تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

هيش ٽيگز استعمال ڪرڻ بند ڪريو، ٽوئٽر تي موجود صحافين لاءِ صلاحون……

جيڪڏهن ڪا خبر بريڪ ٿيندي آهي، ته ٽوئٽر ڪنهن به قسم جي ڄاڻ ڏيڻ يا حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم طور ڪم ايندو آهي، اهو ڪنهن ڄاڻ کي بگاڙڻ، غلط تشريح يا غلط استعمال جو ذريعو بڻجي سگھندو آهي، ٽوئٽر بريڪنگ خبرن ۽ رپورٽن کي تڪڙو ڦهلائڻ جي لاءِ تيزيءَ سان مشهوري ماڻيندڙ پليٽ فارم طور سامهون اچي رهيو آهي. رپورٽرن ۽ نيوز رومز ٽوئٽرکي ذميواري ۽ اخلاقي طرح سان استعمال ڪرڻ جي لاءِ سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ته جيئن پختي ڄاڻ کي تيزيءَسان پکيڙي ۽ ڦهلائي سگھجي.
ٽيڪساس سين انٽيونيو ۾ ٿيندڙ 2019 ايڪسيلينٽ اِن جنرل ازم ڪانفرنس ۾ پنجن پينلسٽن ان تي بحث مباحثو ڪيو ته ساڳئي وقت اخلاقي قدرن واري صحافت لاءِ ٽوئٽر ۽ سوشل ويب سائيٽن کي ڪيئن هاڪاري طريقي سان استعمال ڪجي ۽ ان پليٽ فارم کي ڄاڻ پکيڙڻ لاءِ ڪيئن بهتر طريقي سان استعمال ڪجي.
پنهنجي شخصيت جي آن لائين وضاحت ڪريو
پينلسٽن ۾ شامل نتاليه مور، ڪميونٽي امپيڪٽ نيوز پيپرز ۾ انگيجمينٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪري رهي آهي، هڪ هائيپر لوڪل اخبار جنهن جو مقصد يو ايس ڪميونٽيءَ ۾ مخصوص ۽ مفيد ڄاڻ ڦهلائڻ آهي، سندس چوڻ آهي ته هڪ آرگنائزيشن ۾ هڪ واضع مشن سان ڪم ڪرڻ آن لائين شخصيت کي طئي ڪرڻ ۾ سولائي پيدا ڪندي آهي ۽ فيصلو ڪندي آهي ته ڪهڙي خبر ٽوئيٽ ڪرڻ جي لائق هوندي آهي. ۽ ڪهڙي شيءِکي باقي پوئتي ڇڏڻ گھرجي.
جيتوڻيڪ مُور مڃيو ته، توهان جي آرگنائيزيشنز جي مشن جي آئينه داري جو مطلب اهو آهي ته ٽوئٽر تي توهان جي شخصيت ايڊجيسٽ نه آهي، انٽرنيٽ تي بهترين ۽ تمام واضح مفهوم سان توهان کي بنا لائين ڪراس ڪرڻ جي توهان ٽوئيٽر تي اخلاقي طرح ٽوئيٽ ڪرڻ جي سگھه فراهم ڪري ٿي.
اهو توهان فيصلو ڪيو ته توهان ڇا ٿا چاهيو ته دنيا توهان جا ٽوئيٽ پڙهي ڇا محسوس ڪري؟ ڪهڙو ڪاٿو لڳائي ۽ ڀلي توهانجي آرگنائيزيشن جي مشن جي پوئواري ڪري ۽ ڀلي پاڻ کي سچار ظاهر ڪريو.
ماڻهن کي ٻڌايو ته اهي مدد ڪيئن ڪن
مُور جوچوڻ هو ته، جڏهن ماڻهن جي اوچتين ضرورت ۽ تڪليفن بابت خبرون بريڪ ٿين ٿيون، ته ماڻهن کي ڄاڻڻ ڏيو ته اهي مدد ڪيئن ٿا ڪري سگھن؟ ڪڏهن ڪڏهن صحافي اهن عنصرن تي تمام گھڻو ڌيان ڏيندا آهن ته انهن کان سوچڻ وسري ويو ته هڪ برادريءَ جي ضرورت وقت ان تي هو ڪيئن سڌو سنئون اثر انداز ٿي سگھن ٿا، وڏي پئماني تي فائرنگ، قدرتي آفت يا ٻئي ڪنهن عوامي ايمرجنسي جيءَ صورت ۾ مدد ۽ حصو ڳنڍڻ واري معاملي تي برادريون ڪاوڙ ۾ هونديون آهن، يا ڪڏهن ڪڏهن مايوس ٿي وينديون آهن.
ماڻهو رت جو عطيو، ڪپڙا، کاڌو يا وقت گذرندو پيو وڃي جي لاءِ توهان جو هڪ ٽوئيٽ به ڪافي هوندو.
انٽرنيشنل ميڊيا جي صلاحڪار پٽي ڪارڊ سمٿ نشاندهي ڪندي ٻڌايو ته برادرين کي عزت ڏيڻ جي لاءِ سندن حوصلا افزائيءَ جو هي هڪ قسم جون اٽڪلون آهن. خاص طور توهان جيڪڏهن ٻاهريان آهيو ته توهان کي انهن جو خيال رکڻ پهريون قدم هجڻ سان گڏ انهن جو ڀروسو حاصل ڪرڻ کان پوءِ انهن سان توهان سولڙي طريق سان ڄاڻ جي ڏي وٺ کي يقيني بڻايو.
هيش ٽيگز کي وساري ڇڏيو
ڊيلاس مارننگ نيوز ۾ اسٽيٽ ڪيپيٽل رپورٽر طور ڪم ڪندڙ لورن مڪ گگي جو چوڻ هو ته حساس موضوعن ۽ بريڪنگ نيوز ڏيڻ وقت توهان هيش ٽيگز کي وساري ڇڏيو. پر هاڻي هيش ٽيگز کي استعمال ڪرڻ کان سواءِ ڪنهن موضوع جي ڳولا جي لاءِ هاڻي ٽوئٽر جا سرچ ٽولز غير يقيني طور ايڊوانس ٿي ويا آهن.
پنهنجي پليٽ فارمن کي سڃاڻو
کو ٽي وي هيوست جي اينڪر برانڊي سمٿ چيو ته موضوع ۽ اسٽوريز کي ڳولڻ ۽ انهن کي اپڊيٽ ڪرڻ جي لاءِ يا ڪنهن به خبر کي بريڪ ڪرڻ جي لاءِ ٽوئٽر بهترين ٽول آهي. لائيو وڊيوز ڏسڻ، شيئر ڪرڻ جي لاءِ فيس بڪ هڪ ٻيو اهم ٽول آهي، پنهنجي ٻڌندڙن لاءِ پنهنجي شيءِ ڊيولپ ڪيو. انسٽاگرام به خبرون نشر ڪرڻ لاءِ بهترين آهي. اهو ماڻهن جو ٻين لنڪن ۽ مضمونن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ جي لاءِ پڻ استعمال ڪري سگھجي ٿو.
سمٿ جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا جو مستقبل، خاص طور ميڊيا سان تعلق رکندڙ ماڻهن بابت اهو سمجھڻ لاءِ ته توهان جو ٻڌندڙ هرهڪ پليٽ فارم تي ڪهڙو رد عمل ٿو ڏئي. اهو توهان کي اجازت ٿو ڌئي ته توهان سوشل ميڊيا پلان جوڙيو جو ڄاڻ جي ڏي وٺ ۽ مجموعي ڄاڻ جي لاءِ اثرائتو ۽ اخلاقي طور ذميوار ذريعو آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *