تازا ترين
  • *ٽنڊو غلام علي ڀرسان جهڳي کي باهه: 7 مهينن جو ٻارڙو بابو ولد ڪانجهي ڪولهي سڙي فوت*
  • *ميهڙ ٿاڻي اڳيان جهيڙو: 5 ڄڻا زخمي: ڇڏائڻ ۾ اي ايس آءِ کي به سروٽو لڳي ويو*
  • گوشت ڪيڏانهن ويو؟ ڪراچي ۾ گڏهن جون منڍيون ۽ اوجهه هٿ*اڻڄاتل ماڻهو ڪلفٽن ۾ گڏهن جي باقياتي اُڇلي ويا، جاچ ڪريون پيا ته گوشت ڪيڏانهن ويو: پوليس*
  • نئون ديرو: سڱاوتي تڪرار تان سالن هٿان ڀيڻيويو قتل*سئوٽن طاهر کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو (نديم ککراڻي) پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو*

نظم …..شاعره نسيم سيد ترجمو: سومرو شبير

“تون به رنو ھئين مالڪ؟”
تو، ڏٺو ڪجهه مالڪ !!
تنھنجي آرٽ گئلري
۽ انھي جون ھي تصويرون …
بي رحم رواجن جي ڪوريئڙن جي ڄارن ۾
اڌ مئي منظرن جون،
ڪچري جي ڍير تان
ماني ڳوليندڙ ٻارن جون،
شھر جي slum نالي
اڻ کوڙيل ٺڪاڻن جون،
ڪيتريون نه بي اعتبار آھن اھي
جيستائين پڪاسو جھڙو ڪو
ھڪ مصور
انھن بک کائيندڙ ڍانچن کي
پينٽنگ ۾ نه ٽنبي،
ڪيمره ڪائي جيستائين
انھن slum ٺڪاڻن کي
آسڪر ۾ نه رکي وٺي،
اڄ جي نمائش ۾
نامياري مصور جي فن جي
اوچي نيلاميءَ جو
اھو جيڪو تماشو ھو
تو ڏٺو ھو مالڪ؟
منھنجي بکايل ھٿن ۾
ڪچري مان کنيل ماني جو
اھو جيڪو ٽڪرو ھو،
سڪل گل جھڙو
جيڪو منھنجو مک ھو ،
اڄ جي نمائش ۾
ڪيڏو نه قيمتي ھو اھو،
اڄ ھڪ مصور
ڪيڏو مھانگو وڪيو ھو
آسڪر جي ميلي ۾،
منھنجي گندي وستيءَ جي
غم ۾ ٻڏل slum جيڪو
رڳو ڪجهه پلن جو
ھٺ کٽيو ھو
تو ڏٺو ھو مالڪ؟
تون به ھئين اتي مالڪ؟
تون به رنو ھئين مالڪ؟



This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *