تازا ترين
  • *نئون ڪوٽ: ڪلوئي ويجهو زهريلو کاڌو کائڻ سبب 2 ڄڻن جي فوت ۽22 بيهوش ٿيڻ وارو مامرو *ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد صحت کاتي ٿرپارڪر جون ٽيمون ڳوٺ بچل سومرو پهچي ويون *نئون ڪوٽ: پي پي ايڇ آءِ ۽ ڊي ايڇ جون ڌار ڌار ٽيمن متاثر ڳوٺاڻن جو علاج شروع ڪري ڇڏيو *زهريلي ڏهي ۽ زهريلو کير پيئڻ سبب واقعو پيش آيو، عورت سميت 2ڄڻا فوت ٿي ويا آهن: ڳوٺاڻا*
  • *اسلام آباد: اي ٽي سي ۾ عدليا مخالف تقرير واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي *عدالت ڪيس مان دهشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *عدالت جوابدار افتخار الدين جي اپيل تي ڪيس سيشن ڪورٽ اماڻي ڇڏيو *جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري ڌمڪي واري تقرير تي افتخار خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو*
  • *جروار ۾ زبون حال هيلٿ سينٽر جي عمارت جي مرمت نه ٿي سگهي، شهرين جو احتجاج *هيلٿ سينٽر جي عمارت10 ورهين کان زبون حالي جو شڪار آهي: مظاهرين *2000۾ ٺهيل هيلٿ سينٽر جي عمارت کي 2010 جي برساتن نقصان پهچايو هو: مظاهرين*
  • *پشاور: صحت کاتي جي وزير تيمور جهگڙا پاران ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو *صحت واري وزير زخمين جي عيادت ڪئي ۽ انتظامن جو جائزو ورتو *ايل آر ايڇ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي، زخمين لاءِ بهتر انتظام آهن: صحت وارو وزير*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ نيب آرڊيننس جي سيڪشن 17 ڊي جي اختيار وارو معاملو *عدالت ڪيس بابت سموريون اپيلون گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *اسان کي ڏسڻو آهي ته قانون جوڙڻ وقت قانون ٺاهيندڙن جي ذهن ۾ ڇا هو: ايڊووڪيٽ طارق *نيب جي قانون تحت وڌ کان وڌ سزا 14 سال ٿي سگهي ٿي: وڪيل طارق محمود*
  • *ڪراچي مان 39 مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل پليجاڻي واسي شاگرد گهر پهچي ويو *ڳوٺ رشيد ٽڳڙ واسي گولڊ ميڊلسٽ گلشير ٽڳر اوچتو گهر پهچي ويو، وارثن ۾ خوشي جي لهر پکڙيل *
  • *وزير اعظم عمران خان پاران پشاور ڌماڪي جي شديد مذمت *ڌماڪي ۾ قيمتون جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس آهي: وزير اعظم عمران خان *ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي صحتيابي جي لاءِ دعا ڪيان ٿو: وزير اعظم عمران خان*
  • *ڪنري ۾ گستاخ خاڪن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، فرانس خلاف نعريبازي *مختلف مختلف جماعتن پاران جامع مسجد کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *ڪنري: گستاخ خاڪن سبب سڄي دنيا جي مسلمانن جي دل آزار ٿي آهي: اڳواڻ*
  • *لاهور: شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ۽ مني لانڊرنگ ريفرنس *شهباز شريف کي جيل اختيارين پاران احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 6 ماڻهو فوت، انگ 6 هزار 745 ٿي ويو *ڪورونا جا وڌيڪ 773 ڪيس ظاهر، انگ 3 لک 29 هزار 375 ٿي ويو*
  • *مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف پاران پشاور ڌماڪي جي شديد مذمت *قرآن پاڪ جي تعليم دوران ڌماڪو ڪرڻ جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي: نواز شريف *واقعي تي شديد ڏک آهي، ٻارڙن جي والدين جو ڏک تمام وڏو آهي: نواز شريف*
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو *چانڊڪا پل وٽ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب طارق علي چانڊيو زخمي ٿي پيو *نظر محلا واسي زخمي کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو *ڏيرا برادري سان تڪرار هلندڙ آهي، ڪجهه وقت اڳ ڌمڪيون به مليون هيون: مقتول جو ڀاءُ*
  • *پشاور: دير ڪالوني ۾ مدرسي ۾ ڌماڪو، 7 ڄڻا مارجي ويا، 77 کان وڌيڪ زخمي*ڌماڪي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري ۽ ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهتل*مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: پوليس *ڌماڪي جي وقت مدرسي ۾ تدريسي عمل جاري هو: پوليس اختياريون *ڌماڪيدار مواد هڪ ٿيلهي ۾ رکيو ويو هو: آءِ جي ڪي پي *
  • * ڌماڪي ۾ 5 کان 6 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو: ايس ايس پي آپريشن *مدرسي ۾ هڪ شڪي شخص ٿيلهو رکي ويو هو: ايس ايس پي آپريشن *ڌماڪي جي وقت مدرسي ۾ تدريسي عمل جاري هو: ايس ايس پي آپريشن*
  • *پشاور: مارجي ويلن ۾ ڪوبه ٻارڙو شامل ناهي: آءِ جي ثناءُ الله عباسي *پشاور: ٽائيم بم ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو آهي: پوليس اختياريون *اسپتال آندل زخمين مان 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي: اسپتال ذريعا*

هبل دوربين جنهن ڪائنات جي لڪيل ڪيترن ئي راضن کي پڌرو ڪيو … محسن رند

تقريبن چار صديون اڳ گليلو جي زماني ۽ دوربين جي ايجاد کان وٺي اڄ تائين خلا ۽ ڪائنات تي تحقيق ڪندڙ فلڪيات جا ماهر آسمان ۾ پري تائين ڏسڻ ۽ ڪائنات جي راضن متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي جستجو ۾ رڌل رهيا آهن اهڙي ئي جستجو سبب اڄ جي جديد دور ۾ جديد دوربين وجود ۾ آئي آهي جنهن سان انسان آسمان ۾ پري تائين اهي شيون ڏسي سگهي ٿو جيڪي اڳ ممڪن نه هيون24 اپريل 1990 ۾ آمريڪي خلائي تحقيقي اداري ناسا جي خلائي اسٽيشن تان آسماني جهاز هڪ مخصوص سائنسي مصنوعي مشين کڻي آسمان طرف روانو ٿي ويو جنهن کانپوءِ ڪائنات متعلق انسانن جي هلندڙ تحقيقن ۾ انقلاب برپا ٿي ويو ۽ ڪافي شيون پڌريون ٿي ويون، خلا ۾ خلائي جهاز ذريعي موڪليل هبل نالي دوربين اها سائنسي مشين آهي جنهن جي جوڙڪ سان انسانن طرفان خلائي ڄاڻ ۾ پيدا ٿيل ڪيترن ئي مونجهارن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي هبل دوربين کي اهڙي طرح ٺاهيو ويو آهي جو هو زمين جي مٿاڇري حصي تي ڌرتي جي مدار ۾ ڌرتي سان گڏ چڪر هڻندي صاف ۽ شفاف ماحول ۾ رهي ڪري سيارن، ستارن ۽ ڪهڪشائن ۽ انهن کان به اڳتي جي نظامن جو جائزو وٺي سگهي ٿي.
