تازا ترين
  • آئين ۽ پارليامينٽ کي بي اختيار ڪري بل پيش ڪيو ويو،حملا ٿيڻ باوجود موقف تي قائم آهيون: پ پ چيئرمين*نانا کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو، منهنجي ماءُ ۽ مامن شهيد مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو: بلاول*برسات ۽ ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 25 لک ماڻهو متاثر ٿيا، بلوچستان ۾ به لکين ماڻهو بي گهر ۽ متاثر ٿيا: بلاول*
  • *ٽنڊي ڄام واسين سان نوري آباد ڀرسان روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، نوجوان زخمي *سوزڪي ۽ ٽرالر وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب عبدالڪريم مگسي ٿڏي تي فوت، ساجد مگسي زخمي *
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري ۽ نوجوان وارو معاملو *عدالت ناري اسماءَ کي مڙس ارشاد مگسي سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي *مونگي وارثن سان خوف آهي، مونکي قتل ڪري ڇڏيندا: ناري جو عدالت ۾ بيان*
  • *ڪراچي: اي وي ايل سي جي ڪارروائي، موٽر سائيڪلز ڦر ڪندڙ گروهه گرفتار *جوابدارن جي قبضي مان ڦر ڪيل 5 موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون: ايس ايس پي سرفراز نواز *جوابدارن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن: ايس ايس پي*
  • *ڪراچي: ٻارڙي مروا قتل۽ زيادتي ڪيس، گرفتارجوابدارن جا فنگر پرنٽس ميچ ٿي ويا: ذريعا *ٻارڙي مروا جي ڪپڙن ۽ جوابدار فيضو جي گهر ۾ بيڊ جا سيمپلز ورتا ويا هئا: ذريعا *جوابدارن جا سيمپلز ميچ ٿي ويا، ٻئي جوابدار اڳ ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪا آهن *
  • *ڪراچي: سٽي ڪورٽ ۾ وڪيلن جي هڙتال سبب سائل سخت پريشاني جو شڪار *وڪيلن جي هڙتال سبب ڪيسن جون ٻڌڻيون نه ٿيون، نه ئي جوابدارن کي پيش ڪيو ويو*
  • *ڪوٽ غلام محمد ۾ ڳوٺاڻن جو واپڊا عملي جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڳوٺ باغات مالهي واسين واپڊا آفيس آڏو ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو *واپڊا عملي بلن جي آخري تاريخ کان اڳ ئي ڳوٺ جي بجلي ڪاٽي ڇڏي آهي: ڳوٺاڻا *بجلي ڪاٽڻ سبب پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪرائي وڃي: ڳوٺاڻا*
  • *لاهور: موٽروي تي عورت سان زيادتي وارو ڪيس، پوليس مرڪزي جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي *جوابدار عابد جي گرفتاري لاءِ قصور ويجهو ڪارروائي، جوابدار فرار ٿي ويو *پوليس سرچ آپريشن دوران جوابدار جي 5 عزيزن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو*
  • *اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي چانڊڪا اسپتال ۾ ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ڇڪتاڻ برقرار *لاڙڪاڻي ۾ پيراميڊيڪل جي احتجاج دوران اي ايم ايس ۽ پيراميڊيڪل عملي ۾ منهن ماري، ھڪٻئي کي ڌڪا *احتجاجي ڪئمپ کي ڊاھڻ جي معاملي تان پيراميڊيڪل عملو مڇرجي پيو *اي ايم ايس گل شيخ ۽ پيراميڊيڪل اڳواڻن وچ ۾ منهن ماري، ھڪٻئي کي ڌڪا ڏنا ويا *پيراميڊيڪل عملي او پي ڊيز، ليباريٽريز، سينٽرل اسٽور، سٽي، ايم آر آئي اسڪن مشين کي تالا ھڻي ڇڏيا *مريضن کي دوائڻ ڏيڻ لاءِ آيس ته پيراميڊيڪل عملي بدتميزي ڪئي: اي ايم ايس گل شيخ *
  • *ٺارو شاهه ۾ ڳوٺاڻن جو بجلي جا ڳرا بل اچڻ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي آزار خلاف احتجاجي مظاهرو *ڳوٺ موليڏنو لاڙڪ ۽ ڳوٺ يوسف چنڙ جي رھواسين ايس ڊي او سيپڪو خلاف ٽائر ساڙي ڌرڻو احتجاج ڪيو *ڳرا بل اچڻ ۽ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب عذاب ۾ مبتلا آهيون: ڳوٺاڻا*
  • *گهوٽڪي: سبزي منڊي مان وڪيلن جي چيئمبر کي خالي ڪرائڻ وارو معاملو *سي ايم او گهوٽڪي جي فرياد تي ڊسٽرڪٽ بار جي صدر صدام چند سميت26وڪيلن مٿان ڪيس داخل *وڪيلن جي احتجاج سبب عدالتي ڪارونهوار نه هلي سگهيو*
  • *سُپريم ڪورٽ ۾ اُم رباب جي والد سوڌو ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس تي ٻڌڻي *جوابدارن جي عدم گرفتاري تي سنڌ پوليس مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڊي آءِ جي حيدرآباد کي ڇنڊ *پوليس ڄاڻي واڻي جوابدارن جي گرفتاري ۾ غفلت ڪري رهي آهي: عدالت *ٻڌايو وڃي ته گرفتاري لاءِ ڪهڙا عملي قدم کنيا ويا آهن؟: عدالت جو سوال*
  • *ڪنب: نامعلوم ماڻهن پاران کڏ ۾ مبينا زهر وجهڻ سبب ڳوٺاڻن جي مڇي مري وئي *غريب آباد ڪالوني ڀرسان مڇي مرڻ سبب علائقي ۾ بدبوءِ پکڙجي وئي، متاثرن پاران ڪارروائي جو مطالبو نامعلوم ماڻهن مڇي جي کڏ ۾ زهر وجهي لکين روپين جو نقصان پهچايو: متاثر ڳوٺاڻا*
  • * حيدرآباد ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري اسماءَ ۽ نوجوان ارشاد مگسي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش *ناري نابالغ آهي، سندس عمر 15 سال آهي: جاچ آفيسر جو عدالت ۾ بيان* عدالت ناري اسماءَ کي دارلامان اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو*
  • *سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس پاران روڊ بلاڪ ڪرڻ لاءِ ڪنٽينرز تحويل ۾ وٺڻ خلاف درخواست *عدالت گهرو وزارت کان تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو *سياسي جلسن جي لاءِ به پوليس ڪنٽينرز کڻي ويندي آهي: درخواستگذار *

نيب ختم ڪرڻ گهرجي يا نه؟ عوام جي راءِ ورهايل: اداري ۾ سڌارن جو مطالبو…نيٺ ٿيندو ڇا ؟

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته نيب کي ختم ڪري قومي احتساب لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ واري مخالف ڌر جي مطالبي کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته نيب کي حڪومتي ڌر خلاف به ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، رڳو اپوزيشن جو احتساب نه ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته نيب جي خاتمي بابت عوام جي راءِ ورهايل رهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته نيب کي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ ڪجهه وري ان راءِ جو اظهار ڪيو ته نيب کي ختم نه ڪرڻ پر ان ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ان جي جاءِ تي ٻيو ادارو ايندو اهو ته احتساب ڪندو ۽ نيب به احتساب لاءِ آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي رحمت الله ميراڻي لکيو ته نيب احتساب جو ادارو آھي جنھن کي غيرجانبدار ھجڻ گھرجي، ھر دور ۾ ھي ادارو صرف اپوزيشن جو ئي احتساب ڇو ٿو ڪري؟ ھن اداري جو ڪم آھي غيرجانبداري، صاف و شفاف ۽ اڻ ڌري انڪوائري ڪرڻ پر ھي ادارو حڪومتي ميمبرن ۽ اڳواڻن تي کنڊ، اٽو، تيل وغيره جي ڪرپشن ۾ ملوث ھجڻ باوجود به انھن ۾ ھٿ نٿو وجھي؟ اپوزيشن جي اڳواڻن تي ڪيس ٺاھي جيلن ۾ بند ڪري انھن تي ثابت نٿا ڪري سگھن، نيب جي ڪارڪردگي جا ڪيترائي مثال اوھان جي سامھون آھن، احتساب جو عمل ھئڻ گھرجي جنھن سان ادارن ۾ شفافيت ايندي، پر سياسي احتساب نه ٿيڻ گھرجي، آصف علي منگي لکيو ته جيڪو به انهن جو احتساب ڪندو آهي اهو انهن لاءِ تمام غلط ٿي ويندو آھي نيب هڪ سٺو ادارو آھي، نوشاد خاصخيلي لکيو ته هي ادارو جيڪڏهن پنهنجو ڪم نيڪ نيتي سان سرانجام ڏئي ها ته گهڻو بهتر هو پر حڪومت هن کي صرف سياسي انتقام جي بنياد تي استعمال ڪيو، باقي مخالف ڌر ته پاڻ کي احتساب کان بچائڻ خاطر نيب جو خاتمو چاهي ٿي، نيب کي ختم نه ڪرڻ گهرجي،عاشق دايو لکيو ته ٻنھي ادارن جو مقصد ڪرپشن ختم ڪرڻ آھي ته پوءِ نيب ختم ڪرڻ جو جواز ڪھڙو آھي، مطالبو اجايو آھي ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي ۽ احتساب سڀني جو ٿيڻ گھرجي،عبدالسلام سومرو لکيو ته جيڪو ادارو ايمانداري سان ڪم ڪري انهن جو احتساب ڪري قانوني طرح ۽ انهن جي مرضي سان ادارن کي بند ڪجي اهو غلط آهي نيب هڪ سٺي ساک وارو ادارو آهي جيڪو احتساب ڪري پيو، عبدالعليم کوکر لکيو ته ھنن جو جيڪو به احتساب ڪندو اھو ھنن کي قبول ڪونھي، مهاوير واسو لکيو ته احتساب ٿيڻ هڪ بهترين عمل آهي احتساب رڳو اپوزيشن ڌر جو نه پر حڪومت جو به ٿيڻ گهرجي، ديدار بلوچ لکيو ته نيب ادارو هاڻي سياسي ٿي چڪو آهي، صرف اپوزيشن وارن کي ٽارگيٽ ڪرڻ سان نيب اداري جي ساک متاثر ٿي آهي هاڻي هن کي بند ڪرڻ گهرجي.مڪيش ڪمار لکيو ته نيب اگر ايمانداري سان احتساب ڪري ھا ته پوءِ نيب کي ختم ڪرڻ جو مطالبو غلط آھي پر سوچڻ جي ڳالهه آهي ته نيب جو ادارو به سواليه نشان بڻجي ويو آهي، مزمل جان لکيو ته مخالف ڌر پاران پاڻ بچائڻ جي ڪوشش آهي، اهو به ٿي سگهي ٿو ڪٿي ڪٿي نيب حڪومتي ڌر لاءِ ونگارون وهندي هجي، مطالبي جي نه حمايت ڪريون ٿا ۽ نه ئي مخالفت ٿا ڪريون، گلشير سومرو لکيو ته اپوزيشن جو صحيح مطالبوآھي حڪومت جي ڪنھن به ماڻھو جي جاچ نه ٿي آھي ھي ادارو غيرجانبدار نه رھيو آھي، روشن لکيو ته نيب کي ختم ڪرڻ وارو ارادو غلط آهي، نيب بھتر ڪم ڪري رهيو آٓهي، نيب کي ختم ڪرڻ جو مقصد آهي ڪرپٽ ماڻهن کي بچائڻ. خانچند مل لکيو ته سراسر غلط عمل آهي نيب بھترين ڪم ڪري رهيو آهي، گل حسن شر لکيو ته نيب اپوزيشن کي ڳچي ۾ پئجي ويو آهي، احمد شير لکيو ته نيب احتساب ايمانداري سان ڪري ته پوءِ نيب کي ختم ڪرڻ جو مطالبو غلط آھي. سرفراز ساريو لکيو ته ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ ڪهڙو به ادارو آهي اهو ڪرپٽ آهي، نيب کي ختم نه ڪيو وڃي، عزيزالله شر لکيو ته غلط مطالبو ڪيو ويو آهي، اختيار علي ٻٻر لکيو ته نيب کي ختم ڪري الڳ ڪميشن ٺاھڻ مان صاف ظاھر آھي ته حڪمرانن جي ڪرپشن لڪائي ويندي، ڪرپشن ۾ ملوث سڀني ڌرين کي وائکو ڪيو وڃي. علي حسن چڍڙ لکيو ته احتساب ٿيڻ هڪ بهترين عمل آهي احتساب صرف مخالف ڌر نه پر خود حڪومت ۾ رهندڙ ماڻهن جو به ٿيڻ کپي جن کنڊ اٽي جي سبسڊي جي پيسن مان کيسا ڀريا آهن ۽ جن صلاحڪارن مشيرن جي ڪرپشن ظاهر ٿي آهي انهن جو احتساب ٿئي، ايئن نه ٿئي جو نيب کي صرف مخالفن خلاف ڪارروائي ڪرائي وڃي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *