تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن جو حڪومتي دور …عذير عابد

تاريخي ڪتابن جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته اسلام کي پکيڙڻ ۾ فاتحن جو تمام اھم ڪردار ھو پر انھن جي ڪاميابين جا مختلف علائقن ۾ مختلف قسمن جا اثر پيا ۽ نتيجا به يقينن مختلف نڪتا. مثال طور ايران، عراق ۽ آفريقا جا اھي ملڪ جن کي فاتحن پنهنجي قبضي ۾ آندو اتي اھڙي قسم جا اثر نه ٿيا جھڙا ھندستان ۾ ٿيا ان جو سبب اھو ھو ته اتي يڪسانيتUniformity پيدا ٿي وئي پر ھندستان جھڙي نرالي((Diverse) معاشري ۾ يڪسانيت پيدا نه ٿي سگھي ـ ايران، عراق ۽ ٻين ملڪن ۾ يڪسانيت پيدا ٿيڻ جو مقصد ھي آھي ته انھن علائقن جي مٿين طبقن اسلام قبول ڪري ورتو جنھن جي نتيجي ۾ فاتح جيڪي پاڻ سان گڏ آبادي وٺي آيا، اھا آبادي اتان جي ڦورو ۽ مٿين طبقن سان نه فقط سياسي پر سماجي ۽ ثقافتي سطح تي به ملي ھڪ ٿي وئي، نتيجي ۾ ٻاھران آيل مسلمان ۽ اتي جا مقامي ماڻھو جن اسلام قبول ڪيو تن جي ثقافت ۽ سماجي ريتون رسمون ھڪٻئي سان ملي ھڪ ٿي ويون پوءِ اتان جو مٿيون طبقو ۽ مسلمان حڪمران گڏجي اتان جي مقامي ماڻهن ۽ پورھيتن جو استحصال ڪرڻ لڳا پر ھندستان ۾ صورتحال بلڪل مختلف ھئي. ھندستان ۾ مٿئين طبقي جي ماڻهن اسلام قبول نه ڪيو ھو ۽ ھيٺئين طبقي جي ماڻھن جن اسلام قبول ڪيو انھن به پنھنجي ھندو ريتن رسمن کي مڪمل طرح نه ڇڏيو ھو تنھن ڪري علماءَ ڪرام انھن مقامي ماڻھن تي ٺٺوليون ڪندا ھئا ته اوھان ٺيڪ مسلمان نه آھيو، اوھان اڌ مسلمان آھيو وغيره وغيره يعني انهن کان اتان جي مقامي ماڻھن جون ريتون رسمون ۽ ثقافت به برداشت نه پئي ٿي ۽ پوءِ اڳتي ھلي ماڻھن عرب ۽ ايراني ڪلچر جون ڪافي شيون اختيار ڪرڻ شروع ڪيون پنهنجي احساس ڪمتري کي ختم ڪرڻ لاءِ ۽ ڪجھه ماڻھن اسلام انڪري به قبول ڪيو ته انھن جي سماجي حالت بھتر ٿيندي پر اھڙو ڪجھه به نه ٿي سگھيو.
ھندستان ننڍي کنڊ ۾ “مسلمانن جو حڪومتي دور” جو اصطلاح سڀ کان پھريان انگريزن استعمال ڪيو ھو ۽ ھاڻي اڄ اسان وٽ طبقاتي شعور جي تمام گھڻي کوٽ ھئڻ ڪري اسانجا ماڻھو مغلن سميت ٻين مختلف قبيلن جي حڪومتن جي دورن کي اسانجي حڪومت ” يا مسلمان حڪومت” جي نالي سان ياد ڪن ٿا، جڏھن ته حقيقت انجي بلڪل ابتڙ آھي، انگريزن” مسلمان حڪومت” جو اصطلاح ھندن کي اھو احساس ڏيارڻ لاءِ استعمال ڪيو ته اوھان ھندو مسلمانن جا غلام رھيا آھيو ۽ اسان انگريزن اچي اوھانکي مسلمانن جي غلامي مان ڇوٽڪارو ڏياريو آھي ھاڻي توھان ھندو انگريز حڪومت کي پنهنجي لاءِ ھڪ نعمت سمجھو ۽ اسان سان وفاداري ڏيکاريو. اڳتي ھلي جڏھن مسلمانن کي ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته انگريز اسانجي ڀيٽ ۾ ھندن کي وڌيڪ سھولت ڏئي ٿو ته مسلمانن انگريزن سان وفاداري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي ان حوالي سان سڀ کان پھريان سر سيد احمد خان ڪوششون ورتيون، مسلم ليگ جي ٺھڻ جو بنيادي سبب به انگريزن سان وفاداري ڏيکارڻ ھو، ايسيتائين جو نواب محسن الملڪ مختلف مسجدن ۽ مدرسن ۾ وڃي علماءَ ڪرام کي چيو ته اوھان فتوائون ڏيو ته ھر اھو مسلمان جيڪو انگريزن سان وفاداري نٿو ڪري سو ڪافر آھي ـ
مسلم ليگ جي اڳواڻن جو اھو به خيال ھو جيئن ته اسان ھندن جي آبادي جو پنجون حصو آھيون ـ تنھن ڪري ھاڻي اسان لاءِ فائدي واري ڳالهه ھي آھي ته انگريز ھندستان ۾ ويٺو ھجي، جيئن ته انگريزن اڳي ئي ھندن کي احساس ڏياريو ھو ته اوھان مسلمانن جا غلام رھيا آھيو ـ تنهنڪري مسلمانن وري مسلم قومپرستي کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏھن ته حقيقت ۾ انگريزن جي اچڻ کان اڳ ھندستان ۾ مٿئين سطح تي مسلمانن جي حڪومت ھوندي ھئي ۽ ھيٺئين سطح تي وري مختلف ڳوٺن ۾ مختلف ھندو سيٺين جو راڄ ھوندو هو انگريزن جي ھندستان ۾ اچڻ کان اڳ مغل سلطنت جي زوال واري دور ۾ مختلف علماءَ ڪرام اھي ڳالهيون ڪرڻ لڳا :جيئن ته حڪمران مذھب کان پري آھن تنھنڪري ھن ھيڏي عظيم سلطنت جو زوال شروع ٿيو آھي ۽ ڪافي عرصي تائين مختلف علماءَ ڪرام اھڙي قسم جون ڳالهيون ڪندا رھيا پر ڪنھن به حڪمران توڙي عالم ان سلطنت جي زوال جي سياسي ,سماجي توڙي ثقافتي سبب تي غور نه ڪيو نتيجي ۾ انگريزن جي اچڻ کان اڳ ئي مغلن جي سلطنت ايتري ته ڪمزور ٿي چڪي ھئي جو تاريخ جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته انگريزن ھندستان تي قبضي جي جنگ مغل حڪمرانن سان نه پر مختلف طبقن ۽ طاقتور قبيلن جھڙوڪ مرھٽن,سکن ,جاٽن ۽ راجپوتن وغيره سان وڙھي ھئي
پاڻ کي ھاڻي سمجھڻو پوندو (جيڪو اسانجي گذريل نسلن نه سمجھو ) ته سموري دنيا جي تاريخ وانگر ننڍي کنڊ جي به سموري تاريخ طبقاتي جدوجھد جي ڇڪتاڻ جي تاريخ آھي ۽ ھاڻي پاڻ کي طبقاتي شعور کي بيدار ڪرڻ جي تمام گھڻي ضرورت آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *