تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

نينگرين تي استاد جو تشدد: وڊيوز وائرل

استاد پاران ٻارڙن تي تشدد جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن جنهن تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو آهي، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيوز بابت ڄاڻايو ويو آهي ته جهلم جو هڪ ٽيچر آفاق راجپوت آهي جيڪو شائننگ اسٽار نالي اسڪول ۾ ٻارڙن مٿان تشدد ڪري رهيو آهي، وڊيوز ۾ ٽيوشن پڙهائڻ دوران استاد نينگرين تي تشدد ڪندي نظر اچي رهيو آهي، نينگرين کي استاد وارن کان پڪڙي ٿڦڙون هڻي رهيو آهي ۽ نينگريون روئي رهيون آهن. اهڙيون وڊيوز شيئر ڪندي نثار کوکر لکيو ته معصوم ٻارڙن کي ان طرح سان ٽيوشن پڙهائبي آهي؟ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي ان معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. نرگس ابڙو لکيو ته ان وڊيوز جي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ٽيچر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سوشل ميڊيا مظلوم ماڻهن جي آواز بڻجي وئي آهي، علي مراد ٽانوري، شهزاد احمد ۽ ٻين ٽيچر جي اهڙي عمل جي مذمت ڪئي. مير ڪمال وڊيوز شيئر ڪندي لکيو ته ڳالھه سمجھه کان ٻاھر آهي ته هي ڪهڙي تعليم آهي ۽ ڪهڙا معلم آهن، جيڪي نياڻين سان به هي سلوڪ پيا ڪن. اسان جنسي زيادتي ڪندڙن خلاف دانهون ڪيون، مدرسن ۽ اسڪولن ۾ زيادتي جو شڪار ٿيندڙ شاگردن لاءِ آواز اٿاريون، يا هن قسم جي استادن خلاف لکون. قسم سان هاڻ ته ٿڪجي پيا آهيون، ڳلا ويهجي ويا آهن، پر حڪمران ۽ ادارن جي ڪن تي جونءَ به نه پئي چُري. مختيار عباسي جي شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ريحان ابڙو لکيو ته ننڍن پرائيويٽ اسڪولن ۾ گهٽ تعليم وارا استاد ڀرتي ڪيا وڃن ٿا انهن کي پيشوراڻي تربيت به ناهي هوندي، انيلا رفيق ملاح،انور عباسي، انجنيئر جميل قريشي، علي ڏاهري، امداد پنهور ۽ ٻين پڻ اهڙي وڊيوز تي ردعمل ظاهر ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *