تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

نيٺ ٿيندو ڇا ؟… مڪاني نمائندا آفت ۽ عذاب قرار: ميئرز، چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن کان بجيٽ جو حساب ڪير وٺندو؟: عوام

چونڊيل نمائندن، ميئر، چيئرمين ۽ ڪائونسلرن جو مدو پورو ٿي ويو، جنهن تي سوشل ميڊيا تي عوام جتي خوشي جو اظهار ڪيو پيو وڃي اتي پنهنجي چونڊيل نمائندن جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندي انهن مٿان تنقيد پڻ ڪري رهيو آهي ۽ اهو پڻ چيو پيو وڃي ته مڪاني نمائندن جي دور ۾ جيڪي خرچ ٿيا انهن جو حساب ڪتاب ڪير ڪندو؟، سوشل ميڊيا مڪاني نمائندن مٿان ڪرپشن جا الزام پڻ هنيا ويا. ان حوالي سان رفيق ثمر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مڪاني نمائندن جو مدو پورو ٿي ويو، وري ملون نه ملون، الوداع، اهڙي پوسٽ تي عبدالوحيد شيخ لکيو ته شڪر آهي جو اهي ويا، تنوير خان سومرو لکيو ته شڪراني جا نفل پڙهو ته انهن مان جند ڇٽي، ذوالفقار قادري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 4 سال اڳ مڪاني ادارن جا چونڊيل چيئرمين جيڪي ڪجهه به نه هئا اهي شهر کنڊر ڪري ويا پر پاڻ کي قيمتي بنگلن ۽ گاڏين جا مالڪ بڻائي ويا. لال محمد چانڊيو لکيو ته اوهان بلڪل درست ٿا چئو، آصف چارڻ لکيو ته جيڪو ڪندو اهو لوڙيندو، راڄپر شاهدا غلام رسول لکيو ته ايندڙ اليڪشن لاءِ تياري ڪريو، فرمان علي بلوچ لکيو ته سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريو وڃي ته بلدياتي نظام نه گهرجي سموري بجيٽ چيئرمين کائي وڃن ٿا، ناياب سرڪش لکيو ته اهي چيئرمين الائي ڇا مان ڇا ٿي ويا، ايم آر ٻگهيو لکيو ته اٽي ۾ لوڻ برابر به ڪم نه ٿيا، هر علائقي ۾ ڏسو تباهي لڳي پئي آهي، سرويچ اوڍو لکيو ته سڀ ادارا مال ٺاهين ٿا، عوام لٽجي ٿو، مصطفيٰ شر لکيو ته اهي وري ڪوڙن واعدن سان واپس ايندا، لياقت بهليم لکيو ته ڪک پتي مان ڪروڙ ۽ ارب پتي ٿي ويا، عبدالحفيظ دايو لکيو ته هر شهر جا ساڃاهه وند گڏجي ڪري انهن چونڊيل نمائندن کان پڇاڻو ڪري سگهن ٿا. سرفراز علي لکيو ته جنهن کي ڪجهه وٺڻ جي طاقت نه هئي ان به حيدرآباد ۾ بنگلا ۽ ويگو گاڏيون ورتيون، مومل شورو لکيو ته نيب انهن کان حساب وٺي.راجا اجمل لکيو ته لوڪل بجيٽ ته ڄڻ ايم پي ايز، ايم اين ايز سميت حد جي وڏيرن جي گاڏين جي قسطن، پيٽرول، اوطاق جي خرچن لاءِ ايندي آهي عام ماڻهو جي ڀلائي لاءِ ٽڪو به خرچ نٿو ڪيو وڃي.ان کانسواءِ عنايت الله نهڙي، سرور ميمڻ، عبدالرئوف، غلام شبير ۽ ٻين پڻ لکيو ته چيئرمين ۽ ڪائونسلرن صرف پنهنجي لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو. صحبت ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وسيم اختر هاڻي ميئر ناهي رهيو سرڪاري گاڏي واپس ڪري. برڪت جهنڊير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ذريعن جو چوڻ آهي ته مڪاني کاتي جا چونڊيل نمائندا رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ساڳئي کاتي جا آفيسر ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيندا، آدم جانيارو لکيو ته الوداع الوداع، بلدياتي نمائندن جو مدو پورو ٿي ويو، عرفان عالماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جا نوجوان مقابلي لاءِ تيار ٿي وڃن، ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور حصو ورتو وڃي، پوءِ عوام کي ايئن چوڻ جو موقعو نه ملي ته اسان ووٽ غلط ڏنو. عباس کوسو لکيو ته اليڪشن ۾ نوجوانن کي ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي.الله بخش قريشي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اڳوڻا چيئرمين نيون چونڊون ٿيڻ تائين ٻيهر ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيڻ جو امڪان آهي. اهڙي پوسٽ تي لياقت سومرو لکيو ته متان اڃا ڪجهه رهجي ويو هجي، نديم بوزدار لکيو ته سنڌ مان چيئرمينن جي صورت ۾ مڙهيل آفت ختم ٿي وئي. اهڙي پوسٽ تي آصف مهر لکيو ته وري نوان ايڊمنسٽريٽر جي صورت ۾ ايندا. علي ڪامران سهتو لکيو ته سنڌ ٿاڦيل چيئرمينن جي عذاب کان آجي ٿي وئي، خدا جي واسطي ووٽ جو صحيح استعمال ڪري بهترين اميدوارن کي ڪامياب ڪريو ته جيئن اوهان جا مسئلا حل ٿي سگهن. ساگر مصطفيٰ مستوئي لکيو ته افسوس ته هتي ووٽ به چاپلوسي ڪري ڏنو ويندو آهي، افسوس اسان جي قوم کي اڃا ووٽ جي اهميت جي ڪا خبر ناهي پئي، دراصل ووٽ ان کي ڏجي ۽ ان کي کٽرائجي جيڪو ميڊل ڪلاس جو ماڻھو هجي ڪم نه ڪري ته سڀاڻي ماڻھو ان سان ڳالهائي ته سگهي باقي اسان ووٽ وڏيرن، رئيسن ڀوتارن کي ووٽ ڏينداسين پوءِ بهتر جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ وانگر آهي. غمشاد جوکيو لکيو ته سڀ چون ٿا ته ميئر، چيئرمين ۽ ڪائونسلرن جو مدو ختم ٿي ويو، جان ڇٽي پر جيڪو مال کائي ويا ان جو حساب ڪير ڏيندو؟. الطاف جمالي بلوچستان جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته مڪاني نمائندن جو مدو پورو ٿي ويو آهي جيڪڏهن اهي سچا هجن ها ته بلوچستان جي ننڍڙي ڳوٺ دريجي وانگر ڪيترائي ماڊل وليج ٺاهي سگهن پيا پر افسوس جو 4 سالن ۾ مڪاني نمائندن رڳو ڪرپشن ڪري شهرن ۽ ڳوٺن کي کنڊر بڻائي ڇڏيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *