تازا ترين
  • *ٽنڊو غلام علي ڀرسان جهڳي کي باهه: 7 مهينن جو ٻارڙو بابو ولد ڪانجهي ڪولهي سڙي فوت*
  • *ميهڙ ٿاڻي اڳيان جهيڙو: 5 ڄڻا زخمي: ڇڏائڻ ۾ اي ايس آءِ کي به سروٽو لڳي ويو*
  • گوشت ڪيڏانهن ويو؟ ڪراچي ۾ گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه هٿ*اڻڄاتل ماڻهو ڪلفٽن ۾ گڏهن جي باقياتي اُڇلي ويا، جاچ ڪريون پيا ته گوشت ڪيڏانهن ويو: پوليس*
  • نئون ديرو: سڱاوتي تڪرار تان سالن هٿان ڀيڻيويو قتل*سئوٽن طاهر کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو (نديم ککراڻي) پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو*

هٿ بدران رڳو دماغ سان ڪمپيوٽر هلائي سگهبو ؟

ڪراچي (ٽيڪنالاجي نيوز) انسان مستقبل ۾ هٿ سان ڇُهڻ بنا رڳو دماغ سان ئي ڪمپيوٽر کي استعمال ڪري سگهندو. ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس ڪمپني جي باني ايلون مسڪ جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ هاڻي انسان کي ڪمپيوٽر هلائڻ لاءِ ان کي ڇهُڻ جي ضرورت نه پوندي پر دماغ سان ئي ڪمپيوٽر استعمال ڪري سگهبو، نيورلنڪ ڪمپني انساني دماغ ۽ ڪمپيوٽر کي سڌي ريت جوڙڻ وارو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ان ٽيڪنالاجي جي انسانن تي آزمائش 2020ع ۾ ڪئي ويندي.جانورن تي اهڙو تجربو ڪامياب ويو آهي، هڪ ڀولڙو پنهنجي دماغ سان ڪمپيوٽر ڪنٽرول ڪرڻ جي قابل ٿي ويو.



This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *