تازا ترين
  • *نئون ڪوٽ: ڪلوئي ويجهو زهريلو کاڌو کائڻ سبب 2 ڄڻن جي فوت ۽22 بيهوش ٿيڻ وارو مامرو *ٽائيم نيوز تي خبر نشر ٿيڻ بعد صحت کاتي ٿرپارڪر جون ٽيمون ڳوٺ بچل سومرو پهچي ويون *نئون ڪوٽ: پي پي ايڇ آءِ ۽ ڊي ايڇ جون ڌار ڌار ٽيمن متاثر ڳوٺاڻن جو علاج شروع ڪري ڇڏيو *زهريلي ڏهي ۽ زهريلو کير پيئڻ سبب واقعو پيش آيو، عورت سميت 2ڄڻا فوت ٿي ويا آهن: ڳوٺاڻا*
  • *اسلام آباد: اي ٽي سي ۾ عدليا مخالف تقرير واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي *عدالت ڪيس مان دهشتگردي جا قلم خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *عدالت جوابدار افتخار الدين جي اپيل تي ڪيس سيشن ڪورٽ اماڻي ڇڏيو *جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري ڌمڪي واري تقرير تي افتخار خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو*
  • *جروار ۾ زبون حال هيلٿ سينٽر جي عمارت جي مرمت نه ٿي سگهي، شهرين جو احتجاج *هيلٿ سينٽر جي عمارت10 ورهين کان زبون حالي جو شڪار آهي: مظاهرين *2000۾ ٺهيل هيلٿ سينٽر جي عمارت کي 2010 جي برساتن نقصان پهچايو هو: مظاهرين*
  • *پشاور: صحت کاتي جي وزير تيمور جهگڙا پاران ليڊي ريڊنگ اسپتال جو دورو *صحت واري وزير زخمين جي عيادت ڪئي ۽ انتظامن جو جائزو ورتو *ايل آر ايڇ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي، زخمين لاءِ بهتر انتظام آهن: صحت وارو وزير*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ نيب آرڊيننس جي سيڪشن 17 ڊي جي اختيار وارو معاملو *عدالت ڪيس بابت سموريون اپيلون گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو *اسان کي ڏسڻو آهي ته قانون جوڙڻ وقت قانون ٺاهيندڙن جي ذهن ۾ ڇا هو: ايڊووڪيٽ طارق *نيب جي قانون تحت وڌ کان وڌ سزا 14 سال ٿي سگهي ٿي: وڪيل طارق محمود*
  • *ڪراچي مان 39 مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل پليجاڻي واسي شاگرد گهر پهچي ويو *ڳوٺ رشيد ٽڳڙ واسي گولڊ ميڊلسٽ گلشير ٽڳر اوچتو گهر پهچي ويو، وارثن ۾ خوشي جي لهر پکڙيل *
  • *وزير اعظم عمران خان پاران پشاور ڌماڪي جي شديد مذمت *ڌماڪي ۾ قيمتون جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس آهي: وزير اعظم عمران خان *ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي صحتيابي جي لاءِ دعا ڪيان ٿو: وزير اعظم عمران خان*
  • *ڪنري ۾ گستاخ خاڪن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، فرانس خلاف نعريبازي *مختلف مختلف جماعتن پاران جامع مسجد کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *ڪنري: گستاخ خاڪن سبب سڄي دنيا جي مسلمانن جي دل آزار ٿي آهي: اڳواڻ*
  • *لاهور: شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ۽ مني لانڊرنگ ريفرنس *شهباز شريف کي جيل اختيارين پاران احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 6 ماڻهو فوت، انگ 6 هزار 745 ٿي ويو *ڪورونا جا وڌيڪ 773 ڪيس ظاهر، انگ 3 لک 29 هزار 375 ٿي ويو*
  • *مسلم ليگ ن جي قائد ميان نواز شريف پاران پشاور ڌماڪي جي شديد مذمت *قرآن پاڪ جي تعليم دوران ڌماڪو ڪرڻ جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي: نواز شريف *واقعي تي شديد ڏک آهي، ٻارڙن جي والدين جو ڏک تمام وڏو آهي: نواز شريف*
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو *چانڊڪا پل وٽ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب طارق علي چانڊيو زخمي ٿي پيو *نظر محلا واسي زخمي کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو *ڏيرا برادري سان تڪرار هلندڙ آهي، ڪجهه وقت اڳ ڌمڪيون به مليون هيون: مقتول جو ڀاءُ*
  • *پشاور: دير ڪالوني ۾ مدرسي ۾ ڌماڪو، 7 ڄڻا مارجي ويا، 77 کان وڌيڪ زخمي*ڌماڪي کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري ۽ ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهتل*مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي ليڊي ريڊنگ اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: پوليس *ڌماڪي جي وقت مدرسي ۾ تدريسي عمل جاري هو: پوليس اختياريون *ڌماڪيدار مواد هڪ ٿيلهي ۾ رکيو ويو هو: آءِ جي ڪي پي *
  • * ڌماڪي ۾ 5 کان 6 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو: ايس ايس پي آپريشن *مدرسي ۾ هڪ شڪي شخص ٿيلهو رکي ويو هو: ايس ايس پي آپريشن *ڌماڪي جي وقت مدرسي ۾ تدريسي عمل جاري هو: ايس ايس پي آپريشن*
  • *پشاور: مارجي ويلن ۾ ڪوبه ٻارڙو شامل ناهي: آءِ جي ثناءُ الله عباسي *پشاور: ٽائيم بم ذريعي ڌماڪو ڪيو ويو آهي: پوليس اختياريون *اسپتال آندل زخمين مان 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي: اسپتال ذريعا*

نيٺ ٿيندو ڇا ؟… ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ گيس ڏيندڙ سنڌ ۾ گيس جي کوٽ نا انصافي قرار

وفاقي حڪومت سنڌ ۾ گيس جي کوٽ جو امڪان ڏيکاري ڇڏيو آهي، وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته گذريل حڪومتن گيس جي ذخيرن ۾ ساڍا 7 سيڪڙو روزانو بنياد تي گهٽتائي اچي رهي آهي هاڻي سنڌ ۾ 250 ايم ايم سي ايف ڊي گيس جي کوٽ اچي رهي آهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت 17 ڪلو ميٽرن جي هڪ جاءِ اسان کي ڏئي ته اسان سنڌ کي اها گيس فراهم ڪنداسين، نديم بابر چيو ته سنڌ 250 ايم ايم سي ايف ڊي گيس جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، جنهن تي ردعمل ڏيندي مرتضيٰ وهاب ۽ سعيد غني چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي بدانتظامي جي ڪري سنڌ ۾ گيس جي کوٽ آهي، آئين تحت هن وقت سڀ کان وڌيڪ گيس سنڌ کي ملڻ گهرجي، وفاقي حڪومت پاران سنڌ کي گيس گهٽ فراهم ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي پڻ ردعمل ظاهر ڪيو ويو ان حوالي سان گل ميتلو پوسٽ شيئرڪندي لکيو ته آئين جي آرٽيڪل 158 تحت سنڌ مان نڪرندڙ قدرتي گيس تي پهريون حق سنڌ جو آهي، قدرتي گيس هڪ منافع بخش ڪاروبار هوندي به مافيائن انجو به ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. وفاق جي انتظام هيٺ هلندڙ هي ادارو به 250 ارب روپين جي گردشي قرضن ۾ ڦاٿل آهي. وفاق جي انتظام هيٺ هلندڙ لڳ ڀڳ سمورن ادارن مان برڪت نڪري چڪي آهي. نتيجي ۾ عام ماڻهو بجلي، پاڻي، گيس، تيل دوائن، اٽي، کنڊ ۽ ٻين عام واهپي جي شين جي کوٽ جي ڪري هڪ عذاب ۽ اذيت جي زندگي گذاري رهيو آهي. آئين جي آرٽيڪل 158 تحت سنڌ مان نڪرندڙ گيس مان اوليتي بنيادن تي سنڌ جي ضرورتن کي پورائو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ مان گيس ڪڍڻ بند ڪئي وڃي. اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي لالي نظاماڻي لکيو ته اهي حڪمران الائي ڪٿان آيا آهن، مرزا سعيد لکيو ته هر حڪومت ۾ ان قسم جي ڪرپشن نظر ايندي، ذوالفقار علي لکيو ته حڪمرانن کي شرم اچڻ گهرجي، قاسم شيخ لکيو ته سنڌ ڪنهن جي جاگير ناهي سنڌ حڪومت تحفظ نٿي ڪري سگهي ته اسان سنڌي عوام پاڻ پنهنجي وسيلن جي حفاظت ڪنداسين. فرحه النساءَ منگي به حڪومت جي اهڙي رويي جي مذمت ڪئي. محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪڏهن هن سياري ۾ وفاق سنڌ سان نانصافي ڪندي گيس جي مقدار گهٽائي ٿو ته سنڌ جي هر شهر ۾ پرامن احتجاج ڪندي پنهنجي آئيني ۽ جائز حق جي گهر ڪئي وڃي، ياد رکو آئين ۾ پڻ طئي ٿيل آهي ته جنهن صوبي مان سڀ کان وڌيڪ گيس نڪري ٿو سڀ کان پهرين حق به ان ئي صوبي جو آهي سنڌ هن وقت ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ گيس ڏئي ٿي ۽ بدلي ۾ گيس جي هٿرادو گهٽتائي به سنڌ لاءِ اها سراسر سنڌ سان ناانصافي آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *