تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

هڪڙو پيارو ماڻهو … ڊاڪٽر اسد جمال پلي

رئيس پيارو خان شر عجيب انسان هو. کيس ڌڻي سڳوري اها سماجي حيثيت ڏني هئي جو چاهي ها ته پراين کٽن تي ويهي غريب ماڻهن کي ڪوڙن فيصلن جي آسري ۾ پيو پيرن تي جهڪائي ها پر هن پنهنجي نالي مان رئيس ۽ خان کي پاسيرو ڪري سڀني کي پيار ۽ محبت سان پنهنجو ڪيو. هو نه صرف سڄي سنگت ۾ پيارو ٿي ويو پر سچ ته اهو آهي ته هو سڄو پيار جو مظهر ٿي ويو. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات نوي جي شروعاتي سالن ۾ منٺار فقير جي درگاهه تي محفل موسيقي ۾ ٿي. پهرين نظر پيار ڀري ۽ پوءِ باقي سڀ سال پيار ئي پيار. درگاهه تي ساليانه عرس جي موقعي تي جيڪي موسيقي جون محفلون منعقد ٿينديون هيون انهن جي انائونسمينٽ جو ذمو سندس حوالي هوندو هو. هڪڙو وقت هو جو تسلسل سان ۽ پابندي سان هن محفل موسيقي ۾ شرڪت ٿيندي هئي ۽ پياري خان ۽ سندس ڀاءُ مرحوم غلام ڪريم شر سان ملاقاتون ٿينديون هيون ته ڄڻ پنهنجي خاندان جي وڏن بزرگن سان ملندا هئاسين. وٽن هاري تحريڪ جي مقامي روايتن جا انبار هئا ته ون يونٽ ۽ ايم آر ڊي کان وٺي سنڌي ڪلاسيڪي ادب ۽ شاعري تائين جا لاتعداد موضوع هئا. ٻئي ڀائر علم جو ڀنڊار هئا. ڳالهيون ته کٽنديون ئي ڪو نه هيون. هڪ ته مطالعو جهجهو ٻيو مشاهدو وسيع. ٻئي ڀائر سنڌ جي مفادن جا سچا ڪارڪن پر مجال جو پاڻ پڏائين. سنگت کين ٽولو ۽ ڌهلو سڏيندي هئي. ٻئي ڀائر تصوف جو عملي مظهر هئا. تقويٰ سندن شخصيتن ۾ رچيل هئي. سڄو وقت گفتگو ۾ مجال جو سندن ٻولي جو معيار متاثر ٿئي يا وري ڪو هلڪو لفظ زبان مان ادا ٿئي.
پيارو خان شر وڪيل هو پر سندس ڪاري ڪوٽ ۾ ڪا به بئريسٽري جي اٽڪل بازي نه هئي ڇاڪاڻ ته سندس تربيت صوفياڻي هئي ان ڪري حق ئي حق هرجاءِ وسي ٿو. فقير محمد بخش ضامن سائين، حاجي انور علي راڄڙ، محمد امين راڄڙ، محترم سرفراز راڄڙ ۽ مون گڏجي منٺار فقير اڪيڊمي ٺاهي. سرفراز صاحب حيدرآباد ۽ ڪراچي مان اديبن ۽ شاعرن جا اٽالا آڻي درگاهه منٺار فقير تي گڏ ڪيا. عرس جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس جو اهتمام ٿيو. هنن ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب، امداد حسيني، وفا پلي، حميد سنڌي، علي بابا، پروانو ڀٽي، نياز همايوني، نصير مرزا کان وٺي سڄي سنڌ جي مقامي خواهه ڏوراهن اديبن ۽ شاعرن جون شرڪتون رهيون. تقريرون، مقالا ۽ مشاعرا ۽ پوءِ ٻه راتيون محفل موسيقي، فنڪارن جي صوفيانه راتين ۾ ججن جي ڪميٽي جي فيصلي سان هر سال هڪ فنڪار کي منٺار فقير ايوارڊ هن سڄي ڪاروان ۾ ڊٺڙي ۽ صوفي فقير کان وٺي جهرڪ شريف جي بزرگن جي افراد جي، سنڌ جي ٻين اڪثر درگاهن جي گاڌي نشينن سميت شرڪت سدائين رهندي هئي ۽ رهي ٿي. هو نه صرف تاريخ سماجيات ۽ ديني علمن جو ماهر هو پر مقامي روايتن جو به امين. ٽيهن سالن جي رفاقت ۽ دوستي ۾ مون سندس چهري تي غصي ۽ ڪاوڙ جي لڪير ڪو نه ڏٺي. بغص، ساڙ ۽ حسد کان ڪوهين ڏور هن شخص ۾ صبر ۽ سهپ جو وڏو سرمايو موجود هو. راڄ، ڀاڳ جي فيصلن ۾ ڪڏهن به شخصي حيثيت ۽ رعب، تاب جو اظهار نه ڪيائين سدائين سچ ۽ صداقت مٿس غالب رهيا. سنڌ جي ڌرتي جو هيءَ سپوٽ جيتوڻيڪ اسان سان اڄ گڏ نه آهي پر سندس رس ۽ رهاڻيون، گفتگو ۽ ڪردار سچي سنگت لاءِ مشعل راهه آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *