تازا ترين
  • ميرپور خاص واقعي جي جاچ شروع: ڊي جي هيلٿ جي سفارش باوجود ايم ايس معطل نه ٿيو: پي ٽي آءِ ايم پي ايز ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتل*ڊي سي طرفان جُڙيل ڪميٽي اسپتال انتظاميا جا بيان رڪارڊ ڪيا، ڊي جي هيلٿ جاچ دوران ايم ايس کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اُن تي عمل نه ٿيو*اسپتال انتظاميا طرفان ايمبولينس نه ڏيڻ کانپوءِ ٻارڙي جو لاش موٽر سائيڪل تي نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، جنهن ۾ وڌيڪ 2 ڄڻا فوت ٿيا*
  • ڪراچي ۾ مظاهرو ڪندڙ هيڊ ماسترز تي پوليس ڪڙڪي پئي*مرد ۽ عورت هيڊ ماسترز سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جي لٺبازي، چڪريون*
  • ميرپور خاص واقعي ۾ ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: وڏو وزير*بلاول ڀٽو جي سخت موقف کانپوءِ سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ معافيون گهري رهيا آهن: مراد علي شاهه *
  • شهدادڪوٽ پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪيل نوجوان اسپتال ۾ فوت: وارثن جو لاش رکي ڌرڻو: مقابلو ڪوڙو قرار ۽ جاچ جو مطالبو*شهدادڪوٽ پوليس 15 ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ نوجوان طارق ڌاريجو کي زخمي ڪيو، چانڊڪا اسپتال ۾ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت*طارق شهدادڪوٽ سامان وٺڻ ويو ته پوليس مخالفن جي چوڻ تي کيس گرفتار ڪيو (وارث) مٿس 15 مختلف ڪيس داخل ٿيل آهن: پوليس *
  • غوثپور جا2نوجوان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچي ويا*نوجوان لياقت ۽ محمد عثمان دستي شاديءَ جي ڏٽي ۾ ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته پوليس کين روڪيو*
  • *ڪراچي ۾ آرٽيڪل 149 لاڳو ڪرڻ ۽ فروغ نسيم خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ريليون*
  • *لمس ۽ چانڊڪا ۾ ميڊيڪل جي داخلا لاءِ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر: 3 سڳا ڀائر زخمي*

هاءِ حسين هاءِ عباس……. سڪندرھاڙھو

جيئن ئي آڪاش تي ماه محرم جو چنڊ نظر ايندو آهي ته تيئن ئي عالمِ اسلام تي غمِ حسين طاري ٿي ويندو آهي ائين ئي شھدادڪوٽ جي سياھ پوش ماتامن ننڍن پڪن پوھڙن جي چھرن تي غمِ حسين نظر ايندو آهي ۽ وري اعزادار عزاخانن تي وڃي اعزاداري امام حسين عليه سلام بپا ڪندي ۽چوطرف وفا جي باني دعاء بتول ثانيء مرتضيٰ جو پرچم نشان ڪندي ڪربلا جي شھيدن جي ياد کي تازا ڪندا آهن جيڪوھي المناڪ واقعو 61 ھجري 680 عيسوي ۾ دنيا جي وقوع پزير ٿيو ھو ۽ دين اسلام جي لازوال تاريخ رقم ڪري ڇڏي ھئي ان ڏينهن کان وٺي جڏهن به محرم جو مھينو ايندوآهي ته حق وارن لاء شھداڪوٽ نه بلڪي پوري دنيا سوڳ وارٿي ويندي آهي ۽ عقيدت و احترام سان اعزاداري امام حسين نياز سبيلون ڀي پڻ ڪندا آهن.. ۽ وقت جي ان يزيد کي حق جي صدابلند ڪري ٻڌائيندا آهن.لبيڪ ياحسين لبيڪ يا حسين. ۽ نسل در نسل ايھو سلسلو روان دوان ھلندو پيو اچي .۽ مومن عقيدت و احترام سان ماتمي جلوسن ۾ پرچم عباس کڻي اھا ياد تازا ڪندا آهن ته جيڪو مشڪ سڪينه سان گڏ پرچم کڻي علمدارنھر فرات ڏانهن معصوم علي اصغر لئه پاڻي ڪان ويو ھو پر افسوس فرات ڪناري کان لبريز مشڪ واپس جڏھن ظالمن کان موٽي آيو ته سيد آل رضا آواز ڏنو بيبي تمھارا نوڪر حاضر ھے اب پياس تواشڪون ڪي جام سي بجھائو .. جڏهن نظر پئي ته خالي پرچم اڪيلو ھو. ۽علمدار نه ھو..تڏهن ته ڀٽائي جي اکن بازوءِ عباس ڪٽجندي ڏسي ۽ درياھ تي فرياد ھيئن ڪئي ھئي .
ٻاھر ٻوڻي ٻيلا ڪنڌي سڪائين ڪانھن
دريا تنهنجي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي..
بس ايھوئي ڀٽائي جي شعروارو سيني ۾ غم کڻي عقيدت جو اظهار ڪندا آهن . ۽ نوحاخواني سبيلون نگر نياز به پڻ ڪندا آهن.ڇو جو 61ھ 680ع کان وٺي زھرا جي لال جي ماتمداري واري ھي روايات ھلندي پئي اچي.حسين جوغم حسين جو ماتم نه ڪڏهن ختم ٿيو آ نه وري ڪڏهن ختم ٿيندو ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي .ته وقت جي ظالمن ھزارين ڪوششون ڪيون ته ڪنهن به طريقي سان اعزاداريءِ امام حسين عليه سلام واري ھي ريت رسم ختم ڪئي وڃي دنيا مان. ليڪن ايھوممڪن نه ھو. مظلوم جو ماتم اڄ به جاري ساري آھي۽ جنهن جي پوري دنيا گواھ آهي ته عاشور جومھينو اچڻ سان ئي سفيد ڪپڙا لھي ويندا آهن ۽ سياھ ڪپڙا پھريا ويندا آهن. ان سان گڏ مجلس و ماتم سينا زني منقد ڪئي ويندي آهي..ڇو جو عالمِ انسانيت جو قتلِ عام حق جي وارن جي زمينِ ڪربلا تي مظلومن جو بيگناھ بي جرم بي خطا خون وھايو ويو ھو.۽ ان ظالم جابر حڪمران بدبخت يزيد جي حڪم تي اسيراني ڪربلا کي قيدي بڻائي ظلم جي انتھا ڪئي وئي ھئي. ليڪن ظالم نشتو نابعود ٿي ويو۽ مظلوم زنده باد ٿي ويو ھو.تڏهن کان وٺي ھن مھل تائين پوري دنيا جي لبن تي ھڪ ئي نعارو ھوندو آهي.. يزيد مرده باد.. حسين زنده باد..واڪئي ان ڳالھ ۾ ڪو وڌاءُ ناهي جو حسين مولا نانا جي دين سان گڏوگڏ عالمِ انسانيت کي به بچايو آهي ته پوءدنيا ھر مومن تي ايھو حق ٿو بڻجي ته حسينيت کي بچائي ۽ ظالم جي خلاف آواز بلند ڪري ڇو جو معصومين جو فرمان آهي .. ظالم ڪڏهن اسان سان محبت نه ڪندو.۽ مومن ڪڏهن اسان سان بغض نه رکندو.. اھو ان ڪري ته اعزاداري امام حسين عليه سلام مومن جو معراج آھي. ان ڪري حسين جو ماتم پوري دنياجي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪڏهن بارگاھن ته ڪڏهن روڊ رستن يا وري وچ چوڙاھن تي علمِ عباس عليه سلام جي اڳواڻي ۾ جلوس يا ھلڪن جي صورت ۾ ڪڍيا ويندا آهن. ايھوئي سبب آهي جوپرچمِ عباس ھر دور جو اڳواڻ رھيو آهي ۽ وري رھندو.. تنهن ڪري مومن پنهنجي ماتمي جلوسن ھلڪن گھرن يا وري بارگاھن ۽ وليء ڪنهن بزرگ جي درگاهه تي وڃي پرچم عباس جو نيشان ڪري ياد تازا ڪندا آهن ..پر جڏهن منهنجي اکن اڳيان ڪوعلمدارجوپڙ گذرندو آهي ته بس دل مان ھڪ ئي آواز ايندوآهي اي ڪاش آئون به ھجان ھان ڪربلا ان حق وارن ٻھاتر اصحابن سان گڏ شھيد ٿيا ھان ۽ يان وري بعد پيدا ئي نه ٿيان ھان.ھائي حسين منهنجي دل جي دنيا ننڍڙي آهي ليڪن تنهنجي اھلبيت جوغم وڏو آهي اھومان ناچيز ننڍڙي انسان جي ننڍڙي دل برداش نه ٿي ڪري سگهي بس روئي ھڪ ننڍڙي التجا ڪري سگهي ٿي.ھائي حسين ھائي عباس.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.