هبل دوربين جو قد ڪاٺ هڪ اسڪول بس جيترو آهي ۽ هن جو نالو هڪ آمريڪن خلائي ماهر ايڊون هبل جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي هن دوربين کي ڏيڍ ارب ڊالرن جي لاڳت سان ڏهن سالن ۾ ٺاهيو ويو آهي، هن جي ڊزائن ۽ تعميري جوڙجڪ ۾ ڏهه هزار ماڻهن پنهنجو حصو ڳنڍيو آهي. آمريڪن خلائي اداري ناسا جي وڏي عهديدار نينسي گريس رومن کي هبل دوربين جو والد سمجهو ويندو آهي نينسي گريس هبل دوربين کي آخري شڪل ۾ آڻڻ لاءِ خلائي ماهرن ۽ ٻين شعبن جي انجنيئرن جي هڪ ڪميٽي ٺاهي جيئن هو هڪ اهڙي دوربين ٺاهي سگهن جيڪا ڌرتيءَ جي مدار ۾ چڪر هڻي اسان تائين ڪائنات جون اهي تصوريون ڪڍي موڪلي جيڪي اڳ صرف اسانجي خيالن ۾ هونديون هيون ۽ نيٺ ڏهن سالن جي مسلسل ماهرن جي ڪاوشن بدولت نينسي کي خوشخبري ملي ته هو هن جي خوابن کي حقيقي شڪل ۾ آڻڻ لاءِ هن جي سوچ مطابق دوربين ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويا آهن جنهن کي خلا ۾ موڪلي سگهجي ٿو خلا ۾ دوربين کي موڪلڻ کانپوءِ ماهر تڏهن پريشان ٿي ويا جڏهن کين خبر پئي ته هنن دوربين کي زمين تان ئي هڪ غلطي سان گڏ موڪليو آهي جنهن جي ڪري کين دوربين صاف تصويريون نه موڪلي سگهندي ۽ هيٺ ويٺل ماهرن ڏينهن رات جي ڪوششن کانپوءِ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ان خرابي کي ڳولي لڌو جنهن بدولت دوربين پنهنجو ڪم صحيح طريقي سان انجام نه پئي ڏئي سگهي نيٺ ماهرن فيصلو ڪيو ته دوربين کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هتان هڪڙي ٽيم موڪلي وڃي جيڪا دوربين ۾ لڳل نٽ کي درست ڪري خرابي کي ختم ڪري واپس موٽي اچي ۽ جڏهن هتان موڪليل ٽيم اها خرابي ختم ڪري واپس وري ته دربين طرفان موڪليل تصوير سائنسدانن کي ڏندي آڱريون ڏئي ڇڏيون جنهن دوربين ۾ لڳل ڪيمرائن اسانجي ڪهڪشان ۾ ايڏو پرتي تائين تصويريون ڪڍيون جيڪي زمين تان ويٺي اڳ ڪڏهن ممڪن ئي نه هيون.
هبل دوربين جي خالق نينسي جو چوڻ آهي ته دوربين اهڙين شين کي ڏسي سگهي ٿي جن کي اسانجي اک ڏسي نٿي سگجي يان کڻي ائين چئجي ته اربين دفعا اسان جي اک کان اها دوربين بهتر ڏسي سگهي ٿي مثال جي طور جيڪڏهن چنڊ تي ڪو پکي به هجي ته ان کي هبل دوربين جي ذريعي ڏسي سگهجي ٿو پر اک سان اسان اهو پکي نه ڏسي سگهنداسين،گذريل ٽيهن سالن ۾ هبل دوربين جي ٿورن سان ڪائنات متعلق اسانجي ڄاڻ، علم ۾ لکين دفعا وڌيڪ اضافو ٿيو آهي اڄ تائين ڪيترن ئي خلائي پروگرامن تحت هبل دوربين جي اوزارن ۽ سافٽيئرن کي پڻ تبديل ڪري هبل جي پروگرامن کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويو آهي هن دوربين بدولت موڪليل تصويرن کانپوءِ ماهر فلڪيات ڪائنات جي ڄمار متعلق پڻ صحيح اندازو لڳائي سگهيا آهن ته اسان جنهن ڪائنات جو حصو آهيون ان ڪائنات جي ڄمار چوڏنهن ارب سال آهي جڏهن ته ان کان اڳ هڪ خيال هوندو هو ته ڪائتات جي ڄمار پنج يا ڏهه ارب سال هوندي، اڄ تائين جي سموري دنيا جي خلائي پروگرامن ۾ هبل دوربين واري پروگرام کي انتهائي ڪامياب ۽ ڄاڻ وارو پروگرام تصور ڪيو وڃي ٿو.
آمريڪا جا خلائي ماهر 2021 ۾ هن دوربين کان به وڌيڪ حساس، وڏي ۽ جديد جيمز ويب دوربين نالي پڻ خلا ۾ موڪلڻ جي تيارين ۾ آهن جنهن متعلق چيو وڃي ٿو ته اها دوربين اڃا وڌيڪ ڪائنات، ڪهڪشائن ۽ آسمان متعلق لڪيل ڪيترن ئي راضن کي پڌرو ڪندي اسان جي ڄاڻ ۾ اهڙو ته اضافو ڪندي جنهن جو فائدو صدين تائين اسانجي ايندڙ نسلن کي ٿيندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *