تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

نه بلاول مدد ڪئي نه ئي فريال ٽالپر سار لڌي: رتوديرو واسي نينگر زندگي جي جنگ هارائي ويو

رتيديري واسي نينگر باغ سولنگي جي علاج لاءِ سوشل ميڊيا تي مهم هلائي پئي وئي ته ان دوران اها ڏک واري خبر سامهون اچي وئي ته نينگر زندگي جي جنگ هارائي ويو جنهن بعد سوشل ميڊيا تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو ۽ پ پ اڳواڻن ۽ سنڌ حڪومت مٿان تنقيد به ڪئي وئي، سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو ته رتيديري تعلقي جي ڳوٺ وارثڏنو ماڇي جي غريب ۽ مسڪين پورهيت شھزاد علي سولنگي جو پٽ 12 ورھين جو باغ سولنگي بلڊ ڪينسر ۾ مبتلا هو، ٻارڙي جو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تڪ سان تعلق هو ۽ هِن ئي تڪ مان فريال ٽالپر ايم پي اي چونڊيل آهي. ان کانسواءِ نينگر باغ علي جا مائٽ پ پ جا ووٽر آهن، ڪيترن ئي ڏينهن کان اپيلن باوجود سنڌ حڪومت ۽ پ پ قيادت نينگر جي ڪا به سار نه لڌي، جڏهن ته نينگر جي زندگي بچائڻ لاءِ رتوديرو جي ساڃاهه وند ۽ سڄاڻ نوجوانن جهولي فنڊ مھم جي شروعات ڪئي هئي جنهن ۾ مهم جو دائرو تعلقي جي ٻين شھرن تائين به وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو گڏ ٿيل رقم 90 هزار 100 رپيا معصوم نينگر باغ علي سولنگي جي والد پورهيت شھزاد علي سولنگي جي حوالي ڪئي وئي هئي پر علاج کان اڳ ئي نينگر جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو.،نينگر جي علاج جو خرچ 50 لک ٻڌايو ويو هو جنهن لاءِ پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر کي پڻ علاج جي اپيل ڪئي وئي هئي. نينگر باغ علي ڇهين جماعت جو شاگرد هو، هڪ مهيني کان رت جي ڪينسر سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويٺو. سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته تڪ جا چونڊيل نمائندن، سرندي وارن ۽ سنڌ حڪومت جي بي حسي جي انتها آهي جو ڪيترن ئي ڏينهن کان اپيلن باوجود نينگر جو علاج نه ڪرايو ويو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *