تازا ترين
  • *ڪراچي:احتساب عدالت قومي ناڻي کي 3 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ بابت ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو *احتساب عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مختيار ڪار سوڌو سمورن جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي *جوابدارن ۾ مختيار ڪار محمد سالڪ، عبدالعزيز، شاهد، واحد بخش، زمان، شاهد رضا شاهه ۽ لال محمد شامل *جوابدارن تي ملير ضلعي ۾ سرڪاريزمينن تي غير قانوني الاٽمينٽ جو الزام آهي:نيب*
  • *ڏوڪري ويجهو ناري مبينا طوراغوا ٿي وئي، وارثن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج *ڳوٺ جکرا واسين جو 18ورهين جي نوشاد عرف ريما چنو جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو *جوابدار رانجهن منگي ناري کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري: مظاهرين*
  • *بهاولنگر: سي ٽي ڊي جي عارف والا روڊ تي ڪارروائي، دهشتگرد گرفتار *ڪارروائي دوران العاعده سان تعلق رکندڙ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو: سي ٽي ڊي *دهشتگرد جي قبضي مان مختلف قسم جو خطرناڪ مواد هٿ ڪيو ويو: سي ٽي ڊي*
  • *سکر: سپيڪو جي ڊائريڪٽر فنانس پاران بجلي چوري ڪرڻ جو انڪشاف *ڊائريڪٽر فنانس سيپڪو جي بنگلي جي بجلي ورھين کان ڊائريڪٽ ھلڻ جو انڪشاف *امداد ميراڻي جي بنگلي ۽ اوطاق ۾ ڊائريڪٽ ڪنيڪشن لڳل ھئا: ڇاپا مار ٽيم جو انچارج *سيپڪو چيف جي هدايتن تي ڇاپا مار ٽيم جي گهوٽڪي ويجهو بجلي چوري خلاف ڪارروائي*
  • *آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ترڪي جي دفاع واري وزير جي ملاقات: آءِ ايس پي آر *ترڪ دفاع واري وزير علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي: آءِ ايس پي آر *ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي شراڪت داري ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي: آرمي چيف*
  • *لاهور: ايس ايس پي سيد جنيد ارشد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس *عدالت جوابدار جنيد ارشد کي وڌيڪ 10 نومبر تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو *جنيد ارشد تي عهدي جو ناجائز استعمال ڪرڻ جو الزام آهي: نيب*
  • *ڪراچي ۾ 5 هزار گيلن کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ واٽر ٽينڪرز تي شهر ۾ داخلا تي پابندي *ڊِي آءِ جي ٽريفڪ ملير، ڪورنگي، ايسٽ، ويسٽ جي ايس ايس پيز کي خط لکي ڇڏيو *شهر ۾ صرف 5 هزار گيلن پاڻي کڻي ويندڙ ٽينڪرز کي اجازت هوندي: ڊي آءِ جي*وڌيڪ وزن کڻندڙ ٽينڪرز حادثن جو سبب بڻجندا آهن: ڊي آءِ جي ٽريفڪ*
  • *همايون شريف ويجهو نينگري پاران مبينا آپگهات وارو معاملو *ڳوٺ وڏا ڏئيا واسڻ 17ورهين جي نيلم ڏئيو جي مبينا آپگهات جو ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس ورتو *پوليس نينگري جي والد خلاف ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو *نينگري جي وارثن سندس موت کي آپگهات قرار ڏنو هو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد گلبهار ڏئيو فرار*
  • *دولتپور صفن ويجهو قومي شاهراهه تي پراڊو گاڏي جي ٽڪر ۾ واٽهڙو پيرسن فوت *جوکيا موڙ وٽ حادثي ۾ پيرسن چڻو ولد کيڏو خان ڀٽي فوت ٿي ويو، لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو *پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو*
  • *هنڱورجا ويجهو سڳيون لنڪ روڊ تي ڦر دوران مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ٿي وئي *مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ڳوٺ مٺو خشڪ واسي سليم ولد امداد خشڪ نالي سان ٿي: ايس ايڇ او هنڱورجا *
  • *سبي: مٺڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي مزده ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 9 مسافر زخمي *حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو*
  • *پشاور: پارا چنار جي علائقي شلوزان ۾ ٽن ڄڻن جو قتل، 6 جوابدار گرفتار *گذريل ڏينهن ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا : ڊي پي او*
  • *راجنپور ۾ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي ڊيلرن خلاف آبادگارن جو احتجاج، گڏهه ڪاهي ريلي ڪڍي وئي *آبادگارن زراعت کاتي جي عملدارن جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو*

نوجوان آرٽسٽ امولک … انيل ميگهاڻي

!سنڌ ڌرتي پنهنجي ڪوک مان ڪيترن ئي آرٽسٽن، چترڪارن، ڪلاڪارن ۽ اديبن کي جنم ڏنو آھي، انهن آرٽسٽن مان امولک داس جو نالو به هڪ خاص حيثيت رکي ٿو. هي آرٽسٽ پنهنجي آرٽ جي ذريعي هن سماج ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ پنهنجي وس آھر محنت ڪري رهيو آھي، امولک جو تعلق ٿرپارڪر جي شھر مٺي سان آھي جيڪو هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکي ٿو امولک داس وڏين وڏين شخصيتن کي پنهنجي اندر ۾ سانڍي انهن کي آرٽ جي شڪل ۾ اسان سڀني جي اڳيان پيش ڪري رهيو آھي، امولک داس پنهنجي پينٽنگس کي غربت جي ڪري يا ٻئي ڪنهن مسئلي جي ڪري ادي سحر شاھ رضوي جيئان ٻاهر ملڪن ڏانهن کڻي وڃي نٿو سگهي پر سوشل ميڊيا تي جيڪڏهن توهان امولک داس جون پينٽنگس ڏسندو ته توهان کي اهي پينٽنگس ادبُت واھ واھ ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏينديون ڇو جو ان جي پينٽگس جو معيار ئي الڳ آھي،  آرٽسٽ امولک داس جي هڪ وڏي ۾ وڏي خاصيت اها آھي ته هو ڪنهن جي به تصوير کي  بال پوائنٽ سان ٺاهي سگهي ٿو، جتي اسان بال پوائنٽ سان لکندي هڪ ئي پيج تي 10 12 غلطيون ڪندا آھيون اتي هي آرٽسٽ تصويرون ٺاهي رهيو آھي منهنجي خيال ۾ اهڙو ڪو ورلي آرٽسٽ هوندو جيڪو بال پوائنٽ سان پينٽنگس ٺاهيندو هوندو…امولک داس هن وقت تائين سنڌ جي مختلف شخصيتن جا پورٽريٽ ٺاهي انهن کي مختلف وقتن تي ڀيٽا پيش ڪندو رهيو آھي….
        امولک داس سنڌ جي مسيحا عبدالستار ايڌي، سنڌ جي بيبي بينظير ڀٽو، آصفه ڀٽو، ٿر جي ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي شخصيتن کي پنهنجن اکين ۾ قيد ڪري انهن کي پينٽنگس جي شڪل ڏئي اسان جي اڳيان پيش ڪري  چڪو آھي، امولک داس جو سنڌ جي پوئتي پيل علائقي ٿر سان تعلق هجڻ جي ڪري امولک داس  جي آرٽسٽ ادي سحر شاھه رضوي يا ٻين آرٽسٽن جي ڀيٽ م هن جي ڪا خاص حوصلا افزائي نه ٿي رهي آھي. مون سوشل ميڊيا تي ڏٺو آھي جيتري ادي سحر شاھ رضوي جي پينٽنگس جي واکاڻ ٿي رهي آھي اوتري امولک داس جي به واکاڻ ٿئي ها  هر ڪوئي ادي سحر شاھ رضوي جي پينٽنگس جي واھ واھ ڪري رهيو آھي ان جي باري ۾ هر ڪوئي اخبارن ۾ آرٽيڪل  لکي رهيو آھي ۽ ان جي ابتڙ امولک داس ڏانهن ڪو خاص ڌيان نه پيو ڏنو وڃي ان جي ڪري مان پنهنجي قلم جي ذريعي هي ننڍڙو آرٽيڪل امولک داس جي حوصلا افزائي لاءِ لکي رهيو آھيان، منهنجي توهان سڀني سان اها گذارش آھي ته اڄڪلھه هرڪوئي سوشل ميڊيا تي موجود آھي ۽ توهان فيسبڪ ۽ يوٽيوب تي امولک داس جي پينٽنگس جي واکاڻ ڪيو ان جي ٽئلينٽ کي اڳتي وڌايو، ادي سحر شاھ رضوي جي پينٽگس جيئان امولک داس جي پينٽگس جي به واھ واھ ڪيو ۽ ان جي باري ۾ به اخبارن ۾ آرٽيڪل لکي امولک داس جي ٽئلينٽ کي به هٿي ڏيرايو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *