تازا ترين
  • *دادو بار جي وڪيلن پاران ڪيميڪل مليل کير جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو *وڪيلن ڪيميڪل مليل کير جو وڪرو بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو *انتظاميه جي ملي ڀڳت سان کير ۾ صرف ۽ شيمپو ملهايا وڃن ٿا جنهن سان گڙدا ۽ ڦڦڙ ختم ٿين ٿا: وڪيل*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ ڪاليج ۾ انٽري ٽيسٽ وارو معاملو *انٽري ٽيسٽ صوبو وٺندو يا وفاق، معاملو حل نه ٿي سگهيو *سنڌ جي صحت کاتي، وفاق ۽ پي ايم سي پاران جواب جمع ڪرايو ويو *عدالت 28 آڪٽوبر تي پي ايم سي جي قيام بابت وڪيلن جا دليل طلب ڪري ورتا*
  • *سيٺارجا: ڳوٺ نانگو دفتري ۾ باهه لڳڻ سبب مغيري برادري جا ڪيترائي گهر سڙي رک *اطلاع باوجود فاربرگيڊ عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ڪنگري جي ڪچي ۾ لاڙڪاڻو ۽ خيرپور پوليس جو آپريشن، 6ڌاڙيل مارجي ويا *مارجي ويل ڌاڙيلن ۾ ربنواز عرف ربو ناريجو، وحيد رند، اقبال ناريجو، ارباب ناريجو ۽ پٺاڻ عرف پٺو ناريجو شامل *مارجي ويل ڌاڙيل اقبال ناريجو ۽ ٻين مٿان 10-10لک رپيا انعام رکيل هو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو *مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان راڪيٽ لانچرز، مشين گنز ۽ ٻيا جديد هٿيار هٿ: پوليس *آپريشن دوران ڌاڙيلن جي20 کان وڌيڪ ٺڪاڻن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو: پوليس *
  • * فشر مين ڪو آپريٽيوسوسائيٽي جي اڳوڻي چيئرمين خلاف غير قانوني ڀرتين وارو ريفرنس *نثار مورائي خلاف ريفرنس آخري مرحلي ۾ آهي: نيب پراسڪيوٽر *ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا وڃن: احتساب عدالت جو حڪم*
  • *ڪراچي: اسپارڪو روڊ تي اسڪول جي سڪيورٽي گارڊ جو لاش هٿ *گارڊ ڊيوٽي دوران پنهنجي ئي هٿيار سان اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿيو آهي: پوليس*
  • * اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورونا وائرس سبب معطل ٿيل بائيو ميٽرڪ سسٽم بحال *چيف جسٽس اطهر امن الله جي هدايت تي ڊپٽي رجسٽرار سرڪلر جاري ڪري ڇڏيو *درخواست داخل ڪرڻ وقت سائلن کي بائيو ميٽرڪ بيان حلفي جي تصديق ضروري هوندي *چيف جسٽس ڪورونا سبب بائيو ميٽرڪ بيان حلفي تصديق کي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو*
  • *اسلام آباد: راڻي باغ جانورن جي مرڻ بابت داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي *عدالت رڇن جي پرڏيهه منتقلي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي *اين او سي جاري ٿيڻ بعد رڇن کي پرڏيهه منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي: ڊپٽي اٽارني جنرل *هڪ رڇ کي اردن ۽ ٻئي کي بلغاريه منتقل ڪيو ويندو: درخواستگذار جو وڪيل*
  • *گهوٽڪي: پنجاب واسڻ فنڪارا عليشاهه تي بااثرن پاران مبينا تيزاب هارڻ جي ڪوشش وارو مامرو *گهوٽڪي: رحيميار خان پوليس وڏيري امان الله ڪلوڙ بعد هارون ڪلوڙ کي به گرفتار ڪري ورتو *دوستي نه رکڻ تي امان الله، هارون ۽ تپيدار ارشاد ڪلوڙ تيزاب هارڻ جي ڪوشش ڪئي پر بچي ويس: عليشاهه*
  • *ڊکڻ ويجهو هفتو اڳ قتل ٿيل عبداللطيف ککراڻي جي وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو *ڳوٺ شير خان ککراڻي واسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت نبي شاهه بس اسٽاپ وٽ ڌرڻو هنيو، ٽائرن کي باهيون *هفتو گذرڻ باوجود عبداللطيف ککراڻي جا قاتل گرفتار ناهن ڪيا ويا، نوٽيس ورتو وڃي: مظاهرين*
  • *هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف نوعيت جا ڪيس داخل ڪرائيندڙ محمود اختر نقوي خلاف آئيني درخواست *محمود اختر نقوي سبب ادارن ۽ عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي: درخواستگذار *محمود اختر نقوي نه وڪيل آهي ۽ نه ئي وري ڊاڪٽر آهي: درخواستگذار*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي خلاف ڪرپشن وارو ڪيس *اعجاز جکراڻي جي فرنٽ مين غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل نه منتقل ڪرڻ خلاف اپيل *عدالت نيب کان جواب طلب ڪري ورتو *غلام عباس جکراڻي کي سکر جيل منتقل ڪرڻ بدران جيڪب آباد ۾ رکيو ويو آهي: درخواست*
  • *ڪوٽڙي ۾ موٽر سائڪل ڦرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي ڦورن هٿان نوجوان گوليون هڻي زخمي *سائيٽ ايريا مان 3هٿياربندن قطب مري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *نوجوان جي مزاحمت تي هٿياربندن کيس مٿي ۾ سِرون ۽ ڄنگهه ۾ گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ميرپورخاص: عمرڪوٽ روڊ تي حادثي ۾ زخمي ٿيل شخص فوت *رات دير سان ڪار جي ٽڪر ۾ نامعلوم شخص زخمي ٿي پيو هو، لاش سول اسپتال ۾ پيل*

نيٺ ٿيندو ڇا ؟….. اپوزيشن جي تحريڪ سان حڪومت ويندي يا نه؟ عوام جي راءِ ورهايل

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته اپوزيشن جي 11 پارٽين نئون سياسي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ٺاهي حڪومت خلاف تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي عوام جي راءِ ورهايل رهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته اپوزيشن پارٽين جو گڏجي اتحاد ٺاهي تحريڪ هلائڻ واري اعلان جي آجيان ڪجي ٿي، اپوزيشن حڪومت کي ٽف ٽائيف ڏئي سگهي ٿي ۽ حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري سگهي ٿي، ڇو ته حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي، مهانگائي، بيروزگاري وڌڻ ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هو ته اپوزيشن جي اتحادي ۾ سڀ چور ۽ ڪرپٽ آهن، اهي سڀ عوام لاءِ نه پر پنهنجي مفادن لاءِ گڏ ٿيا آهن، انهن جي احتجاج ۽ لانگ مارچ سان ڪجهه نه ٿيندو، حڪومت تي ڪو به فرق نه پوندو. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل سوال تي ڪمينٽ ڪندي ڪامران سهتو لکيو ته اھڙا احتجاج، مارچ ته اڳ به ٿيندا رھيا آھن، مولانا فضل الرحمان جو ڌرڻو ڪنھن کي ياد ناھي ڇا؟ ان ۾ به ڪجهه نه ٿيو ته پوءِ ھي احتجاج ڇا ڪري سگھندا؟ اپوزيشن احتجاج جو اعلان ڪري حڪومت کي اڃا به ڍر ڏئي ڇڏي آهي بهرالحال ڏسجي.. باقي نٿو لڳي ته احتجاج ۽ لانگ مارچ سان حڪومت ويندي، خادم گهراڻو لکيو ته اهي اتحاد ٺهندا رهندا آهن هر حڪومت جي خلاف، هن وقت عوام ڪورونا ۽ ٻوڏ سبب متاثر آهي انهن جي سار لڌي وڃي،گل حسن شر لکيو ته مولانا پھريون دفعو اقتدار کان ٻاھر آھي اھا ڳالهه هن کان برداشت نٿي ٿئي، محسن ملاح لکيو ته اپوزيشن جو اتحاد پي ڊي ايم حڪومت جون پاڙون پٽي ڇڏيندو عبدالله جروار لکيو ته اڳواڻن جي نيت ۾ سچائي هوندي ته اپوزيشن پارٽيون حڪومت ڪيرائي سگهن ٿيون. شهاب الدين سومرو لکيو ته ان سموري صورتحال ۾ پيپلزپارٽي پاڻ کي سنڌ جي مفادن جو نگهبان ثابت ڪرڻ ۽ عوامي همدريون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، محمد پريل عباسي لکيو ته موجوده وفاقي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آھي اپوزيشن جي گڏيل اي پي سي حڪومت کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، نوازشريف، بلاول ڀٽوزرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيون اپوزيشن جون پارٽيون ھڪ پيج تي آهن ٿي سگهي ٿو ته حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي، نياز سومرو لکيو ته اپوزيشن اتحاد حڪومت کي ٽف ٽائيم ضرور ڏيندو، شنڪر باغي لکيو ته عوام جي ايجنڊا ڪنهن وٽ به ناهي ته عوام ڇا ٿو چاهي اها پاڻ بچائڻ ۽ وري ڪرسي حاصل ڪرڻ جي راند آھي انهن جي اي پي سي سان عام ماڻھو جو ڪو مفاد ناهي، عطاءُالرحمان قادري لکيو ته رڳو عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، صالح نوحاڻي لکيو ته صرف پنهنجي کل بچائڻ لاء گڏ ٿيا آهن عوام جي اهنجن ۽ سورن جي ڪنهن کي پرواهه ناهي، عوام به هنن جي حمايت ۾ ٻاهر نه نڪرندو، عبدالڪريم کهڙو لکيو ته اپوزيشن جو گڏجڻ بھتر عمل آهي حڪومت مھانگائي ڪري غريبن جو جيئڻ جنجال ڪيو آھي، رضا راڄپر لکيو ته اي پي سي 11 پارٽيون هڪ پيج تي گڏ ٿين ته سٺي ڳالهه آھي جڏهن حڪومتون قائم ٿينديون آھن انهن کي اپوزيشن نه هوندي آھي ته هو پنهنجي رٽ قائم رکندا آھن هن وقت اپوزيشن سٺي فارم ۾ آھي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهي ٿي. عبدالله چانڊيو لکيو ته صرف نمبر ٺاھڻ واري گيم آھي، اپوزيشن پنھنجن قومي اسمبلي جي سيٽن ۽ سنڌ اسمبلي ٽوڙڻ وارين ڳالھين تي ئي نه بيهندي، مقصود عباسي لکيو ته حڪومت خلاف جيڪي گڏ ٿيا آهن اهي پاڻ وري ڪهڙا چڱا آهن، يارمحمد مڱريو لکيو ته هي سڀ ڪرپٽ گڏ ٿيا آهن، ساگر ايس جي لکيو ته ڀلي سڀئي زور پيا لڳائن پر حڪومت کي لهر نه لوڏو آهي، علي مراد لاشاري لکيو ته اپوزيشن جي 11 پارٽين جو گڏيل اتحاد تيستائين ڪاميابي نه ماڻي سگهندو جيستائين هو پنهنجي مفاد کي هڪ سائيڊ ڪري عوام جي فلاح ۽ بهبود جي جنگ نٿو وڙھي، اي بي احمد علي لکيو ته اپوزيشن جو گڏجڻ سٺو عمل آهي، ذوالقرنين لنڊ لکيو ته هينئر حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڇڏ ته ڇڏيان واري راند هلي پئي. لطيف جروار لکيو ته هي سياسي سرڪس هلي رهيو آهي، رزاق مستوئي لکيو ته وڏي گرماگرمي ٿيندي، تحريڪ سان عوام ۾ هڪ اميد جي نئين لهر اڀرندي. زوهيب تمراڻي لکيو ته بلڪل سياسي اتحاد جي آجيان ڪجي ٿي، حڪومت جي مسلسل ناجائيزين کي ڏسندي جڙندڙ اتحاد طاقتور ثابت ٿيندو،عبدالغفار خان لکيو ته اي پي سي ۾ گڏ ٿيل ڪرپٽ ماڻهو آهن اهو سياسي اتحاد صرف ڪانفرنس تائين محدود آھي حڪومت کي ڪنهن به قسم جو ٽف ٽائيم ڏيڻ ۾ ناڪام ويندا، سڪندر بلوچ لکيو ته سياسي پارٽين جا اتحاد صرف اقتدار جي لالچ لاءِ ٺھندا آھن ھنن ڪڏھن به عوام جي ڀلائي لاءِ ناھي سوچيو. راشد ڪانڌڙو لکيو ته سٺو فيصلو ٿيو آهي، صفدرچانڊيو لکيو ته هميشه اتحاد ٺاهي ملڪي خزانو لٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي هر ڪنهن کي پنهنجا مفاد عزيز آھن، سمير احمد، محبتي مڪيش، راجا حيدر ٿيٻو، مقصود چانڊيو، عبدالسلام سنڌي،، رزاق ڍاٽي، ايم بي قادري، اورنگزيب لغاري لکيو ته اھو اتحاد ڪجھه به ڪري نه سگھندو نه ئي اپوزيشن پارٽيون ڪو حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏئي سگھنديون. ڇو جو اھي سڀ پارٽيون اڳ ۾ به گڏ ٿي چُڪيون آھن تڏھن ھنن عمران حڪومت جو ڇا ڪيو جو ھاڻي ڪندا؟ حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، ماضي جيان اھو اتحاد به اڳتي ھلي اختلافن جي ور چڙھي ويندو، اپوزيشن وارا سڀ پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن. ان کانسواءِ حيدر بخش ساند، غلام فريد چانڊيو، عجب گل، زاهد حسين، عبدالحڪيم لغاري، سيد مزمل شاهه، مشتاق خان، سمير خان شاهاڻي، ارشد جميل، ڪرم الله انڙ، اياز احمد، ڊاڪٽر شبير مگسي، حماد علي، ۽ ٻين پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *