تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

هنگري ۾ اعليٰ تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا … ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو

هنگري جي ايراضي 93 022 km2 آهي، جڏهن ته هن ملڪ جي آبادي هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي، هن ملڪ جي گادي جو هنڌ بداپيسٽ شهر آهي، هي شهر ٻن حصن بدا ۽ پيسٽ ۾ ورهايل آهي ۽ ٻنهي حصن کي هن شهر جي وچ مان گذرندڙ درياءُ ڊينيوب الڳ ڪري ٿو. بداپيسٽ شهر جي آبادي 20 لک کان مٿي آهي، هن شهر ۾ وڌيڪ موقعن هجڻ ڪري، هن ملڪ جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ ڪُل شاگردن مان اڌ جيترا شاگرد هن شهر جي يونيورسٽين ۾ ئي پڙهندا آهن، ان کان علاوه Debrecen هن ملڪ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، هن شهر ۾ موجود يونيورسٽي آف ڊيبريسن به هن ملڪ جي بهترين يونيورسٽي مڃي وڃي ٿي. ائين هن ملڪ جي شهر Pecs جنهن کي 2010ع ۾ يورپ جو ڪلچرل شهر هئڻ جو لقب مليو. شهر جي نالي سان قائم يونيورسٽي به مشهور يونيورسٽي آهي. جڏهن ته انتظامي طور ملڪ جي گادي جي شهر کان علاوه هن ملڪ کي 19 ڪائونٽيز ۾ ورهايو ويو آهي. هنگري دنيا ۾ سياحت جي حوالي کان تمام گھڻو مشهور آهي. خاص طور گادي واري هنڌ کي يورپ جي خوبصورت شهرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هنگري ۾ چار موسمون آهن، جتي گرمين سان گڏ سخت سياري جي موسم به آهي، ايوريج ٽيمپريچر جنوري ۾ ڪاٽو چار کان جولاءِ ۾ واڌو 26 سينٽي گريڊ تائين پهچي ٿو.
هنگري جي تاريخ
هي ملڪ اصل ۾ رشيا مان لڏي آيل ماڻهن آباد ڪيو، جيڪي اولهه رشيا طرف موجود پهاڙن جي سلسلي اُرل Ural جا ماڻهو هئا، جن 895ع ۾ اچي هي علائقو آباد ڪيو، سندن پهريون بادشاهه اسٽيفن ٿيو،جنهن هڪ سئو سالن کان پوءِ سڀني ماڻهن کي متحد ڪري هنگري ملڪ جو بنياد وڌو. تاريخ جي مخلتف دورن ۾ ترڪي، جرمني، آسٽريا ۽ رشيا جي قبضي ۾ به رهيو پر سويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ 1990ع ۾ هنگري اندر پهرين جمهوري اليڪشن ٿي. هنگري 1999ع ۾ NATO جو رڪن بڻيو پوءِ 2004ع ۾ يورپين يونين جو ميمبر بڻيو. هن وقت سياحت سان گڏ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ به هنگري تمام گھڻو اڳيان آهي ۽ يورپ جي خوشحال ۽ امن وارن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. هي ملڪ بال پين ايجاد ڪندڙ LászlóBíró جو ملڪ به آهي
هنگري طرفان کٽيل نوبل پرائز
هن وقت تائين هنگري 15 جي قريب نوبل پرائز کٽي چڪو آهي جنهن ۾ هڪ نوبل پرائز ادب جو به آهي، جيڪو 2002ع ۾ هتان جي اديب ImreKertész حاصل ڪيو، سندس گھڻو ڪم نازي ظلم جي تاريخ ۽ انسان تي جنگ سبب گزرندڙ پيڙائن تي لکيل آهي. سندس شاهڪار ڪتابن مان ڪجهه هن ريت آهن، Fatelessness، Kaddish for an Unborn Child، وٽامن C ڳوليندڙ سائنسدان جو واسطو به هن ملڪ سان آهي جنهن جو نالو Albert Szent-Györgyi آهي، کيس به نوبل پرائز سان نوازيو ويو هيو.
هنگري ۾ اعليٰ تعليم
هنگري ۾ اعليٰ تعليم بابت معلومات لاءِ هن ويب سائيٽ تي تفصيل ڏنل آهن، http://studyinhungary.hu/. هنگري ۾ پهرين يونيورسٽي 1367ع ۾ کولي ويئي. هن وقت 28 پبلڪ يونيورسٽيون ، 11 پرائيويٽ يونيورسٽيون موجود آهن. ان کان علاوه چرچ جي طرفان فنڊنگ طور 26 يونيورسٽيون ڪم ڪري رهيون آهن، جن ۾ انگريزي، جرمن ۽ فرينچ ٻولين ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي. هن وقت دنيا جي ٽاپ هڪ هزار يونيورسٽين ۾ هنگري جون به 6 يونيورسٽيون شامل آهن، جن ۾ يونيورسٽي آف Szeged (SZTE) سڀ کان اڳيان 470 نمبر تي آهي، جڏهن ته يونيورسٽي آف Debrecen، يونيورسٽي آفEotvosLorand ، يونيورسٽي آف pecs، بداپيسٽ يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي اينڊ اڪانامڪس ۽ Corvinus يونيورسٽي آف بداپيسٽ شامل آهن.
هنگري حڪومت طرفان ملندڙ اسڪالرشپس
هنگري جي حڪومت به عالمي طور تعليم جي حوالي سان پنهنجو ڪردار نڀائيندي رهي آهي ۽ ترقي پزير توڙي دنيا جي ٻين خطن جي ذهين شاگردن کي پنهنجي تعليمي ادارن ۽ ريسرچ ليبارٽرين ۾ هميشه جڳهه ڏيندي رهي آهي. پاڪستان جي شاگردن لاءِ به هنگري حڪومت هائرايجوڪيشن پاڪستان جي تعاون سان مختلف اسڪالرشپس ڏيندي رهي آهي، جن مان ڪجهه اسڪالرشپ پراجيڪٽس جو ذڪر تفصيل سان ڏجي ٿو.
Stipendium Hungaricumprogramme
هي پروگرام 2013ع ۾ هنگري جي حڪومت طرفان پرڏيهي شاگردن کي هنگري جي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺڻ لاءِ اتساهڻ خاطر شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ هن وقت تائين هزارين پرڏيهي شاگرد فائدو وٺي چڪا آهن. مجموعي طور ساليانو هزارين شاگرد هنگري ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏين ٿا جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ اسڪالرشپ لاءِ هن پروگرام ۾ درخواستون اچن ٿيون. هن اسڪالرشپ تحت سال 2019ع ۽ سال 2020ع ۾ 4500 اسڪالرشپس ايوارڊ ڪيون ويون. اهڙي طرح سال 2021ع لاءِ 5000 هزار اسڪالرشپس مخصوص ڪيون ويون آهن. اهم ڳالهه ته دنيا جي 70 ٻين ملڪن سان گڏ پاڪستان به هن اسڪالرشپ پروگرام ۾ ترقي حڪومت جو پارٽنر آهي، جنهنڪري پاڪستان جا شاگرد به هي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏيئي سگھن ٿا. هن اسڪالرشپ تحت ايندڙ شاگرد جي ٽيوشن فيس معاف هجي ٿي جڏهن ته رهائش ۽ انشورنس به ڏني وڃي ٿي البته رهائش جي خرچ لاءِ مدد طور ڪجهه پيسا ڏنا وڃن ٿا، ٿي سگھي ٿو شاگرد کي وڌيڪ پنهنجي پيسن جي ضرورت پئي.
Bilateral State Scholarships
هي اسڪالرشپ مختلف ملڪن سان باهمي تعلقات جي بنياد تي ڏني وڃي ٿي، جنهن لاءِ ان ملڪ جي حڪومت طرفان يا تعليمي ادارن طرفان مختلف شاگردن کي هنگري ۾ گڏيل ايڪسچينج ڪورسز يا ڊگري پروگرامن جي لاءِ موڪليو وڃي ٿو، هي اسڪالرشپ هن ملڪ جي حڪومت طرفان ٻين ملڪن سان دوستاڻا تعلقات پيدا ڪرڻ سميت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ريسرچ کي وڌائڻ لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي. اهم ڳالهه ته جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي پنهنجي ملڪ طرفان منتخب نه به ڪيو ويو هجي ته به هو الڳ سان پنهنجي درخواست هتان جي Tempus Public Foundation’s online system ۾ ڏيئي سگھي ٿو. جنهن جي ويب سائيٽ هي آهي. https://tka.hu/english.
هنگري ۾ رهائش جو خرچ
بداپيسٽ شهر رهائش جي حوالي سان مهانگو شهر آهي جتي ڊارميٽري ۾ رهائش 129 آمريڪن ڊالر جي آهي باقي ٻين شهرن ۾ سئو ڊالر کان به گھٽ فيس آهي، جڏهن ته پرائيويٽ فليٽ ۾ رهائش به اڪيلي سر 450 ڊالر جي جيڪڏهن گڏيل رهائش هجي ته به 200 ڊالر جي لڳ ڀڳ حصو ٿئي ٿو. جڏهن ته ٻين شهرن پرائيويٽ فليٽ 300 جي لڳ ڀڳ ملي ٿو جيڪو گڏيل رهائش ۾ 150 ڊالر تائين ٿي سگھي ٿو. اهم ڳالهه ته کاڌي پيتي جي لحاظ کان هنگري جي سمورن شهرن ۾ هڪجهڙيون قيمتون آهن، جنهن جو خرچ 150 ڊالر آهي، ٽرانسپورٽ جو خرچ 13 ڊالر ماهوار آهي. ان لاءِ شاگرد سڃاڻپ ڪارڊ هجڻ ضروري آهي. ڏٺو وڃي ته شاگرد جيڪڏهن پيسي خرچ ڪرڻ ۾ احتياط ڪري ۽ ڊارميٽري تي رهائش اختيار ڪري ته 500 ڊالرس کان گھٽ پيسن ۾ مهينو گذاري سگھي ٿو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *