تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

هر ڪو پنهنجي اگهه اگهاڻو …. امين ارباب

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي اقتدار واري دور دوران سنڌ ڪابينا ۾ ڪنهن به اردو ڳالهائيندڙ کي اهو چئي شامل نه ڪيو ته سنڌ ۾ حڪمراني جو حق صرف ۽ صرف سنڌي ماڻهن جو ئي آهي، پر اڄ “ھي جي آيا هير مون اڳ نه ڏٺا ڪڏهين” جهڙي صورتحال ڇو ٿي وئي آهي، ڪجهه سمجهھ ۾ نٿو اچي. سمجھه ۾ اچي نه اچي پر اهو سمجهھ ۾ ضرور اچي ٿو ته لکپت ۾ باندي بڻايل شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سياسي حيثيت ختم ڪرڻ لاءِ ضياءُ الحق هٿان نو ستارن جو هڪ بي نور ڪهڪشان ٺاهيو ويو، جنهن ۾ اهي به شامل هئا جنهن لاءِ منشي چيو هو “مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾” اهو شهيد ڀٽو جيڪو چڙهندي سوليءَ چڙهي ويو توڙي جو سواءِ هڪ ذاتي دوست جي ڪنهن به اردو ڳالهائيندڙ جي سياسي اڳواڻ کي پنهنجي سنڌ ڪابينا ۾ شامل نه ڪيو پر ضيا آمريت جڏهن عوامي سگهھ ماڻي نه سگهي ته 9 ستارن جي جهولي ۾ “مهاجر” لفظ کي تڃڻي ۾ ٻڌي نڪ آڍڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ سنڌي ماڻهن جي هن ڌرتيءَ تي ڪجهھ سالن پڄاڻان اُهو آڍجندڙ نڪ مهاجر قومي موومينٽ طور سامھون آيو.
مهاجر قومي موومينٽ جو نالو جڏهن ڀائي جان جي ٺپي جو وحشت ڀريو روپ ڌاري ڌرتي ڌڻين جي ڇاتين تي لڳو ته سنڌ جي قومپرست ڌرين سان گڏ پيپلزپارٽي به ڀائي جان جي تنظيم جي خلاف ٿي پئي. پڪي قلعي جي آپريشن کان وٺي کجي گرائونڊ تائين ڪيترن تي ڪن ڪٽن ۽ ڪاليائن کي ڪاٺ ۾ وڌو ويو ته ڀائي جان مهاجر قومي موومينٽ مان هٿ ڪڍي متحده قومي موومينٽ جو سرواڻ بڻجي سامهون آيو. سنڌ جي تاريخ ۾ سواءِ ڀٽي صاحب جي شايد ئي ڪو اهڙو سنڌي سياستدان هوندو جيڪو ڪراچي جي هن مُٺي ڀر تنظيم اڳيان جھڪيو نه هجي. شهيد راڻي جڏهن 1988 ۾ هن تنظيم کي حڪومتي پتي ڏني ته اڳتي ھلي ھن تنظيم جي ڀائي جان وڏي پتي جي ڳالھه ڪئي ۽ مرضي واري پتي نه ملي ته اڳتي هلي ڀائي جان به پيپلزپارٽي کان ڌار ٿي ويو.
ممتاز ڀٽي پاران “مڪڙ” شهيد راڻي طرفان “چوهي” ۽ قاف ليگ جي تڏهوڪي وڏي وزير ارباب رحيم پاران “گدڙ جي ڀيٽ ۾ شينهن واري بهتر زندگي ڪوٺڻ وارو پهاڪو کين ڀيٽڻ تي بائيڪاٽ جو الٽيميٽم ڏيڻ واري ماضي ۾ صلاحڪاري لاءِ سڪندڙ ۽ هاڻوڪي ڀائي جان جي تنظيم جيڪا تتر ڀتر ٿيڻ باوجود سٽي ميئر ۽ وفاق ۾ وزارتن جي حيثيت ۾ حڪومتي طاقت جو حصو بڻجي اڃان تائين سامهون بيٺل آهي تڏهن تاريخ پُڇي ٿي ته ڪرفيو دوران انساني وجودن تي پارٽي جا ٺپا، 12مئي ۽ 18 آڪٽوبر جهڙن بربريت تي مبني وارن ڏينهن جا پڇاڻان ۽ قابل احترام اڳوڻي چيف جسٽس کي ڊي پورٽ ڪرڻ وارا منظر ڪيڏانهن هليا ويا ۽ سنڌي ماڻهن جي موجوده سياسي حڪومتي قوت لاچار ۽ بيوسي جو شڪار ڇو بڻجي وئي، ڪالھه جنهن تنظيم شهرن مان سنڌي ماڻهن کي لوڌي پئي ڪڍيو انهن سان جيئي سنڌ تحريڪ اتحاد ڪري اجرڪون ڇو اوڍايون، ڪالھه جنهن ڪانڀو خان نالي تي سنڌ جي ماڻهن فخر ٿي ڪيو ان جي پُٽ ڄام صادق ڀائي جان کي گرفتاري کان بچائڻ لاءِ اڳواٽ ئي جهاز ۾ چاڙهي لنڊن ڇو روانو ڪيو ۽ ڪالھه جنهن دهشتگرد تنظيم خلاف سنڌ دشمن پاليسيون جوڙڻ تي اپوزيشن ۾ ويهي احتجاج ٿي ڪيا ان سنڌ ۾ اڪثريت سان کٽي آيل پيپلزپارٽي کي ڇا ٿي ويو جو ماضي جي ڀائي جان واري تنظيم جي ڪراچي واري ريلي ۾ شرڪت ڪري ٻٽي نظام جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته بينظير جو ڀاءُ ٻيو ڪير به ناهي پر جيڪڏهن ڪو آهي ته اهو ڀائي جان ئي آهي.
هاڻي جڏهن جهڪي جھڪي، آرڊيننس لکي لکي ۽ سڀ ڪجھه لٽائي ڇڏڻ کان پوءِ سياسي ويڇو ظاهر ڪري سنڌي ٽوپيون پائي ۽ اجرڪون اوڍي پنهنجي عزت ۽ احترام جو نياپو توڙي جو کڻي ڏئي ڇڏيو آهي سنڌ جي سگهاري پارٽي پيپلزپارٽي، تڏهن سنڌي ماڻهو اها پڪ اڃان به ڪئين ڪن ته سنڌي ٽوپي پائيندڙ اسان جا هي سنڌي حڪمران مفاهمتي پاليسي جي نالي ۾ هاڻ ڪڏهن به 90 تي لنگهي وڃڻ جي ضرورت محسوس نه ڪندا ۽ نه ئي چوندا ته بينظير جو جيڪڏهن ڪو ڀاءُ آهي ته اهو صرف ۽ صرف لنڊن وارو ڀائي جان ئي ڀاءُ آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *