تازا ترين
  • ايف اي ٽي ايف پاران پاڪستان کي فيبروري تائين گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو *
  • *وفاقي حڪومت آرڊيننس پاڻ واپس نه ورتو ته سينيٽ ۾ اُن کي رد ڪرايو ويندو، سنڌ حڪومت به آرڊيننس رد ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندي: وڏو وزير*
  • *وفاقي سرڪار طرفان ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ سنڌ حڪومت سان رابطا جاري رهڻ جي دعويٰ*
  • *ڪراچي واقعي ۾ جعلي حڪومت صوبائي خودمختياري سوڌو پاڻ تي به حملو ڪيو آهي: مريم نواز*

هيءَ زندگي الائي ڪيڏانهن پئي ورتيون وڃي !… علي عابد سومرو

هيءَ زندگي به خبر نه آهي ته پاڻ کي الائي ڪيڏانهن پئي ورتيون وڃي ،هر ماڻهو ڪنهن اڻ ڄاتي حاصلات جي پويان پنهنجو سک ،چين ، پيار، محبت، رشتا ،ناتا، دوستيون ايتري تائين جو پنهنجو وقت به وڃائي ٿو ويهي، اهوئي سبب آهي جو اڄ دنيا جون هڙئي آسائشون هوندي به منُ ڄڻ مزي ۾ نه ٿو رهي، دل بار بار پنهنجي ماضيءَ ڏي موٽي وڃڻ لاءِ ٻاٿون پئي کائي اهو ماضي، جڏهن هڙ ۽ وڙَ ۾ ڪجه ڪونه هوندي به دل وڏي مستين ۾ هوندي هئي. اها گهڻو پري جي ڳالهه به ناهي ، ستر ۽ اسي واري ڏهاڪي دوران ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ جتي مٽن، مائٽن ،رشتن ،ناتن توڙي دوستن يارن ۾ گهڻيون دوريون نه هيون. گهڻي ڀاڱي سڀني جا گهر ڪچا هوندا هئا، اوچيون ڀتيون ۽ ماڙيون ڪونه هيون پر هڪ ٻئي جي سار سنڀال، ڏکي سکي ويل هڪ ٻئي جو ڀرجهلو ٿي بيهڻ واري روايت نهايت عام هئي، ان وقت جيڪي اسان جا وڏڙا هئا تن جو وجود اسان لاءِ ڪنهن گهاٽي ڇانوَ کان گهٽ نه هو .جيستائين اسان جا وڏڙا حال حيات هئا ته اسان ڄڻ دنيا جا اميرترين شخص هئاسين ، انهن جي هوندي اسان جي دنيا ئي ڄڻ ٻي هوندي هئي .
اسان کي ياد آهي ته جڏهن ڪنهن خوشي يا غمي جي موقعي تي مٽن مائٽن جي گهر وڃبو هو ته ڪيڏي پيار ۽ پاٻوهه مان آڌرڀاءُ ٿيندي هئي ۽ جي پنهنجي گهر ڪو مهمان لڙي ايندو هو به سندس اچڻ تي سڀنيءَ جي منهن تي مُرڪون اچي وينديون هيون ۽ گهر جو هر ڀاتي کين پنهنجي جيءَ ۾ پيو جايون ڏيندو هو .مٽ مائٽ ته ٺهيو پر پنهنجي وڏڙن جا دوست، يار به جڏهن اوطاقن تي ايندا هئا ته انهن لاءِ نيون رليون ، وهاڻا ۽ چادرون وڇائجي وينديون هيون ،ديسي ڪڪڙ ڪُسجي ويندا هئا ۽ پوءِ مهمان جيترا ڏينهن به رهندو ان جي خاطر توازع اوترا ڏينهن پئي هلندي هئي .اڳ ته اهو رواج به عام هو جو ڪنهن جي گهر جيڪڏهن ڪو مهمان ايندو هو ته پاڙي وارا به ان جي مهمان نوازي ضرور ڪندا هئا ۽ هڪ هڪ ويلو هر پاڙي وارو مهمان کي ضرورکارائيندو هو .ان وقت جي ماڻهن وٽ مال، ملڪيت توڙي مَڏي ڪا جامَ به ڪانه هوندي هئي پر الائي ڇو انهن جي دل وڏي ڪُشادي هوندي هئي ، آئي وئي توڙي مهمانن جي رهائڻ ۽ کارائڻ ۽ اوڙي پاڙي جي ڏکيءَ ويل سار لهڻ کي ڄڻ پنهنجو فرض سمجهندا هئا ، مٿن ڪيڏي به ڏکي مهل ڇونه اچي پر ڪڏهن به ٻين جي آڏو مُنهن ڪونه گهُنجائيندا هئا. پنهنجا ڌنڌا ڪاروبار، پوکي، راهڪي ،مزدوري توڙي نوڪريون ڪندي به اهي ماڻهو ايترا مصروف نه هوندا هئا جو کين پنهنجي پاڙي اوڙي جي ڏکي سکي جي خبر نه پوي ، اهي واقعي اعليٰ انسان هئا جيڪي رڳو پنهنجي ذات لاءِ نه پر ٻين لاءِ جيئندا هئا .هي دور اهو هو جڏهن اڃان ماڻهن جي اکين ۾ حياءُ ۽ دلين ۾ ٻين لاءِ دردُ ڀريل هوندو هو ، پنهنجي ڪم ۽ ڌنڌي سان سچائي هوندي هئي ، ڪينو، ڪدورت توڙي ٻيائي ايڏي عام نه هئي .ماڻهو دوستيون به دل تي ڪندا هئا ته دشمنيون به ،ان دور جا ماڻهو واقعي مڙس ماڻهو هئا جيڪي منافقيءَ واري ماپيَ ۾ گهٽ ايندا هئا ،چاپلوسي ۽ خوشامد جو عنصر ته ازل کان ئي موجود آهي پر هن دور جيان اهو اڃان عام ڪونه ٿيو هو ان وقت جا ماڻهو پرسڪون ان ڪري هئا جو هو گهڻي حِرس ۽ لالچ ۾ نه هوندا هئا. اڳ ماڻهو ٿوري تي به گهڻو خوش ڏسبا هئا ،يتيمن، مسڪينن توڙي مستحقن جو حق نه ماريو ويندو هو ، زوريءَ ڪنهن جي مال ملڪيت تي قبضو نه ٿيندو هو ، رشوت جو نظام به ڪو عام نه هو ، ماڻهن وٽ خدا ترسي اڃان گهڻي هئي . ننڍن وڏن جو عزت احترام به گهڻو هو ، چئن چڱن جو چيو به ڪيو ويندو هو ، ماڻهو اڃان ايترا اکين ٻوٽَ ڪونه هئا ، ان وقت جا حڪمران به عوام جو اڃان ٿورو گهڻو خيال ضرور رکندا هئا .
هي اهو وقت هو جڏهن اڃان ٽي وي ۽ ٽيلي فون گهر گهر ڪونه پهتي هئي ، پنهنجي ڳوٺ ۾ به ڪنهن ڪهن وٽ اها سهولت هوندي هئي جيڪا تمام وڏي ڳالهه سمجهي ويندي هئي . ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جو ڪو خط پَٽُ يا عيد جو ڪارڊ اچي ويندو هو ته اڳ ۾ ته بار بار ان کي پيو پڙهبو ۽ پوءِ سيني سان لائي رکبو هو . اڳ جي ٻارن کي چوويهه ڪلاڪ منهن اڳيان موبائل فون ڪونه هوندي هئي ، ان دور جي ٻارن لاءِ چنڊَ تي پريون رهنديون هيون . اڳ واري دور ۾ نانيون ۽ ڏاڏيون ٻارن لاءِ موبائيل ۽ ٽيبليٽ هونديون هيون، هو انهن کان پري نه ٿيندا هئا، ۽ اهي نانيون ڏاڏيون به پنهنجي پوٽن ۽ ڏوهٽن کي روز نيون ديون ۽ پرين جون آکاڻيون ٻڌائينديون هيون. ان دور جا اسڪول ۽ راندين جا ميدان آباد هوندا هئا . اسڪولن ۾ پڙهائي سان گڏ صحت مند سرگرميون ۽ ٻارن جي ذهني طور علمي آبياري جو گهڻو رواج هو . استاد نهايت ايمانداريءَ سان ٻارن کي نه رڳو اسڪول جي وقت ۾ تعليم ڏيندا هئا پر اهي سندن ٻاهرين اٿڻي ويهڻي ادب ۽ اخلاق سيکارڻ کي به پنهنجي ذميواري سمجهندا هئا ،ان وقت تڏهن ئي استاد کي واقعي پيءُ جو درجو حاصل هو ۽ شاگرد به استاد جي اوتري ئي عزت پيو ڪندو هو. اڳ استاد هڪ رول ماڊل هوندو هو ، سندس رعب ۽ دٻدٻو نه رڳو اسڪول پر ٻاهر به اوتروئي هوندو هو جو گهٽي ۾ گذرندي جي استاد تي نظر پئجي وڃي ته شاگرد جو ڄڻ اڌ ساهه نڪري ويندو هو. اهو ڪو خوف نه پر استاد جي شخصيت جو اثر ويٺل هوندو هو جو شاگرد سندس آڏو ڪنڌ کڻي نه هلي سگهندو هو.
ان ئي دور ۾ شام جي وقت اِٽِي ڏاڪر، گهُوري، ڪوڏي ڪوڏي، پِيلو، والي بال جهڙين راندين تي ماڻهن جا ڳاهٽ هوندا هئا ، سڀئي نوجوان ڏينهن جو پنهنجي پنهنجي ڪِرت کان واندا ٿي اڳواٽ اچي والي بال راند ڏسڻ لاءِ پنهنجي جاءِ والاريندا هئا ، اهي صحت مند سرگرميون ٻارن کي ذهني طور تي سگهارو بڻائينديون هيون . ملهه ، ملاکڙا، ڏاندن جي گوءِ ،سگهڙن جون ڪچهريون توڙي موسيقي جون محفلون اهي سڀئي ان وقت جي ماڻهن جون گڏيل طور تي سرگرميون هونديون هيون جن ۾ سڀئي ڳوٺ واسي ڪَٺا هوندا هئا .عيدن تي ٻارن کي جيڪڏهن ڏهه ڏهه رپيا به خرچي ملندي هئي ته پنهنجي ڪپڙن ۾ نه ماپندا هئا ۽ انهن ئي پيسن سان بگين يا ٽانگن ۽ ٻيڙين تي سير ڪري پنهنجي دل خوش ڪندا هئا ، ٽانگن ۽ ٻيڙين تي سير ڪرڻ ان وقت ٻارن لاءِ هڪ تمام وڏي تفريح هوندي هئي. ڪنهن جي شادي هجي يا غمي ، بنا ڪنهن چئي جي پاڙِي اوڙي وارا ڪم ڪار ۾ ائين جُنبي ويندا هئا ڄڻ اهو سندن پنهنجو ڪاڄُ يا ڪَزيو هجي. مطلب ته ان دور جي ماڻهن جو اُٿڻ ، ويهڻ ، جيئڻ توڙي مرڻ هڪ ٻئي سان گڏ هو، اهي ماڻهو واقعي انسانيت واري دور ۾ گذاري رهيا هئا .ان دور ۾ جڏهن اڃان هڪ ٻئي جي تڪليف محسوس ڪري سگهبي هئي ، هڪ ٻئي جي زخمن تي مرهم رکي ويندي هئي ، هڪ ٻئي جي دل جو حال معلوم ڪري وٺبو هو، هڪ ٻئي سان دل جو حال اوري سگهبو هو ، بنا چئي هڪ ٻئي جي مدد ڪري وٺبي هئي. ان وقت خوراڪ سادي پر نهايت طاقت سان ڀرپور هوندي هئي، شين ۾ ملاوٽ ،ڀاڻَ ۽ بي ايماني جو ڀوت سڀ ڪنهن تي سوار ڪونه هو ، ماڻهو گهڻو ڪري دل جي تڪليفن کان پري هوندا هئا ، ساهه جي بيماري گهٽ هوندي هئي ،شوگر ۽ بلڊ پريشر جو عارضو به ايڏو ڪونه هو، تڏهن ئي ته ماڻهو هر حال ۾ پنهنجي حال ۾ ئي خوش هوندا هئا .
۽ اڄ جڏهن پنهنجي خواهشن جي پورائي لاءِ اسان پنهنجي پراڻن ماڳن مڪانن ،ريتن رسمن، مٽن مائٽن ۽ دل گهرين دوستن کان پاڻ کي پري ڪري ڇڏيوسين ، پنهنجي وڏڙن جي وسيعتن کان منهن موڙِي ڇڏيوسين ، ڪنهن جي ڏکي سکي ۾ ان جو ڀاءُ ٿيڻ واري فرض کان به پاڻ کي آجو ڪري ڇڏيوسين ، ڪنهن دوست يار سان دلي درد اورڻ جو به وقت نه ڪڍيوسين، تڏهن ئي اسان جي اندر ۾ اِهو مانڌاڻ متل آهي ، اهو احساس جاڳيل آهي ۽ اهو ئي اسان جي مڙني سورن جو سامان بڻيل آهي ته هي زندگي اسان کي الائي ڪيڏانهن پئي ورتيون وڃي .

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *