تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ننڍي عمر ۾ شادي ۽ نقصان! … ديال چند ميگهواڙ

جيئن ته قانون مطابق 18 سالن کان گھٽ عمر وارو ٻالڪپڻ ۾ شامل آهي ۽ شادي جو مقصد مرد ۽ عورت کي ملائي, سڄي عمر زندگي گڏ گذارڻ آھي ـ زندگي جي انھي ڏھاڪي تي پھچڻ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 18 سال لگن ٿا! بدقسمتي سان خاص ڪري سنڌ ۾ ننڍپڻ ۾ جنهن ۾ ( اڃا ميچورٽي ناھي آئي) انھن جون شاديون ڪيون وڃن ٿيون. انھي جو خاص ڪارڻ لاعلمي آھي. ڪٿي ڪٿي وري اھو رسم به روان دوان آهي ته ٻار جي ڄمندي ئي انھي جي نالي ڇوڪري ڪري ڇڏيندا آهن! يا اڃان مس 5 . 6 سالن جو ٿي وڃي ٿو ته انهيَ جي منگڻي ڪري ٿا ڇڏين! اھو رسم ڪيڏي نه عجيب ۽ غليظ آهي ـ جيڪڏهن ڄمندي ئي ڪنهن جي منگڻي ٿيل ھوندي آهي, خدا نه ڪري ان ۾ ڪو عيب ظاھر ٿي پوي ته پو۽ انهيَ ۾ مائٽن جي غلطي کي تسليم ڪري يا قسمت کي! مالڪ جي دعا سان ان ۾ ڪو عيب ظاھر نٿو ٿئي اؙھي جيئن 12 يا 13 سالن جا ٿين ٿا ته ان جي شادي ڪري ٿا ڇڏين! ننڍڻ ۾ شادين جي ڪري اوور پاپوليشن ٿيڻ سان گڏو گڏ عورت يا مرد دماغي نفس جو به شڪار ٿين ٿا. ڇاڪاڻ ته شادي زندگي جو وڏي ۾ وڏو فيصلو ھوندو آھي, جيڪو سوچي ۽ سمجهي ڪرڻو پوندو آهي, پر افسوس شادي انھي وقت ڪئي ويندي آھي جنھن وقت انھن کي پنھنجو ڪيرير ٺاھڻ ھوندو آھي ۽ نتيجن اھو ڇوڪري يا ڇوڪرو پنهنجي مڪمل تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم ٿو رھجي وڃي . ٻي ڳالهه وري انھن ۾ اھا ميچوريٽي نه ھوندي آھي ۽ نه وري انھن کي و صحت جي باري ۾ ڪا خاص ڄاڻ ھوندي آهي, تنھن ڪري اڳتي ھلي عورت يا مرد کي تمام گھڻيو مشڪلاتون ڀوگڻيون پونديون آھن. مثال طور بي روزگاري , آبادي جي وڌڻ جو خدشو ۽ غربت وغيره وغيره! ننڍپڻ جي شادي جي ڪري گھڻو تڻو زندگي ڏکن ۽ مشڪلاتن مان گذرڻ سان گڏ انھن مان ڪجهھ دماغي توانائي خراب ٿيڻ سبب ويھي رھندا آهن. اھڙي طرح ننڍي عمر ۾ شادي جو شڪار ٿيل مرد توڙي عورت سماج ۾ پنھنجو فرض بھتر نموني سان نڀائي نٿو سگهي. ڪجهه سال اڳ سنڌ حڪومت طرفان بل پاس ٿيو ھو , جنهن ۾ 18 سالن کان گھٽ عمر وارو شادي نٿو ڪري سگهي ۽ زبردستي انهيَ جي ڪير به نٿو ڪرائي سگهي. تنھن کان پوءِ ڪجھه ارلي چائلڊ ھور ميرج جا ڪيس ظاھر ٿيا آھن ـ سنڌ ۾ خاص طور ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ انهن ڪيس جو تعداد گهڻو آھي! اسان کي گھرجي ته ارلي چائلڊ ميرج باري ۾ آگاھي مھم ھلائيون ته جيئن اسان جو ايندڙ نسل انھي مرض کان بچي سگهي ۽ ھڪ بھتر زندگي گذاري سگهي! انھي کان علاوه اھي پريشاني, غربت ۽ بيروزگاري کان آجا ٿي وجن!!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *