تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

نظم…بيلا پنھور

حڪومت فيصلو ڏئي ڇڏيو
لاڪ ڊائون ختم نه ٿيندو
روزگار جا دروازا نه کلندا
بک لاءِ دروازا بند نه ٿيندا
۽ اڄ ھن کي فيصلو ڪرڻو هو
بک ۽ بيماري مان ڪنھن هڪ جي
چونڊ ڪرڻي هئي،
پيٽ ڀري کائڻ کي ته هونئن به
هنن کي سال ٿي ويا هيا
هنن کان اهو به وسري چڪو هو ته
پيٽ ڀري ڍوءَ ڪري کائڻ کان پوءِ
ڪيئن محسوس ٿيندو آھي

پر هفتن کان ته هاڻي هنن جو پيٽ
ھڪ گرھ لاءِ به سڪي ويو هو
ڪورونا جي وبا جي ڊپ کان
نافذ ٿيل لاڪ ڊائون هنن لاءِ مڪمل
فاقا ڪشي کڻي آئي هئي
هن جا ٻچا بک ۾ پاھ ٿي رهيا هئا
اڄ ھن کي فيصلو ڪرڻو هو
ٻن قسمن جي موت مان
هڪ قسم جو موت چونڊڻو هو
هن کي فيصلو ڪرڻو هو ته
هن کي پنهنجا ٻچا وبا جي ڊپ کان
گھر ۾ ويھي بک ۾ مارڻا آھن
يا ٻاھر نڪري وبا ۾

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *