تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

نوابشاهه جي خانگي اسپتال ۾ داخل سجاد ڏهراج مسيحا جو منتظر … بابر علي وساڻ

اچو ته ڌيڍ مهيني کان بيھوشي واري حالت ۾ زندگي موت سان جنگ ڪندڙ بيواهه ماءُ جي اڪيلي پٽ ۽ بيواهه ڀيڻ جي ڀاءُ جي مدد ڪيون، بيواهه بيوس جيجل ماءُ جو پٽ ۽ بيواهه ڀيڻ جو اڪيلو ننڍڙو ڀاءُ سجاد علي ڏهراج گذريل ڏيڍ مهيني کان نوابشاهه جي هڪ خانگي اسپتال ۾ موت ۽ زندگيءَ سان جنگ وڙهي رهيو آهي سندس علاج لاءِ هر روز هزارين روپيا خرچ اچن ٿا جيڪو هن جي بيواهه جيجل ماءُ ۽ بيواهه نوجوان ڀيڻ هتان هُتان هٿ ڪري پنهنجي معصوم ٻارڙي جي زندگيءَ بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رھيون آهن سندن چوڻ آهي ته اسان جو ڪو به والي وارث ناهي نڪو وري ڪوئي مائٽ آهي يقينن اڄ جڏهن آئون پنهنجي ڪجهه هڪ ٻن دوستن سان گڏجي هنن جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پهتس ته سجاد علي ڏهراج جي جيجل بيواهه ماءُ ۽ ان جي نوجوان بيواهه ڀيڻ کي هن ڏکئي وقت ۾ اڪيلو ڏسي اکين مان ڳوڙها تري آيا هنن ٻڌايو ته اسان ٺارو شاهه لڳ ڪريم ڏنو ڏهراج جي ڳوٺ جا
رهواسي آهيون گذريل ڏيڍ مهينو اڳ ٺاروشاھ ڀرسان موٽرسائيڪل تي سوار سجاد علي ۽ ان جي وڏي ڀاءُ 18 سالن جو نوجوان صدام علي ڏهراج سان پنهنجي ئي برداري جي بااثر نوجوان سان روڊ حادثو پيش آيو جنهن ۾ سجاد جو وڏو ڀاءُ صدام علي ڏهراج موقعي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته ڏيڍ مهيني کان سجاد علي ڏهراج نازڪ حالت ۾ بيهوش ٿي ويو جنهن کي نوابشاهه جي هن پرائيوٽ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جنهن کي هن وقت ڏيڍ مهينو گذري ويو آهي پر کيس هن وقت تائين هوش ناهي آيو سندس مٿان لکين رپين جو خرچ ٿي چڪو آهي هاڻي ته ڪير به مدد ڪرڻ وارو به ناهي هنن سنڌ حڪومت سميت ضلعي شهيد بينظير آباد جي انتظاميه ۽ سمورن وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي ته سندن مدد ڪري سجاد علي ڏهراج جي زندگيءَ بچائي وڃي جيئن هو پنهنجي بيواهه ماءُ ۽ بيواهه نوجوان ڀيڻ جو ڀرجهلو بڻجي سگهي حڪومت سميت سڀني کي گهرجي ته سندن مدد ڪن جنهن کي به هن نوجوان جي مدد ڪرڻي هجي اهو نوابشاهه جي خانگي اسپتال ۾ داخل سجاد علي ڏهراج جي پڇا ڪري سندس ماءُ سان ملي سگهي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *