تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

ننڊي کنڊ جا فڪري مونجھارا  … عذير عابد

اسان ماڻھو جن مختلف معاملن ۾ ڦاٿل آھيون ,انھن معاملن جون پاڙون ڏاڍيون پختيون آھن ,ھن وقت تائين پاڻ جن معاملن کي نه سمجھي سگھيا آھيون ,انھن مان اڪثر معاملن جون جڙون مغلن جي دور ۾ ملن ٿيون. مغلن جو دور نه فقط سياسي پر سماجي ۽ ثقافتي حوالي سان پڻ پاڻ سان گڏ تمام گھڻيون تبديلون کڻي آيو. ان دور ۾ ڪافي ماڻهوَ ايران مان اچي ھندستان ۾ آباد ٿيا ۽ پوءِ اھي ماڻهو ئي سڄي مصيبت جو سبب بڻيا، ھن وقت تائين پاڻ مٿان جيڪي ڪجھه گذريو آھي، ان جو ھڪ بنيادي سبب به اھي ماڻهو ئي ھيا، انھن جي اچڻ کان اڳ ۾  ھندستان جي ھن  خطي ۾ ھڪ يڪسانيت((Uniformity) ھئي، پر اھي ماڻھي جڏھن ھتي آيا ته ھنن ھتي اچي نه فقط پنهنجي مذھب ۽ مذھبي ريتن ,رسمن پر سياسي توڙي سماجي روايتن کي ھتان جي مقامي ماڻھن مٿان مڙھڻ گھريو ـ ھن خطي ۾ جنھن کي ھاڻي ھندستان ۽ پاڪستان جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جيڪي به لاعلمي توڙي جھالت آهي اھا ھتان جي مقامي ماڻھن /جاھلن جي پيدا ڪيل ناھي ، ھنن خطن ۾ به يقينن  ماڻهو جاھل ۽ لاعلم ھياپر انھن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ايترو ھو ته ھو پنهنجون اھي جھالت سان ڀرپور ڳالهيون ٻين ماڻهن مٿان مڙھيندا ((Impose) نه ھئا پر ھتي مغل حڪمرانن سان گڏ جيڪي ايراني، عربي توڙي افغاني ماڻهو آيا، ھڪ ته اھي ڪورا ڄٽ ھيا ۽ ٻيو وري ھنن ۾ احساس برتري ھئي، ھنن ڪڏھن به ننڍي کنڊ (( ھندستان)) کي پنهنجو ديس نه سمجھو، ھتان جي ريتن، رسمن ۽ ثقافت کي حقارت جي نگاھه سان ڌٺائون، ھندو ته ھيا ئي واجبل القتل ھنن جي نظر ۾ پر ھتان جي مسلمانن تي پڻ ٺٺوليون ڪرڻ لڳا ته اوھان اڌ مسلمانن آھيو، اوھان سچا مسلمان ناھيو وغيرھ ، اھڙي قسم جا ٻيا به ڪافي معاملا ھتي درپيش آيا.
ننڍي کنڊ ۾ جيڪي الميا پيش آيا ان ۾ ترڪن، ايرانن ۽ عربن پنھنجو  معنيٰ خيز ڪردار ادا ڪيو ـ مذھب جي نالي ۾ ماڻهن کي ذھني طرح کوکلو ڪيو ويو ۽ ھنن جي ذھني قوت کي مسمار ڪيو ويو ,ھتان جي ماڻهوَ کي مجبور ڪيو ويو ته ھو ھتان جي قديم ثقافت ,تاريخ توڙي تھذيب کي وساري ڇڏين ۽ صرف اھو ياد رکن ته ھندستان  کي تھذيب اسان عربن ۽ ترڪن اچي ڏني آھي ـ پوءِ وري جڏھن انگريزن ھنن علائقن  کي فتح ڪيو ته انھن اخلاقي جواز پيدا ڪرڻ لاءِ علمي ۽ تاريخي  طرح ھتان جي ماڻھن ۾ احساس ڪمتري پيدا ڪئي ,ھنن اھو تاثر ڏيڻ چاھيو ته ھندستاني بنيادي طرح غير مھذب ھيا ,انھن کي اسان انگريزن اچي تھذيب  يافتا بڻايو آھي ـ ھاڻي صورتحال اھا بيٺي ته ھڪڙي پاسي  مسلمانن مورخن ھندستان جي تاريخ کي عربن ۽ ترڪن کان شروع ڪيو ۽ تمام وڏي مبالغي سان تاريخ لکڻ شروع ڪئي ۽ نتيجي ۾ قومپرست مورخن وري تمام وڏي مبالغي سان قديم ھندستان جا داستان ڳايا ۽ ٽئي طرف انگريز ھيا جن چيو پي ته اھي اسان ماڻھو آھيون جن  توھانکي تھذيب ۽ ثقافت ڏني آھي نتيجي ۾ ھتان جي ماڻهوَ تائين درست تاريخي حقيقتون ن پھچي سگھيون ۽ ھٿ وٺي  سياسي توڙي علمي طرح ماڻھن کي ماضي جي ڪوڙن داستانن ۾ جڪڙي مختلف فرقن ۽ گروھن ۾ ورھايو ويو,غلط نظرين جو ٻج پوکيو ويو بجاءِ انجي جو ماڻهو کي ٻڌايو وڃي ته ھي سموري تاريخ مسلمانن يا ھندن جي تاريخ نه پرڪجهه لٽيرن حڪمرانن ۽ طبقن جي تاريخ آھي جنھن جي عظمت جي داستانن ڳائڻ ۽ وڌائي چڙھائي پيش ڪرڻ بدران انھن جي استحصال جي مذمت ڪجي. اسانجا تاريخدانن ان ڳالهه کي سماجي نه سگھيا جنھن جو نتيجو اھو نڪتو جو  اڄ اسان وٽ ماڻهو جي اڪثريتن عربن، مغلن ترڪن ۽ ايرانن جي تاريخ کي پنهنجي تاريخ سمجھي ٿي ۽ انھن جي ڪڌن ڪرتوتن جي مذمت ڪرڻ بدران انتي فخر ڪري ٿي ـ سڀ کان اھم ڳالهه ھي ته ھن سموري منظرنامي ۾ پنڊت ۽ ملن مذھب  جي ٺيڪدارن جي حيثيت ۾ دين وڪڻن ۾ ڪنھن به موقعي کي ھٿان وڃڻ ن ڏنو. 
اديبن ۽ مورخن جي ان ڪردار جي حوالي سان بپن چندر پنھنجي ھڪڙي مضمون ۾ لکيو آ: مسلم ليگ جي ٻه قومي نظرئي پيش ڪرڻ کان پھرين ھندستاني  ۽ برطانوي مورخ ان لاءِ مواد پيش ڪري چڪا ھئا ـ يعني ھڪ قومي نظريي جي صورت ۾ انھن وٽ ھندستاني  قوم مان مراد ھندو قوم ھو ۽ ھندستاني ماڻھو مان مراد ھندو ھئا ۽ اھو پڻ ته مسلمانن جي حڪومت غيرملڪي هئي ۽ مسلمان ٻاھر کان آيل ھيا ‘ ائين اسان جي ماڻهن  ٻيون به ڪافي تاريخي غلطيون ڪيون آھن پر سڀ کان اھم غلطي اھا ڪئي آھي جو ھنن پنهنجي لوڪ ادب ,ثقافت ,تھذيب توڙي پنهنجي تاريخي ھيروز کي پنهنجو نن سمجھو آھي پر عربن ,افغانين ,ترڪن ۽ مغلن جي ريتن  ۽  روايتن کي پنهنجو بڻايو ـ ھاڻي وقت اچي ويو آھي ته اسان پنهنجي تھذيب ,ثقافت ۽ ٻولين تي فخر ڪيون ,پنهنجي اصل قومي ھيروز کي سڃاڻون ـ

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *