تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

نينو ذرڙن سان اک جي پردي جي مرمت ۽ نظر جي بحالي ….مھـــاوير واسو

اٽلي جي سائنسدانن اهڙا نينو ذرڙا (نينو پارٽيڪلز) تيار ڪيا آهن جن کي انجيڪشن جي ذريعي اک جي پردي (ريٽينا) تائين پهچائي ان جي مرمت ڪري نظر کي بحالي ڪري سگھجي ٿو. في الحال اهو تجربو ڪوئن تي ڪاميابي سان ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته اک جي اندر ڪنهن شيءِ جو پاڇو (اک جي پردي) تي ٺهندو آهي، جنهن ۾ خاص قسم جا جيوگھرڙا هوندا آهن جيڪي ان پاڇي کي منظم برقي سگنلن ۾ تبديل ڪري دماغ تائين موڪليندا آهن، ۽ ائين اسان ڏسي سگھندا آهيون پر عمر وڌڻ، حادثي يا ڪنهن بيماري جي نتيجي ۾ نظر جو پردو (ريٽينا) جا جيوگھرڙا متاثر ٿيڻ لڳندا آهن جنهن سبب ان جي ڪارڪردگي خراب ٿيڻ لڳندي آهي ۽ ان جو انگ به گھٽ ٿيڻ لڳندو آهي. اهڙي طرح پهرين مرحلي تي نظر ڪمزور هوندي آهي جيڪا خراب ٿيندي مڪمل انڌائپ ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. جيتوڻيڪ نظر جي بحالي لاءِ آپريشن ذريعي مصنوعي ريٽينا (نظر جي پردي) جي پيوندڪاري به ڪئي ويندي آهي پر اهو عمل ايترو اثرائتو ناهي جڏهن ته سرجري به گھڻي پيچيدهه هوندي اهي جنهن سان نظر بحال ٿيڻ جي ضمانت به نٿي ڏئي سگھجي.ماهر ان مسئلي جي هڪ سولي حل لاءِ گذريل ڪيترن ئي ورهين کان تحقيق ۾ مصروف آهن ته اهڙا نينو ذرڙا تيار ڪيا وڃن جيڪي روشني کي محسوس ڪري سگھن، انهن کي هڪ محلول جي شڪل ۾ متاثر ٿيل پردي تي پکيڙيو وڃي جتي اهي پنهنجي جاءِ تي مضبوط ٿي وڃڻ کان پوءِ روشني محسوس ڪندڙ جيوگھرڙن جي جاءِ وٺي سگھن، ته جيئن نظر جي پردي جي پٺين حصي ۾ موجود جيوگھرڙن تائين روشني منتقل ٿي سگھي ۽ اکين جي روشني به ٻيهر بحال ٿي سگهي. ان مقصد لاءِ ماهرن مختلف قسم جي نينو ذرڙن کي پاڻ ۾ گڏائي هڪ محلول پوليمر تيار ڪيو، جيڪو پي ٿري ايڇ ٽي نينو پارٽيڪل چورائيندو آهي، ان ۾ روشني محسوس ڪندڙ نينو ذرڙن سان موجود هوندا آهن. جڏهن پي ايڇ ٽي نينو پارٽيڪلز تي ٻڌل محلول کي خراب نظر جي خراب پردي وارن ڪوئن تي آزمايو ويو ته رڳو هڪ انجيڪشن جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ئي انهن ڪوئن جي اکين جي نظر بحال ٿي معمول جي سطح تي واپس اچي وئي.
تحقيقي رسالي “نيچرنينو ٽيڪنالوجي” جي تازي پڌرائي ۾ آن لائين ڇپيل اها تحقيق جيتوڻيڪ گھڻي اميد ڏيندڙ آهي پر ان کي انسانن ۾ استعمال جوڳو ٿيڻ لا3 اڃا ڪيترين ٻين آزمائشن مان گذرڻو آهي ۽ ڪاميابين جو ڪجهه ٻيون به منزلو طئي ڪرڻيون آهن. ان عمل ۾ اٺ کان ڏهه سال لڳي سگهن ٿا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *