تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

نهٽو نئون سئو هٽ … امين ارباب

ھي ڳالھه آھي انھن ڏينھن جي جڏهن سمون حاڪم جکرو بادشاھ هوندو هو نهٽي جو ۽ حاڪميت جا حڪم ۽ فرمان نهٽي جي راڄڌاني مان ئي جاري ٿيندا هئا. چون ٿا جکري جي دورِ حڪومت ۾ ھڪل ٿيندي هئي ته آڌيءَ عصر انصاف ٿيندو هو، اُڍي ڪيهر جي پُٺ ۽ هوٿل پري جي ڪک مان جنم وٺندڙ جکري جي پهلواني ۽ بهادري جي قصن به هتان ئي هاڪ ماڻي. نهٽي جا اوج هاڪڙي سان هئا ڇو جو هي شھر نه رڳو هاڪڙي جو وڏي ۾ وڏو بندر گاھه هو پر هاڪڙي جي امرت پاڻي سان ڀُڄ سان پڻ ڳنڍيل هوندو هو، جتان وڏين وڏين ٻيڙين ذريعي وڻج واپار به ٿيندو هو.
نهٽي ۾ واڻين جي وڏي وسنديءَ کانسواءِ مهاراجن، سونارن ۽ ڪنڀارن جا وڏا وڏا پاڙا هوندا هئا پر انهن ۾ مذهب ۽ رنگ نسل جو ڪو به فرق نه هوندو هو، ڏياري جي ڏڻ تي هندو ناريون ڏيئا ٻاري هاڪڙي ۾ ڇڏينديون هيون ته هاڪڙو ڏيئن جي ليئن سان دلفريب منظر پيش ڪندو هو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مقبول پروگرام “سڳنڌ” جي مشهور سلسلي “ڌرتيءَ سارو ڌن” ۾ علاقائي تاريخ بابت اسان ٻڌندڙن کي لکڻ جي نينڊ ڏيندا هئاسين ته نهٽي جا نوجوان به لکندا هئا، هڪ ڪنڀار نوجوان جنهن جو نالو وسري ٿو، لکيو هو ته “ڪالهھ ڪالهوڻي ڳالھه آھي سياري جي سرد راتين ۾ چني خاصخيلي جي اوطاق تي وڏو مچ ٻاري ڦانگهون هڻي اچي مڙس گڏ ٿيندا هئا، قصا، ڪهاڻيون ۽ ڳجهارتون شروع ٿي وينديون هيون، ائين ئي رات ڍلي ويندي ھئي ۽ مڙسن جي اک لڳي ويندي هئي”
نهٽي جي تاريخ بابت نهٽي جي رهواسي ۽ مشھور ليکڪ خالد ڪنڀار سميت هونءَ ته ڪيترن ئي ليکڪن خوب لکيو آهي پر نهٽي ۾ ڪاري مکي لوهاڻي جي دڪان کي ياد ڪندي ڏوڪرا جڏهن يادگيرين جا ٿان کوليندا آهن ته دڙيلي جي شير خان وارن چانڊين کي به جوڀن هاڻن ڏينهن ۾ سندن ڪيل هتان جون خريداريون دلين جي ياد سيڪ تي رکي “هاءِ ڙي وقت” چئي ٿڌو ساھه ڀريندا آهن.ٿر جي ماڻهن جو محبوب ماڻهو ۽ اسان ڀائرن کي پنهنجن پٽن جيان سدائين ڇاتيءَ لائيندڙ لوڪ ڏاهپ جو وڏو نالو چاچو فقير مقيم ڪنڀار چوندو هو ته “نهٽي کان اتر طرف اڄ به هڪ کوھه آهي جنهن کي ڦول راءِ چيو وڃي ٿو، چون ٿا نهٽي جي ڦولن راڻي پکين جي پهرين ٻولين ٽاڻي اٿي هن کوھه جي شفاف ۽ پاڪ پاڻي ۾ وهنجندي ڦلن ۾ ترندي هئي، جتان نهٽي جون ناريون ٻهلڙا پاڻي جا کڻي سامهين ڀٽ چڙهنديون هيون” نهٽي کان اتر طرف هاڪڙي جا ڪپ آهن، جيڪي هاڻ هڙين ۾ بدلجي چڪا آهن، ڪن زمانن ۾ هنن ڪپن تي لاڙ جا پکي ۽ جابلو علائقن جون ڪونجون ڪرڪي اچي لهنديون هيون، ماڻھن کان اهي ڏينهن به ناهن وسريا جڏهن هاڪڙي جا بند ٽٽا هئا ۽ نهٽي جو سڄو شهر گهيري ۾ اچي ويو هو.
چون ٿا جڏهن ڪڇ ۾ سمن جي حڪومت هوندي هئي تڏهن هاڪڙي تي پھريون ڀيرو بند ٻڌو ويو هو، اهو بند اروڙ وٽ ٻڌو ويو هو ڇو جو تڏھوڪا سنڌ جا ڪلهوڙا حاڪم سمن سان ڪونه ٺهندا هئا. “هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندو بند اروڙ، بيهه مڇي ۽ ٻوڙ، سمي ويندا سوکڙي” نهٽي جي اصل تاريخ نهٽي جا ڀڙا آهن، جن ۾ ٽي ڪچا قلعا ۽ هڪ پڪو قلعو آهي، ڪچي قلعن مان هڪ ميوهر جي ڏهر ۾ هڪ ٽالهي ميمڻ کان ڏکڻ طرف ۽ ٻه قلعا نهٽي جي ڳوٺ سان لڳو لڳ اولهھ طرف آهن، نهٽي واري ڪچي قلعي مان هڪ توب سميت ٻيون ڪيتريون ئي يادگار شيون هٿ آيون آهن جن مان ڪجھه اهم نشانيون ته فقير منش انسان مرحيات فقير مقيم ڪنڀار جي پٽن اڃان تائين سنڀالي رکيون آهن.
نهٽي ويجهو هڪ ڀڙي کان ڏکڻ طرف نوَ نريو قبرستان به آهي جنهن جي هر قبر جي ڊيگهھ نوَ نريون آهن، چون ٿا اِهي قبرون ٿانور پتي جي سپاهين جون آهن ۽ گجڻي جي واري جون آهن، “نهٽو نئون سئو هٽ، ڌوٻي ڌوئن ڪپڙو” نهٽي جي تباھ ٿيڻ جا ڪارڻ زميني زلزلا، هاڪڙي درياھ جو بند ٿي وڃڻ، سمنڊ جو هٽي وڃڻ ۽ سرحدي ورهاڱا چيا وڃن ٿا پر نهٽي جو مڪمل تباھه ٿيڻ جو ڪارڻ مشهور ڌاڙيل عمر وريا جو هن شھر تي لڳل تباھه ڪن ڌاڙو هو، جنهن ۾ نهٽو مڪمل طور تي نيست ۽ نابود ٿي ويو. اڄ توڙي جو نهٽي جون اهي اوجون ۽ موجون ناهن رهيون پر وڏڙن جي هڏڙين جا وارث اڄ به هنڌين ماڳين موجود آهن جن ۾ ڪنڀار، نون، خاصخيلي، هاليپوٽا، وساڻ، ڪولهي، ميگھواڙ ۽ ٻيون برادريون شامل آهن پر جڏهن کين ورهاڱي ۾ وڇڙي ويل دل گهريا ياد ايندا آهن ته هو گهڙي کن لاءِ دلگير ٿي ويندا آهن، جڏهن ڏکڻ جون ڪي هيرون گهلنديون آهن ۽ مينهن وسندا آهن ته الائي ڇو هنن کي اڪيلائي جو احساس جيءَ جھوري وجهندو آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *