تازا ترين
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

نه ڊاڪٽر نه وري پوليس: ڏينهن ملهائبو ٽائيگر فورس جو !….متان نه مڃين !

حڪومت ٽائيگر فورس کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ٽائيگر فورس جو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ساڍن ٽن لکن رضاڪارن تي مشتمل ان فورس گذريل 4 مهينن کان قابل قدر خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، اها فورس به پراسرار يا نامعلوم ماڻهن جي فورس آهي جيڪا ڪووڊ 19 وائرس وانگر نظر نه ايندي آهي، ان فورس جو ڳجهيون خدمتون به ڪجهه ايڏيون وڏيون آهن جو ڊاڪٽرن، نرسن يا پوليس وارن جو ڏينهن ملهائڻ بدران ان عظيم فورس جو ڏينهن ملهايو ويندو، هن ملڪ جي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جو سلسلو نئين پاڪستان ۾ به ساڳئي جوش ۽ جذبي سان جاري آهي. (نصير ميمڻ جي فيس بوڪ وال تان ورتل)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *