تازا ترين
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

نظم …..ھڪڙو ڀيرو ته مل ……رحمت سومرو

جنھن به دڳ ۾ چوين، التجا ٿيان مگر،
چنڊ تارن سان گڏجي صدا ٿيان مگر،
مان فنا ٿيان، فنا ٿيان، فنا ٿيان مگر،

هڪڙو ڀيرو ته مل،
هڪڙو ڀيرو ته مل.

تنھنجي زلفن جيان، رات ڪائي نه آ،
مرڪ وانگر به پرڀات ڪائي نه آ.
تو جيان، تو جيان ذات ڪائي نه آ،

هڪڙو ڀيرو ته مل،
هڪڙو ڀيرو ته مل.

روح تائين رڳو رڃ آھيان بڻيل،
پنھنجي هر ساهه ۾ سڃ آھيان بڻيل،
آب جھڙا پرين! اڃ آھيان بڻيل،

هڪڙو ڀيرو ته مل،
هڪڙو ڀيرو ته مل.

ديد نيڻن جي پٿر ٿيڻ کان اڳي،
هر گهڙي جو به خنجر ٿيڻ کان اڳي،
ڪو المناڪ منظر ٿيڻ کان اڳي،

هڪڙو ڀيرو ته مل،
هڪڙو ڀيرو ته مل.

روح مڪلي جي ماٺار ٿيڻ کان اڳي،
من به موهن جا آثار ٿيڻ کان اڳي،
وقت جي ڪنهن نئين وار ٿيڻ کان اڳي،

هڪڙو ڀيرو ته مل،
هڪڙو ڀيرو ته مل.

تون به پنھنجي ھيئين کي ھٿن ۾ کڻي،
ڳالهه ڳولي، پراڻي وچن ۾ کڻي،
ڪا نئين بيقراري بدن ۾ کڻي،

هڪڙو ڀيرو ته مل،
هڪڙو ڀيرو ته مل.

خواب رڻ جي ڪهاڻي ٿيڻ کان اڳي،
آس نيڻن جي پاڻي ٿيڻ کان اڳي،
زندگي جي پڄاڻي ٿيڻ کان اڳي،

هڪڙو ڀيرو ته مل،
هڪڙو ڀيرو ته مل.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *