تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

هيل ٿر جا اداس منظر….!سنڀو لال جوشي

ٿر جنهن جي ڀِٽن تي، ڏهرن ۾ ڳونڇارن ۽ ٻنين جي سيڙھن ۾ هنن ڏينهن ۾ رونقون سمايل هُونديون هُيون، هن ملُوڪ موسم ۾ ٿر جي صحرا ۾ بيٺل گهاٽن کٻڙن تي پيرون ۽ ڊگهين ڪنڊين تي سنگرن جا جُوڙا ڪنهن سانوري جي ڪنن ۾ پاتل جهُومرن جيان جهر مِرِ ڪندا هُئا ، سال اڳ مُنهنجي ٿر ۾ هر کٻڙ پيروئن سان پُر ٿيل هو هر ڪنڊي سنگرين سان سرشار هُئي ، ڳوٺ جي پاساڙن ۾ صبُح ويل امرت ويلا جو اهڃاڻ ڏيندي هُئي تڏهن منظرن ۾ ڪُنوارا ٽھڪ ، ڊيلن جي ٽولي جيان گڏ هلندڙ ٿري ناريون ۽ اُنهن جي چيلھن تي پيروئن لئه ٻڌل لوٽا مٿي تي کڻيل ڪورا گهڙا، ٻارڙن جا ٽولا ،گهاٽن کٻڙن تي پيرون کائيندڙ وهين جا ولر ،مورن جا ٽھوڪا ، ڊيلن جا ڊُوڙيا،ڪوئل جا مٺڙا آلاپ، ٻاٻيهن جون سُندر ٻوليون ، ۽ ٿري ٻارڙن جي چپن مان نڪرندڙ هي مٺڙا ٻول . ٿارو مارو ڀري ليئو. جھڙا ملُوڪڙا ٻول منهنجي صحرا کي سُندرتا جو سرور بخشيندا هُئا ، هيل منهنجي ٿَر جو صحرا سوڳواري ۾ آھي ! ڇو ته قُدرت طرفان بنڇ ٿيل مَڪڙن نه رُڳو ٿرين جون پڪل ٻنيون کاڌيون پر مَڪڙن. کٻڙن ڪنڊين ڪُنڀٽن ٻاورين کي به خوب کاڌو ۽ ٻين وڻن جي گهڻي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ! هيل نه رُڳو ٿر جا هاري پريشان ٿيا هُئا جنهن هارين جون پڪل پوکون مڪڙن کائي کپائي ڇڏيون هُيون ! هيل ٿر جا ڌنار به اُداسي جي سيمن ۾ ڀٽڪن ٿا ،جنهن جا ڇانگون ۽ ڇيلڙا سنگرين پيروئن لئه وڻ وڻ هيٺ ڀٽڪن ٿا ، جنهن ڌنارن جي سُڪل چپن مان پياسي بانسري ڏکويل ورلاپ جھڙو ڏکوئيندڙ ساز بڻجي نڪري ٿي ! جنهن ڌنارن جا ڪنوارا خواب مڪڙن جي ولرن سان چِچِرندا رهيا ! هيل ته اُهي ٿري ناريون به پريشان آھن ، جيڪي هن من موهيندڙ مُند ۾ راتڪن ۽ آڇڪن سان مِٽي جا تَسِيا ڀرينديون هُيون ۽ پري پرڻايل پنهنجين ڌيئرن کي موڪلنديون هيون ،
اي ڪاش ..!
اڄ ڪير چوي اُنهن ڌيئرن کي اوهانجون مائرون اوهانکي پيرون موڪلڻ لئه ڪيترن ئي وڻن جا ٽار ڇڇوڙيندي خالي گهڙولا کڻي موٽي گهر وڃن ٿيون! هيل ٿر جا اٻولڙا ٻارڙا به پيروئن لئه واجهائن ٿا ، اُهي ٻارڙا جيڪي سامروٽي جي سيمن ۾ گهاٽن کٻڙن مان پيرون چُونڊي پوءَ آنٻليو ۽ لِڪِ لِڪوٽي راند ڪندا هُئا ، لاڙ جي پوٺن تان پيروئن لئه لڏي ايندڙ ڪوئلون هيل ڪوُڪُو ڪندي ڪندي پراڻ تياڳي ويون، ڇو ته ٿر ۾ ڪوئلون اڪثر پيروئن جي موسم ۾ اينديون آھن، هيل ٿر ۾ اڪثر وِڙلي پيرون ٿيا هوندا جنهن سيمن يا ڳوٺن ۾ مڪڙ نه پُڄي سگهيا هُئا ، ٿر جنهن جو صحرا پياسي آهي ، صحرا جيڪو برسات جي بوند بوند لئه تَڙپي ٿو ، اگر خُدا جي ڪرم نوازي سان صحرا کي برسات نصيب ٿيئي ٿي ته سمورو صحرا ساوڪ جي چادر سان ويڙھجي ويندو آھي، ٿوهر پنهنجو ٿڪ ڀڃيندا آھن، اَڪن ۾ نيرڙا ڦُليا ٿيندا آھن ڪُنڀٽ سندرتا خوشبو سان واسجي ويندا آھن، روهيڙا ڳاڙهو ويس اوڍي ڪنهن تازي پرڻيل ڪنوار جو روپ لڳندا آھن ، هر پاسي خُوشي جا کيت پوکبا آھن ۽ اُنهن کيتن ۾ ٿري مارو ماڻهن کي زندگي جو جيئندان ملندو آھي ،
خير …!
هن سال ٿر ۾ پيرون شايد ڪٿي ورلي ٿرين کي نصيب ٿيا هوندا ، ايندڙ وقت لئه الله پاڪ کان دُعا گهرون ٿا اي ٻاجهارا هيل سائي سنڌ جو هي علائقو به ساوڪ جي چادر ۾ ويڙھجي وڃي ۽ منهنجن ڏوٿيئڙن جي چھرن تي مُرڪون موٽي اچن عيدون ۽ ديدون خوشين سان نصيب ٿين …،!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *