تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

مخالف ڌر جيڪڏهن تحريڪ هلائي ته وفاقي حڪومت ڪمزور ٿي ويندي: عوام …..نيٺ ٿيندو ڇا ؟

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته مخالف ڌر پاران عيد بعد حڪومت خلاف تحريڪ واري عمل کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته مخالف ڌر پاران حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ سٺو قدم آهي، پ پ ۽ نواز ليگ عيد کانپوءِ اي پي سي گهرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي ۽ حڪومت جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پر جيڪڏهن اپوزيشن پنهنجي مفادن لاءِ گڏ ٿي رهي آهي ته پوءِ تحريڪ جو ڪو به فائدو نه ٿيندو حڪومت کي ڪجهه نه ٿيندو. ماضي جي تحريڪ کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته اپوزيشن عيد بعد تحريڪ هلائي ته وفاقي حڪومت ان سان ڪمزرو ٿي سگهي ٿي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي علي حسن چڍڙ لکيو ته مخالف ڌر پاران حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ بهترين عمل هوندو جنهن سان عوام کي وڏو فائدو ملندو، ڇو ته جڏهن تحريڪ انصاف وارن ڪنٽينر تي هئا ان وقت تيل جي قيمتن ۾ لاٿ آئي هئي هن وقت تحريڪ انصاف وڏي ڪرپشن ۾ ملوث آهي، حڪومت کي گهرجي ته پنهنجو پاڻ گهر هلي وڃي، اي پي سي گهرائي ڌرڻو هڻڻ وقت جي ضرورت آهي. ضمير انصاري لکيو ته تحريڪ هلائيندا هيا اڳوڻا ليڊر، هي چور آهن، عبدالله جروار لکيو ته مخالف ڌر جي آل پارٽيز ڪانفرنس سان ڪجهه به نه ٿيندو. هي فقط پنهنجي موجودگي جو احساس ڏيارڻ چاهين ٿا. سچا هجن ها پئٽرول، بجلي، گئس توڙي هاڻ اٽي جي مهانگي ٿيڻ تي آواز اٿارن ها. رحمت الله ميراڻي لکيو ته اپوزيشن کي متحد ٿي حڪومت خلاف تحريڪ ھلائڻ گھرجي، جيڪڏھن اپوزيشن جماعتون پھريان وانگر پنھنجن مفادن خاطر گڏ ٿيون ته پوءِ ڪجهه نه ٿيندو، اپوزيشن پارٽين کي عوامي مفادن خاطر ڀرپور تحريڪ ھلائڻ گھرجي، محبتي مڪيش لکيو ته بلڪل بھترين تحريڪ هلائڻ گهرجي، وفاقي حڪومت غريب عوام سان وڏو ظلم ڪيو آهي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته عيد کانپوءِ مخالف ڌر پاران حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اهڙيون خبرون هر حڪومت ۾ خاص ڪري عيدن جي موقعي تي ملڪ جو عوام ڪيترن ڏهاڪن کان ٻڌندو ۽ پڙھندو پيو اچي، مهاوير واسو لکيو ته انهن جي تحريڪ سان ڪجهه نه ٿيندو، غلام رضا چنا لکيو ته ٿيندو ڪجهه به نه، مولانا فضل الرحمان جيڪا تحريڪ شروع ڪئي انهي ۾ به ڪجهه نه ٿيو، رڳو عوام کي ڏيکارڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، عرض محمد پيرزادو لکيو ته اپوزيشن ڇا به ڪري ڪجهه نه ٿيندو، فصل الرحمان مارچ ڪيو هو ان جو به حڪومت تي ڪو به اثر نه پيو هو، هن تحريڪ سان به ڪجهه ٿيڻ وارو ناهي، جيستائين پاڻ عوام همٿ نه ڪندو مسئلا حل نه ٿيندا، عاشق دايو لکيو ته جيڪڏهن اپوزيشن کي سپورٽ حاصل هوندي ته احتجاج ڪامياب ٿيندو، علي فراز لکيو ته اهو سٺو عمل آهي اپوزيشن کي متحد ٿيڻو پوندو، خادم گهراڻو لکيو ته اهو تحريڪ هلائڻ وارو نمونو هر حڪومت خلاف ٿيندو آهي مٿي سڀ هڪ آهن هيٺ عوام کي بيوقوف ٿا بڻائين، اهي مخالف ڌر جون تحريڪون هلنديون رهيون آهن عوام کي سمجهڻ گهرجي. محمد آصف لوهار لکيو ته اپوزيشن کي متحد ٿي ڪري حڪومت خلاف ڀرپور مهم هلائڻ گهرجي، اشوڪ سمراٺ لکيو ته اپوزيشن جيڪا تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي عوام انهي ڳالهه مان سان اتفاق ڪري ٿو پر اها تحريڪ حڪومت جي خلاف ڪامياب ٿيڻ گهرجي. مظفر شبير بوزدار لکيو ته تحريڪ هلائڻ گهرجي پر ٿيندو ڪجهه به نه ڇو جو وزيراعظم جي مالڪي گهڻي آهي باقي تحريڪ انهن کي پريشان ڏاڍو ڪندي، صبغت الله رند لکيو ته عيد کان پوءِ اپوزيشن جيڪا تحريڪ هلائيندي اها تحريڪ ڪامياب ترين تحريڪ هوندي. حالتن مان خبر پوي ٿي ته پي ٽي آئي سرڪار کي عيد کان پوءِ مڪمل طور اپوزيشن پارٽيون گڏجي ڪري گهر ڀيڙو ڪري سگهن ٿيون، اها تحريڪ ڪامياب ٿيندي، ديدار بلوچ لکيو ته وفاقي حڪومت کي گهرجي ته اپوزيشن جي احتجاج کي سنجيدگي سان منهن ڏي ٻي صورت ۾ دمادمست قلندر ٿيندو، مسرور شر لکيو ته حڪومت مان جان ڇڏائڻ گهرجي، شاهجهان کوسو لکيو ته تحريڪ هلي ته پوءِ حڪومت جو هلڻ ڏکيو ٿي ويندو، عاقب نظاماڻي لکيو ته اپوزيشن جو متحد ٿيڻ ضروري آهي، وقاص نظاماڻي لکيو ته اپوزيشن جومتحد ٿيڻ سٺو عمل آهي، عبدالخالق لکيو ته اپوزيشن جي تحريڪ سان وفاقي حڪومت تي ڪو به فرق نه پوندو، خاص ڪري ن ليگ جي ان اي پي سي ۾ ڪا به دلچسپي نظر ڪا نه پئي اچي، عمران پٺاڻ لکيو ته اپوزيشن بهتر ڪردار ادا ناهي ڪيو، ايم معروف لکيو ته هي ڪا چال آهي جيڪا پنهنجن مفادن لاءِ آهي، نثار لغاري لکيو ته مخالف ڌر ڪا به تحريڪ نه هلائيندي، عبدالرحمان ميمڻ لکيو ته اپوزيشن وارا پنھنجا ڪيس بند ڪرائڻ لاءِ احتجاج ڪندا، ظفر رند لکيو ته عيد کانپوءِ اپوزيشن جيڪا تحريڪ هلائندي اها ڪامياب ٿي سگهي ٿي، احسان شر لکيو ته اڳ ۾ فضل رحمان ڌرڻو ھنيو هو ان سان ڪجهه به نه ٿيو هو هاڻ به ائين ئي لڳي رهيو آهي، اهو نٿو لڳي ته پ پ پ هن تحريڪ جو حصو بڻبي. حيدر غفور جروار لکيو ته مخالف ڌر جي تحريڪ حڪومت کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *