تازا ترين
  • *ميهڙ ۾ ٽن ڏينهن کان نوجوان گُم: وارثن کي اغوا جو شڪ*
  • *روهڙي ۾ سڱاوتي تڪرار تان جيڪب آباد واسي ڪُهي قتل*

هارين جي حقن جو پڙاڏو…..اڌ بٽئي تحريڪ کان سنڌ ٽيننسي ايڪٽ واري فيصلي تائين….نثار کوکر

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو هارين جي حقن بابت آيل تازو فيصلو پڙهڻ کانپوءِ ان محاوري تي ذري گهٽ يقين ٿي ويو آهي ته واقعي جج نه ڳالهائيندا آهن پر انهن جون ججمينٽس يعني فيصلا ڳالهائيندا آهن. ايئن ئي سنڌ ٽيننسي ايڪٽ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي معزز ججن جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس محمد عدنان الڪريم چوڌري تي ٻڌل ڊبل بئنچ جو فيصلو پڙهي ايئن لڳو ته هي سٺ، پنجهٺ صفحن وارو تاريخي فيصلو نه لکي رهيا آهن پر ورهاڱي کان اڳ واري اڌ ۾ رهيل هارين جي حقن واري تحريڪ مڪمل ڪري رهيا آهن جنهن تحت هارين کي پنهنجا مڪمل حق ملڻا هئا. مون واٽس ايپ تي آيل سندن فيصلو پڙهي کلي مسڪرائي انهن اڳوڻن ججن ڏانهن ڏٺو جن جا ڏنل ريمارڪس ميڊيا ۾ روزانو سياستدانن جي بيانن کان به وڌيڪ جڳهه والاريندا هئا. انهن مان ڪو ڊيم جي چوڪيداري ڪرڻ جو اعلان ڪندو هو، ته ڪو پنهنجي پٽ جي ڪاروبار سان انصاف لئه سياست ڪرڻ چاهيندو هو پر هاڻي ٻئي همراهه پرڏيهه ۾ پنهنجي تڪڙو امير ٿي ويل اولاد سان خوش و خرم آهن، انهن پبلسٽي جي شوقين ججن کانسواءِ به ڪي جج آهن جيڪي خاموشي سان اهڙو ڪم ڪري رهيا آهن جيڪو سنڌ ۾ هارين جي حقن جي علمبردار ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو ڇڏيل مشن سمجهيو وڃي ٿو.
سنڌ هاءِ ڪورت جو تازو آيل اهو فيصلو ته توهان ٻڌو ئي هوندو جنهن تحت سنڌ ٽيننسي ايڪٽ تحت روينيو عملدارن کي مليل مئجسٽريٽي اختيار ختم ڪري انهن وٽ اڪلائن جي انتظار ۾ پيل درخواستون لاڳاپيل ضلعي عدالتن ڏانهن منتقل ڪيون ويون آهن ته جيئن هارين جي پٽيشن اسسٽنٽ ڪمشنر يا ڪمشنر نه پر سول جج ٻڌي ۽ انهن جون اپيلون ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٻڌي سگهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ان فيصلي سان روينيو عملدارن جا رهيل مئجسٽريٽي اختيار به ختم ٿي ويا ۽ هاڻي اهي زمين جي ماپ وغيره ڪرڻ يا ريڪارڊ درست رکڻ ۽ ڍل اوڳاڙڻ جو ڪم ڪندا. جڏهن ته ان ئي فيصلي ۾ زميندارن پاران هارين کان ورتي ويندڙ بيگار تي پڻ پابندي لڳائي وئي آهي. ان فيصلي جا تفصيل اڃا اڳتي هلي هڪٻئي سان ونڊيون ٿا پر سنڌ ٽيننسي ايڪٽ بابت 2019ع ۾ ٿيل ان تاريخي فيصلي سان مونکي ورهاڱي کان اڳ واري سنڌ اسيمبلي ياد اچي وئي جتي هارين سان ٿيندڙ ظلمن جو جڏهن پڙاڏو پهتو ته مارچ 1942ع ۾ راجر ٿامس ڪميٽي جوڙي وئي، جيڪا ان وقت نوابشاهه جي ڪليڪٽر مسعود کدرپوش، نورالدين صديقي ۽ آغا شاهي تي مشتمل هئي، ڪجهه وقت کانپوءِ آغا شاهي ان ڪميٽي کان الڳ ٿي ويو ته گوپي چند کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ان ڪميٽي 298 صفحن تي مشتمل پنهنجي رپورٽ تيار ڪئي پر ان سان گڏ مسعود کدرپوش 37 صفحن جو پنهنجو الڳ نوٽ پڻ لکيو جيڪو ڪجهه ماڻهن کي متنازعه پڻ لڳو. ان رپورٽ تي 1942ع ۾ سنڌ اسميبلي ۾ بحث ڪيو ويو جتي ان وقت جي روينيو واري وزير نهچلداس چيو ته هارين جي مسئلن بابت اسيمبلي جي سيشن ۾ الڳ سان بحث ٿا ڪريون، جنهن لاءِ ان ئي سال يعني ڊسمبر 1942ع ۾ جيڪو اجلاس ٿيو ان ۾ سنڌ مان اسميبلي ميمبر خانبهادر محمد ايوب کهڙي ان بحث جي مخالفت ڪندي چيو ته سنڌ جي ۽ بمبئي جي سماجي اقتصادي حالتن ۾ فرق آهي اهو ٽيننسي ايڪٽ لاڳو نٿو ڪري سگهجي. يعني جيڪڏهن سڌن لفظن ۾ چئجي ته ان وقت جي اسيمبلي ۾ خانبهادر پنهنجي جاگيردار طبقي جي نمائندگي ڪئي ۽ هارين کي حق ڏيڻ واري ايڪٽ جي مخالف ڪئي.
ٿورو جيڪڏهن غور ڪريو ته ورهاڱي کان ڪجهه سال اڳ وارو هي اهو دور آهي جيڪو هندو – مسلم سياست جي بيرحم سرگرمي جي ور چڙهيل آهي پر هارين جي حقن جا علمبردار تڏهن به سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرائڻ جي جستجو ۾ لڳل هئا. انهن ئي سالن ۾ سنڌ اندر زميندارن کان اڌ بٽئي وارو حق وٺڻ جي تحريڪ ايتري زور شور سان هلي رهي هئي جو چمبڙ، ٽنڊو الهيار، ميرپورخاص، حيدرآباد، شهدادپور ۽ محرابپور ان تحريڪ جا ڳڙهه ليکيا ويندا هئا. ان ئي دور ۾ عظيم هارياڻي مائي بختاور وارو واقعو پيش آيو، جنهن اڌ بٽئي تحريڪ کي اڃان به اڳتي وڌائي ڇڏيو. سنڌ ۾ هارين جون 1946ع تائين اڌ بٽئي واريون سرگرميون اڃان جاري هيون ته مٿان 1947ع ۾ ورهاڱو اچي ويو، جنهن ڪري مهاجرن جي لڏپلاڻ ۽ انهن جي بحالي وارا ڪم ايترو وقت وٺي ويا جو سنڌ ٽيننسي ايڪٽ رولڙي جو شڪار ٿي ويو ۽ نيٺ 1950ع ۾ اهو ايڪٽ پاس ڪيو ويو. اهو ايڪٽ پاس ته ڪيو ويو پر سنڌ ۾ هارين کي ان ايڪٽ تحت حق ملڻ مشڪل بڻجي ويا ۽ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ قانون جي ٿلهن متارن ڪتابن ۾ دٻجي ويو. ان ٽيننسي ايڪٽ ۾ 2003ع ۽ 2013ع ۾ ترميمون به ڪيون ويون پر اهي به اهڙيون جو 2013 واري ترميم ۾ هارين کان بيگار وٺڻ جائز قرار ڏنل هئي، جنهن جي شق 24 کي جسٽس صلاح الدين واري ڊبل بئنچ ختم ڪري ڇڏيو آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ان تفصيلي فيصلي ۾ هارين ۽ زميندارن وچ ۾ تعلق کي ايتري ته گهرائي سان مشاهدو ڪري لکيو ويو آهي جو هارين جي انهن خوبصورت زالن جو به ذڪر ڪيل آهي جن مٿان ظالم زميندران يا ڪمدارن جي هر وقت حوس واري نظر هوندي آهي. ان سان گڏ ان فيصلي ۾ اهو به يقيني بڻايل آهي ته هاري بي گهر نه هوندو، جيڪو به زميندار هاري رکندو اهو گهر لاءِ زمين ان هاري جي نالي ڪري ڏيندو، ان جو ووٽ رجسٽرڊ ٿيندو. ان فيصلي ۾ واضح لکيل آهي ته هارين جي رجسٽريشن ڪري ٻڌايو وڃي ته سنڌ ۾ ڪيترا هاري ڪم ڪري رهيا آهن ڇو ته هن مهل تائين هڪ سيڪڙو به هاري رجسٽرڊ ناهن. هاڻوڪين تبديل ٿيل حالتن ۾ ايگرو مزدورن جي رجسٽريشن جو پڻ حڪومت کي حڪم ڏنل آهي ته ايندڙ چئن مهينن اندر هارين جي رجسٽريشن مڪمل ڪئي وڃي ته جيئن هارين جي حقن جو کين تحفظ ملي سگهي.
هارين جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ واري ڪم ۾ سستي ضرور آهي پر اڳي پوءِ انصاف جو فيصلو هارين جي حق ۾ ئي اچي ٿو، ان جو تازو مثال هن ڪيس جي پٽيشنر سنجهوري واسي غلام علي لغاري جو وٺجي، جنهن پنهنجي زميندار کان ٽيهن سالن جون قانوني رهتون اوڳاڙڻ لاءِ ٽن سالن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽيا پر روينيو وارن وٽان کيس مايوسي حاصل ٿي جنهن بعد هو مقامي عدالتن مان ٿيندو اچي سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتو جتي نه صرف سنجهوري جي هاري کي بلڪه سندس معرفت سنڌ جي انهن سمورن هارين کي پنهنجا حق حاصل ٿيا جن جا ڪيس سنڌ ٽيننسي ايڪٽ تحت اڃان تائين روينيو عملدران وٽ لٽڪيل هئا. اهو فيصلو يقينن هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ماڻهن ۾ اتساهه پيدا ڪندو ته هيڻن طبقن جي حقن جي پاسداري ڪجي فتح اڳ پوءِ حق جي ٿيندي آهي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *