تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

نظم … ڊاڪٽر عامر گڏاڻي

نصيبن ۾ رڳو آيون
اداسيون ۽ اڪيلايون
نه ڪائي آس پوري ٿي
نه ڪا ساڀيان ڏٺي خوابن
رڳو پئي رڻ ئي ڀوڳيو سين
پئي روئي ڏنو اکڙين
اڃارا نيڻ رهجي ويا
نه ئي ڪا پياس پوري ٿي
ڪنوارا احساس رلجي ويا
ملي ڪائي خوشي ناهي
سکئ جي ڀاڪرن جهڙي!
ڏٺي ڪا آرسي ناهي
سکي تنهنجي اکين جهڙي.
اسان جا پيار ڪسجي ويا
انڌيرن ۽ انائن کان،
ڪڏهن ڀي سوچيو ڪونهي
اسان جون محبتون مرنديون
زماني جي خدائن کان….
رڳو تنهائي ملندي بس
نراسائي ئي ملندي بس
اسان جي ڀروسن کي ڀي
رڳو آٿت ڏني آ وئي.
اسان کي عشق پارايون
رڳو ڳوڙهن جون مالهائون
وري ٽوڙي يقينن کي
ڏنيون هر ڪنهن ئي تنهايون
لکيون جيڪي نصيبن ۾
لکيون ڪاتب اڪيلايون…!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *