن ان مان سلامتي سان لنگهڻ چاهيو ٿا ته هلندا رهو پنهنجي جدوجهد ۾ سستي نه ڪريو. جيڪڏهن منهنجو مقصد رڳو پنهنجي خواهشن جي تسڪين هجي پوءِ اهي کڻي ڪيتريون ئي اعليٰ ڇونه هجن جيڪڏهن مان ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪريان يا ماڻهن جي شاباس وٺڻ جي لالچ هجي جيڪڏهن منهنجي زندگي جو مقصد رڳو شيون گڏ ڪرڻ ۽ انهن مان مزو وٺڻ هجي ته مونکي خوشي نه پر خال يا ڪجهه نه ملندو ڇوته هي سڀ رڳو پاڇولا آهن جيڪي اچن ٿا وڃن ٿا. منهنجي زندگي جو وڏو مقصد لذت يا ملڪيت حاصل ڪرڻ ۽ طاقت، دٻدٻو، اٿارٽي، رعب، ڪاميابي ، سلامتي، صحت، دولت، توڙي علم يا عقل هٿ ڪرڻ يا ان جي ابتڙ غربت ۽ ڏک ، شڪست، بيماري ۽ موت وغيره نه هجڻ گهرجي، منهنجي حياتي جو مقصد خدا جي رضا حاصل ڪرڻ هجي ۽ زندگي جي واقعن ۽ حادثن دوران ان جي تعريف هجڻ گهرجي.
اها ڳالهه بلڪل سچ آهي اسان جي زندگي جي سفر جي منصوبا بندي مڪمل طرح لامحدود پيار ۽ لامحدود سياڻپ سان رٿيل آهي، ان ۾ ڪابه غلطي نٿي ٿي سگهي، اسان جو هر تجربو صحيح وقت تي ٿيندڙ صحيح تجربو آهي، جيڪو اسان کي صحيح طريقي سان سکيا ڏئي ٿو ان ڪري جيڪا به شيءَ اچي ٿي ان کي قبول ڪريو ۽ ان کان لنوائڻ جي ڪوشش نه ڪريو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *