تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

نوشهروفيروز ضلعي جو عوام وري تعلقن لاءِ ورهائجي ويو

نوشهرو فيروز ضلعي جو مختلف شهرن کي تعلقي جو درجو ڏيڻ واري مطالبي تي شهري ورهائجي ويا، شاهجهان ڏهراج ۽ ساگر شاهد سومرو پوسٽون شيئر ڪندي لکيو ته ٺارو شاهه کي تعلقي جو درجو ڏنو وڃي، نياز حسين سومرو، امير بخش عباسي، امير علي سولنگي، سردار سولنگي، علي رضا، عبدالواحد سهتو ۽ ٻين چيو ته ٺارو شاهه کي تعلقي جو درجو ڏنو وڃي. ان کانسواءِ نياز حسين سومرو لکيو ته چٽا امڪان آهن ته چانڊين کي نوازيو ويندو ۽ نيوجتوئي کي مٺياڻي تعلقي اندر آندو ويندو جيئن جتوئي کي چانڊين جي اثر هيٺ آڻي سگهجي. راشد مجيد چوهاڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ضلعي نوشهرو فيروز جو اصل تعلقي جو حقدار ڪهڙو شهر آهي، ڀرياروڊ، پڊعيدن، هالاڻي، ٺاروشاهه، مٺياڻي يا خانواهڻ کي تعلقي جو درجو ڏنو وڃي؟ جنهن تي 150 کان وڌيڪ ماڻهن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهن جي اها راءِ هئي ته ڀرياروڊ کي تعلقي جو درجو ڏنو وڃي ٻئي نمبر تي پڊعيدن لاءِ چيو ويو ته ان کي تعلقي جو درجو ملڻ گهرجي، ٽئين نمبر تي ٺاروشاهه کي تعلقي جو درجو ڏيڻ جو مطالبو رهيو، ان کانسواءِ خانواهڻ تعلقو ٿيڻ جي حق ۾ به راءِ جو اظهار ڪيو ويو. ڦل، درياخان مري، درٻيلو، پير وسڻ لاءِ به ان قسم جو مطالبو ڪيو ويو، شرف الدين ڪيريو، حنيف ملڪ، شفقت شاهه، ڪليم الله ڦل. عمران رفيق چوهاڻ، عمران رفيق، امجد ملڪ، ظهور احمد ڊهيو، عثمان ملڪ، صادق علي، عامر عاشر، شوڪت علي، ايڊووڪيٽ سلطان چوهاڻ، تنوير حسين، شاهد لاشاري ۽ ٻين چيو ته ڀريا روڊ کي تعلقي جو درجو ملڻ گهرجي. بشارت سومرو، رانا اشرف راجپوت، خادم سيال، غلام شبير ۽ ٻين ٺاروشاهه جي حمايت ۾ راءِ جو اظهار ڪندي لکيو ته ٺاروشاهه قديم شهر آهي ٻيو ته ڪاروبار جي لحاظ کان به اهميت رکي ٿو، درٻيلو، محبت ڀورٽي، دلي پوٽا ۽ ٻيا شهر ٺاروشاهه کي لڳن ٿا تنهن ڪري ان کي تعلقي جو درجو ملڻ گهرجي. نور فضل، بختاور راجپوت، الطاف آرائين، مجاهد شر، منور شهزاد، آزاد ابراهيم راجپوت، بشير احمد، ماجد رائو، محمد بلال اشرف آرائين، غلام حيدر آڪاش، شاهد لاشاري، منصور سولنگي ۽ ٻين چيو ته پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ملڻ گهرجي اهو ان جو حق آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *