تازا ترين
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

هنڱورجا لاءِ مليل 20 ڪروڙ ڪيڏانهن ويا؟

فيس بڪ تي عزيز ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڇا شهري پڇي سگهن ٿا ته هنڱورجا ٽائون کي مليل 20 ڪروڙن مان 6 ڪروڙ جا ڪم ٿيا باقي 14 ڪروڙ ڪيڏانهن ويا ؟ اهڙي پوسٽ تي ناز منگي لکيو ته 20 ڪروڙ نه پر 40 ڪروڙن جي ڳالهه ڪريو، ته اهي ڪيڏانهن ويا؟ ڇو ته شهر ۾ ڪي به ترقياتي ڪم ناهن ڪرايا ويا باقي پنهنجي من پسند ۽ با اثرن ماڻهن کي نوازيو ويو سولر پليٽون انهن کي گهرن ۾ لڳائي ڏنيون ويون، شهري مٺي پيئڻ جي پاڻ لاءِ به پريشان آهن انهن کي اها بنيادي سهولت به نه ملي سگهي افسوس ٿئي ٿو. تسليم احمد ميمڻ لکيو ته پولنگ ايجنٽ کي 10 فوٽ نالي فرش نه مليو، عزيز ميمڻ لکيو ته ايجنٽ ته پري هڪ ڪائونسلر کي ته گهر واري گهٽي جو ٽينڊر ڪرائڻ باوجود ٺهرائي نه ڏني وئي. سرمد نثار ڀٽو لکيو ته شڪر ڪريو 6 ڪروڙ جا ڪم ته ٿيا، راڻيپور ۾ 25 ڪروڙ آيا چون ٿا سڀ هڙپ ڪيا ويا، حاڪم علي درازي لکيو ته پڇڻ سان ڇا ٿيندو، سڀ ڀائيوار هئا، ڪامران علي لکيو ته هر ماڻهو کي اختيار آهي ته هو پنهنجي چيئرمين کان بجيٽ جي خرچ جو پڇي سگهي ٿو ڇو ته عوام ٽيڪس ڏئي ٿو ۽ اهي پئسا عوام جا ئي هوندا آهن. گلشن سهتو لکيو ته ڪرپشن ڪئي وئي، مولابخش ٿيٺو لکيو ته هنڱورجا ٻين شهرن کان بهتر ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *