تازا ترين
  • *دادو بار جي وڪيلن پاران ڪيميڪل مليل کير جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو *وڪيلن ڪيميڪل مليل کير جو وڪرو بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو *انتظاميه جي ملي ڀڳت سان کير ۾ صرف ۽ شيمپو ملهايا وڃن ٿا جنهن سان گڙدا ۽ ڦڦڙ ختم ٿين ٿا: وڪيل*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ انٽري ٽيسٽ وارو معاملو *انٽري ٽيسٽ صوبو وٺندو يا وفاق، معاملو حل نه ٿي سگهيو *سنڌ جي صحت کاتي، وفاق ۽ پي ايم سي پاران جواب جمع ڪرايو ويو *عدالت 28 آڪٽوبر تي پي ايم سي جي قيام بابت وڪيلن جا دليل طلب ڪري ورتا*
  • *سيٺارجا: ڳوٺ نانگو دفتري ۾ باهه لڳڻ سبب مغيري برادري جا ڪيترائي گهر سڙي رک *اطلاع باوجود فاربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ڪنگري جي ڪچي ۾ لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس جو آپريشن، 6ڌاڙيل مارجي ويا *مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ ربنواز عرف ربو ناريجو، وحيد رند، اقبال ناريجو، ارباب ناريجو ۽ پٺاڻ عرف پٺو ناريجو شامل *مارجي ويل ڌاڙيل اقبال ناريجو ۽ ٻين مٿان 10-10لک رپيا انعام رکيل هو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو *مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان راڪيٽ لانچرز، مشين گنز ۽ ٻيا جديد هٿيار هٿ: پوليس *آپريشن دوران ڌاڙيلن جي20 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو: پوليس *
  • * فشر مين ڪو آپريٽيوسوسائيٽي جي اڳوڻي چيئرمين خلاف غير قانوني ڀرتين وارو ريفرنس *نثار مورائي خلاف ريفرنس آخري مرحلي ۾ آهي: نيب پراسڪيوٽر *ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن: احتساب عدالت جو حڪم*
  • *ڪراچي: اسپارڪو روڊ تي اسڪول جي سڪيورٽي گارڊ جو لاش هٿ *گارڊ ڊيوٽي دوران پنهنجي ئي هٿيار سان اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي: پوليس*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس سبب معطل ٿيل بائيو ميٽرڪ سسٽم بحال *چيف جسٽس اطهر امن الله جي هدايت تي ڊپٽي رجسٽرار سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو *درخواست داخل ڪرڻ وقت سائلن کي بائيو ميٽرڪ بيان حلفي جي تصديق ضروري هوندي *چيف جسٽس ڪورونا سبب بائيو ميٽرڪ بيان حلفي تصديق کي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو*
  • *اسلام آباد: راڻي باغ جانورن جي مرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي *عدالت رڇن جي پرڏيهه منتقلي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي *اين او سي جاري ٿيڻ بعد رڇن کي پرڏيهه منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي: ڊپٽي اٽارني جنرل *هڪ رڇ کي اردن ۽ ٻئي کي بلغاريه منتقل ڪيو ويندو: درخواستگذار جو وڪيل*
  • *گهوٽڪي: پنجاب واسڻ فنڪارا عليشاهه تي بااثرن پاران مبينا تيزاب هارڻ جي ڪوشش وارو مامرو *گهوٽڪي: رحيميار خان پوليس وڏيري امان الله ڪلوڙ بعد هارون ڪلوڙ کي به گرفتار ڪري ورتو *دوستي نه رکڻ تي امان الله، هارون ۽ تپيدار ارشاد ڪلوڙ تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويس: عليشاهه*
  • *ڊکڻ ويجهو هفتو اڳ قتل ٿيل عبداللطيف ککراڻي جي وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو *ڳوٺ شير خان ککراڻي واسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت نبي شاهه بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باهيون *هفتو گذرڻ باوجود عبداللطيف ککراڻي جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين*
  • *هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪرائيندڙ محمود اختر نقوي خلاف آئيني درخواست *محمود اختر نقوي سبب ادارن ۽ عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي: درخواستگذار *محمود اختر نقوي نه وڪيل آهي ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر آهي: درخواستگذار*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف ڪرپشن وارو ڪيس *اعجاز جکراڻي جي فرنٽ مين غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل نه منتقل ڪرڻ خلاف اپيل *عدالت نيب کان جواب طلب ڪري ورتو *غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل منتقل ڪرڻ بدران جيڪب آباد ۾ رکيو ويو آهي: درخواست*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ميرپورخاص: عمرڪوٽ روڊ تي حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص فوت *رات دير سان ڪار جي ٽڪر ۾ نامعلوم شخص زخمي ٿي پيو هو، لاش سول اسپتال ۾ پيل*

نيٺ ٿيندو ڇا ؟… شهباز شريف جي گرفتاري، مريم نواز جي پريس ڪانفرنس ۽ سوشل ميڊيا تي ردعمل

ملڪ ۾ جيئن جيئن سياسي ماحول ۾ گرمي ايندي پئي وڃي تيئن تيئن سوشل ميڊيا تي به سياسي ماحول گرم ٿيندو پيو وڃي، سومر ڏينهن شهباز شريف جي گرفتاري کانپوءِ سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو ردعمل ظاهر ڪيو ويو پر جڏهن ته مريم نواز شهباز شريف جي گرفتاري واري معاملي تي پريس ڪانفرنس ڪئي ته اها پريس ڪانفرنس ٻرندي تي تيل ثابت ٿي ۽ سوشل ميڊيا تي هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو. ان کان اڳ نواز شريف اپوزيشن پارٽين جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ جيڪا تقرير ڪئي هئي ان تي پڻ بحث اڃا هلي رهيو آهي. شهباز شريف جي گرفتاري کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز به پنهنجي والد نواز شريف وانگر وزيراعظم عمران خان جي خصوصي معاون رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه جو احتساب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان حوالي سان احتساب ۽ گهرو مامرن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر مريم نواز جي بيان تي ردعمل ڏيندي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اهو واضح ٿي ويو آهي ته شهباز شريف ۽ سندس پارٽي قانوني جنگ هارائي چڪي آهي ۽ شهباز شريف جي گرفتاري کانپوءِ فوري طور ٿيل پريس ڪانفرنس توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿي، هن چيو ته مريم نواز مفاهمتي سياستدان ۽ پنجاب جو ليڊر قرار ڏئي پنهنجي چاچي شهباز شريف جي سياست ختم ڪري ڇڏي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته شهباز شريف کي گرفتار ڪري هن ڪٺ پتلي نظام اي پي سي جي قراردادن جي توثيق ڪئي آهي، شهباز شريف پهريان ئي چيو هو ته هو جيل ۾ هجي يا ٻاهر، اي پي سي ۾ ڪيل سمورن فيصلن تي عمل ٿيندو، ڪير ان غلطي فهمي ۾ نه رهي ته اهڙين ڪريل حرڪتن سان اسان کي جهڪائي سگهجي ٿو، آفتاب شيرپائو ٽوئيٽ ۾ لکيو ته شهباز شريف جي گرفتاري جي مذمت ڪريان ٿو، حڪومت سياسي قيادت کي انتقام جو نشانو بڻائي رهي آهي، شهباز شريف جي گرفتاري پي ڊي ايم کي سگهه بخشيندي.صحافي عباس ناصر ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته مقتدر ڌرين شهباز شريف کي گرفتار ڪري هڪ وڏي غلطي ڪئي آهي ڇو ته شهباز جي صورت ۾ انهن وٽ هڪ مفاهمت پسند اڳواڻ موجود هو، سندس غيرموجودگي ۾ سخت موقف رکندڙن کي جاءِ ملندي، مشرف زيدي لکيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف احتساب جي نالي تي انتقام وٺڻ واري پاليسي هاڻي هڪ مذاق بڻجي وئي آهي. عمر پاشا لکيو ته شهباز شريف کي گرفتار نه ڪيو وڃي ها ته مريم نواز عاصم باجوه جي باري ۾ خاموش رهي ها. اينڪرپرسن ثنا بچه لکيو ته مريم نواز هڪ واضح ۽ عين وقت تي هڪ سٺي تقرير ڪئي آهي هن اهو ڏيکاريو ته مريم نواز جي اندر اها صلاحيت آهي ته هو احتساب نالي ان هائوس آف ڪارڊز کي ڪيرائي سگهي ٿي. ٽوئيٽر تي شهباز شريف جي گرفتاري بابت بحث جاري رهيو ان دوران مريم نواز ۽ عاصم باجوه ٽرينڊ به هلي رهيا هئا، مريم نواز پاران عاصم باجوه تي الزامن بعد ڪجهه صارفين مريم نواز جي تعريف ڪئي ته ڪجهه صارفين وري اهو سوال ڪيو ته پاڪستان مسلم ليگ کي عاصم باجوه کان ايڏو مسئلو آهي ته هو پاڻ ڇو کيس عدالت نه وٺي وڃي رهي آهي.
جيڪڏهن ملڪ ۾ احتساب ۽ انصاف هجي ها ته شهباز شريف نه، عاصم سليم باجوه ۽ سندس خاندان گرفتار ٿئي ها. مريم نواز شريف جو ٽوئيٽ
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري تي فرد جرم لاڳو، شهباز شريف گرفتار، پهرين آڪٽوبر تي مولانا فضل الرحمان کي به نيب طلب ڪيو آهي، آڪٽوبر سرد نه پر گرم هوندو. عاصمه شيرازي جو ٽوئيٽ
شهباز شريف کي ٻيهر گرفتار ڪري حڪومت پنهنجي ئي پير تي ڪهاڙو وهائي ڪڍيو آهي. ريحام خان جو ٽوئيٽ

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *