تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

هنداڻو قدرتي ميوو..ابراهيم لاشاري

هن دنيا کي الله تعالي ڪيترو نه خوبصورت انسانن ۽ ساهوارن لاءِ لاڀائتو بڻايو آهي جو قسمين قسمين وڻن، ٻوٽن ۽ ميون کي پنهنجي نرالي حڪمت سان بڻائي سمورن ساهه وارن جي ڪنهن نه ڪنهن نموني غذا جي ضرورت کي پوري ڪيو آهي. هنداڻو سنڌ جي ڌرتي تي صدين کان وٺي پوکبو پيو اچي گرمي جي مند جو لاجواب زبردست قدرتي شربت طور استعمال ڪري وڏي دلچسپي سان شهر توڙي ٻهراڙين ۾ عام جام کاڌو ويندو آهي هن قدرتي فروٽ کي ننڍو توڙي وڏو ٻڍو ٻار هاري ناري جام وٺي پنهجي جهولي واري گرمي هن شربت سان پيا پوري ڪندا آهن گرمي جي مند جهولو جڏهن انسان توڙي حيوانن کي ستائيندو آهي ته ان وقت هنداڻو کائي پنهجي اڃ هن قدرتي فروٽ سان لاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن سندس گرمي ۾ ذائقو به ماکي وانگر مٺو ۽ لاجواب هوندوآهي هر ماڻهو ان جي ذائقي مان پهنجا چپ پيو چٽيندو آهي هنداڻي منجهه ميوي ۾ موجود ڳر دراصل گلوڪوس ۽ ٻين خوراڪي جزن سان جهڙوڪ وٽامن بي 1 بي_2 وٽامن بي 6 وٽامن سي معدنيات ڪيلشم، آئرن، ميگنيشم، مينگانيز، فاسفورس، پوٽيشم، سوڊيم ۽ جست سان نهايت ڀرپور ۽ مٺو پاڻياٺ هوندو آهي.
هنداڻي کي ڇانهون پڻ ڪوٺيندا آهن هي فروٽ سنڌ ۾ عام جام ٿيندو آهي هن کي انگريزي زبان منجهه (واٽر ملن) سڏيندا آهن هنداڻي جي پوک سنڌ ۽ برصغير پاڪ هند ۾ تمام گهڻي وقت کان ٿيندي اچي پئي هنداڻي جو اصل ملڪ آفريڪا کنڊ چيو وڃي ٿو هي فصل سنڌ منجهه ٿر ۾ برساتن پوڻ کانپوءِ صدين کان وڏي مقدار تي ٿي رهي آهي جئين ته هي گل جو فصل خريف جي مند سيزن جو اهم فصل تصور ڪيو وڃي ٿو سو هن فصل کي گرم ۽ خشڪ آبهوا جي نهايت بهترين ضرورت پوندي آهي سخت سردي يا سخت سئي يا پاري برداشت ڪرڻ جو بهاڙي آهي هن فصل لاءِ وارياسي لٽاسي زمين موزون آهي ان ۾ فصل به بهتر لهندو آهي سم ۽ ڪلر واري زمين ۾ هن فصل جي پيداوار ۾ ڪا به اميد ناهي هوندي سم ڪلر ۾ فصل بهترين پيداوار ناهي ڏئي سگهندو هنداڻي جو فصل کرن چنگي ۽ ناڙي وسيلي کڏا کڻي چنگيون هڻي ڪبو آهي پر کرن ذريعي پوکيل فصل بهترين پيداوار ڏيندو آهي.
هنداڻي جون جنسون به ڪافي ٿين ٿيون پر ديسي جنس وڏي ڪاري ٻج سان ٿئي ٿي هنداڻي جو رنگ هلڪو سائو ۽ ڪارن لڪيرن سان بي ترتيب پٽي سان چٽڪمرو به ٿيندو آهي ۽ جسامت گول بيضي نما ٿيندي اٿس هنداڻي جو فصل 90 کان 100 ڏينهن ۾ تيار ٿي مارڪيٽ ۾ پهچي ويندو آهي هن جي ڦر يعني هنداڻي جي داڻي جو وزن 2ڪلوگرام کان 15 ڪلوگرام تائين ٿيندو آهي هنداڻي جو فصل سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ جهڙوڪ ٿر ڪچي ۽ ڪاڇي ڪوهستان بر پٽن ۾ ٻين فصلن سان گڏ به ٻاجهري جوئر ڪمند توري گدري جي ڀر پاسن سان ٻين فصلن جي سونهن بڻيو بيٺو هوندو آهي هاري ويچارو پيو ٻين فصلن سان ڀيٽ پيو ڪندو نظر ايندو آهي هي فصل توڙي پاڻي ۽ وارياسي علائقن ۾ به عام جام ٿئي ٿو. پاڻي جي کوٽ ۽ وارياسي علائقن جا ماروڙا به هن قدرتي لاجواب ميوي فروٽ جو کائي لطف حاصل ڪندا آهن هنداڻي ۾ 91سيڪڙو پاڻي ۽ 6کان 8 سيڪڙو شگر مٺاڻ پڻ موجود هوندو آهي ڪافي عرصي کان وٺي ٻاهر ين ملڪن منجهان هن جو ٻج مارڪيٽ ۾ بند دٻي ۾ به ملي ٿو ۽ اهو ٻج به پوکيو وڃي ٿو جنهن جو رنگ گهرو سائو ۽ دوهه ڪارو ۽ ٻج جي جسامت ننڍڙي هوندي اٿس هن قسم جي جنس جو هنداڻو به لاجواب زبردست مٺو ۽ ڳر به ڳاڙهي هوندي اٿس.
هنداڻو ڪڏهن ڪڏهن کائڻ بعد وائي يعني پيٽ تي برٿي پڻ ڪرائيندو آهي ان سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن گهڻي هنداڻي کائڻ سان پيٽ جو سور به پوندو آهي هنداڻو جڏهن پچي راس ٿيندو آهي ته اندران ڳر سندس تمام ڳاڙهي ۽ ڳريل ٿيندي آهي جنهن جي کائڻ سان ماڻهو دست ۽ الٽين ۾ پڻ مبتلا ٿي پوندو آهي ڪڏهن ڪڏهن ان ڳريل هنداڻي کائڻ سان گيسٽرو بيماري ۾ به ماڻهو مبتلا ٿي پوندا آهن ڳريل هنداڻو نه کائڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته صحت تي خراب اثر ٿي پوي ٿو هنداڻي جو فصل اڄ ڪلهه سڄي دنيا ۾ ملي ٿو هنداڻي جي فصل جي آڳاٽي پوک جنوري مهيني ۾ ڪرڻ گهرجي جئين مندائتي هنداڻي جو فصل اپريل مهيني جي گرمي واري موسم ۾ لاڀائتو سٺي اگهه سان مارڪيٽ ۾ اپت ڏئي سگهي مندائتي پوک فيبروري ۽ مارچ ۽ عام پوک جون مهيني ۽ جولاءِ مهيني ۾ به ڪئي ويندي آهي هنداڻي جو فصل عمومن في ايڪڙ پيداوار 150 کان 200 مڻ لهي ٿو 2012 جي يو اين اي جي سروي مطابق سڄي دنيا ۾ چين هنداڻي جي پيداوار ۾ پهريون نمبر ترڪي ٻيون، ايران ٽيون ۽ برازيل چوٿون نمبر جڏهن ته مصر پنجون نمبر وڌيڪ اپت پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ شمار ٿين ٿا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *