تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

نيٺ ٿيندو ڇا ؟….. اپوزيشن جي اي پي سي حڪومت لاءِ خطرو ثابت ٿي سگهي ٿي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته مخالف ڌر پارٽين جي آل پارٽيز ڪانفرنس حڪومت لاءِ ڪيتري خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ نواز شريف، آصف زرداري، شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين اڳواڻن جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن انهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اپوزيشن حڪومت لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي، اي پي سي ۾ ڪيل ڳالهين ۽ اتحاد جي صورت ۾ اپوزيشن عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪري سگهي ٿي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻو لکيو ته جيڪڏهن سڀ مخالف پارٽيون هڪ ڳالهه تي متفق ٿي وڃن ته حڪومت لاءِ مشڪلات پيدا ڪري سگهن ٿيون پراهڙا اتحاد ٺهندا رهندا آهن، گل حسن شر لکيو ته ڪجهه ٿئي يا نه پر حڪومت کي ٽف ٽائيم ضرور ملندو، وزيرن کان پگھر نڪري ويا آهن، گلزار ملاح لکيو ته نواز شريف جو ٽڪراءَ سگهارين ڌُر سان آھي سندس خطاب به سخت هيو، لڳي نٿو ته اپوزيشن ڪا گڏيل تحريڪ هلائي سگهندي ۽ عمران خان کي دٻاءُ ۾ آڻي سگهندي، عطاءُالرحمان لکيو ته جيڪڏهن سڀ پارٽيون گڏجي ڪو اتحاد جوڙن ته حڪومت لاءِ خطرو ٿي سگهن ٿيون، جاويد احمد لکيو ته اي پي سي حڪومت لاءِ نه پر اهي سياستدان عوام لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندا، فداحسين لکيو ته مخالف ڌر جي آل پارٽيز ڪانفرنس جيڪڏھن ھر نقطي تي متفق ٿي عملي قدم کڻي ٿي ته نيازي حڪومت لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿي سگھن ٿيون، باقي ھا جيڪڏھن اڳتي ھلي ڊيل جو رخ اختيار ٿئي ٿو يا انھن پارٽين ۾ ويڇا پيدا ٿيا ته حڪومت لاءِ ڪو به خطرو نه هوندو، عاشق دايو لکيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس جا وڏا نتيجا نڪرندا سڀ پارٽيون ھڪ پيج تي آھن، ٻٽي شھريت رکندڙ حڪمران جلد غير ملڪي شھريت رکندڙ گھر ڀيڙو ٿيندا، نوشاد خاصخيلي لکيو ته مخالف ڌر جي آل پارٽيز ڪانفرنس مان في الحال حڪومت کي ڪو خاص خطرو نه آھي، ڇاڪاڻ ته جيستائين حڪومت مٿان ”امپائر جي آڱر“ رکيل آھي تيستائين حڪومت هلندي باقي اپوزيشن پاڻ بچائڻ خاطر حڪومت مٿان پريشر رکڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، عبدالحميد کوسو لکيو ته مخالف پارٽيز جو گڏيل ميڙاڪو اقتداري ڌُر کي ٽف ٽائيم ڏيڻ توڙي گهر ڀيڙو ڪرڻ بجاءِ سندن ئي ميمبرن کي فارورڊ بلاڪ ٺاهڻ کان روڪڻ ۽ انهن ۾ جوش ۽ ولولو پيدا ڪرڻ برابر آهي، راسومل لکيو ته سڀ مخالف ڌر وارا گڏ ٿي هڪ لائحه عمل جوڙي حڪومت کي گهر موڪلي سگهن ٿا، اسلم آزاد ميمڻ لکيو ته پهرين ڳالھه ته سڀ اپوزيشن پارٽيون هڪ پيج تي ناهن جيڪي چند پارٽيون اي پي سي ۾ شرڪت ڪن پيون انهن ۾ پ پ پ ۽ ن ليگ ٻه پارٽيون آھن جن وٽ اقتداري رسا ڪشي جو وڏو تجربو آھي، رياض سولنگي لکيو ته اي پي سي جون سموريون جماعتون جيڪڏهن گڏ ٿي وڃن ٿيون ته موجود حڪومت لاءِ خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا نواز شريف ۽ آصف زرداري جي ويڊيو لنڪ شرڪت جي ڪري آل پارٽيز جي وڏي اهميت ٿي وئي آهي آل پارٽيز اڳواڻن جي ڏنل پيغامن مان ثابت ٿي رهيو آهي ته موجود وفاقي حڪومت کي مشڪلاتون پيدا ٿي سگهن ٿيون، ساڪيش ڪمار لکيو ته اگر سڀ اپوزيشن پارٽيون گڏجي ميثاق جھموريت تي متفق ٿين ٿيون ته عمران جي حڪومت خطري ۾ پئجي سگهي ٿي، ساگر ايس جي لکيو ته مخالف ڌر وارا هڪ ئي عهد تي متفق ٿي وڃن ته حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري سگهن ٿا، ذاڪر احمد لکيو ته حڪومت لاءِ خطرناڪ ڪا به ڳالهه ناهي اهو وزن به عوام تي ايندو، مظفر شبير لکيو ته خدا ڪري ڪو عوام جي فائدي لاءِ سوچين پر جيڪڏهن پنهنجي مفاد خاطر وڃن ٿا ته حڪومت اها ئي ڀلي آهي، اسد ناز بادلاڻي لکيو ته جھڙي طريقي سان آصف علي زرداري ۽ نواز شريف ڳالهايو آهي ان مان اندازو ٿئي ٿو ته مخالف ڌر طاقت ضرور رکي ٿي، بي اعتمادي رٿ آڻي عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪري سگهن ٿا، خادم رند لکيو ته مخالف ڌر جون پارٽيون پي ٽي آءِ حڪومت ڪيرائڻ جي سلسلي ۾ اڃان تائين متفق نه ٿي سگهيون آھن ته سرڪار لاءِ ڇا جو خطرو ثابت ٿينديون؟ علي حيدر ڀٽي لکيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪيل ڳالهين تي مخالف ڌر جيڪڏهن اتفاق ڪري ته عمران خان جي حڪومت لاءِ خطرو پيدا ٿيندو، حنيف رضا لکيو ته اپوزيشن اهڙيون ڪيتريون ئي اي پي سي جو گڏجاڻيون ڪري چڪي آهي حڪومت کي ڪو به خطرو ناهي، فراز قادري لکيو ته اي پي سي ۾ سڀ گڏجي ڪري به حڪومت کي ڪجھه به نه ڪري سگهندا، جبار لغاري لکيو ته هر حڪومت ۾ جيڪا به مخالف ڌر هوندي آهي اها حڪومتي ڌر تي پريشر وجھڻ لاءِ اي پي سي وغيره ڪندي آهي، ڪاشف بلوچ لکيو ته لڳي نٿو ته هن وقت ڪو حڪومت لاءِ خطرو هجي، علي سيال لکيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس جي نتيجي۾ حڪومت اپوزيشن جي آڏو گوڏا کوڙيندي، شهباز علي لکيو ته نواز شريف جي تقرير سان حڪمران ڌرين تي دٻاءُ ضرور پوندو، علي مراد چانگ لکيو ته مخالف ڌر حڪومت جي خاتمي لاءِ ان جا ڪجهه ميمبر پاڻ ڏانهن آڻي،نارائڻ سنڌي لکيو ته هي سڀ پنهنجي مفادن لاءِ گڏ ٿيا آهن، علي گل دايو، غلام قادر لکيو ته ھي سڀ اتحادي جيڪڏھن چاهين ته حڪومت لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا، نياز سومرو لکيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪيل تقريرن تي اتفاق ٿي وڃي ٿو ته حڪومت اپوزيشن آڏو گوڏا کوڙي سگهي ٿي، نوازشريف چيو ته اسان جو مقابلو عمران خان سان نه پر ان کي آڻيندڙن سان آهي، ان کانسواءِ احمد شاهه، عادل الاهي بخش، فقير شيوا، ايم بي قادري، حافظ خدابخش، عزيزالله شر، مراد ناهيو، سمير خان شاهاڻي، ڪرم الله انڙ، شڪور ڪيريو، ممتاز مزاري، پرويز ڪيريو، طارق منصور، تهذيب علي، سڪندر بلوچ، اسد انڍڙ، عرفان جروار، عبدالمجيد ۽ محبتي مڪيش لکيو ته اي پي سي سان ڪجهه نه ٿيندو، اپوزيشن کان حڪومت کي ڪو به خطرو ناهي، اپوزيشن اڳواڻ صرف پنهنجي مفادن لاءِ گڏ ٿيا آهن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *