تازا ترين
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

نظم…..اچ موڪلايون….نديم بوزدار 

رک ٿي اڏامي راهن ۾
جاڳ جي جهان ۾
۽ رڃ جا پنڌ رڳو خواب ۾
جيون جو ڪچو چٺو
ڪو پوتاميل چڪاسيو به ته
ناڪامين جي داخلا
۽ اڪيلائين جو قرض آ
ڏڪاريل ڏات منهنجي
ڪهڙو تخليقن کان پڇان
ڪهڙي آهي ذات تنهنجي
تو سرجي به ڇا ڪيو
۽ مون سرجي به ڇا ڪيو!
پاڻ ٻئي هڪٻئي کان اجنبي
ڏات ۽ ڏات ڌڻي
پوءِ ساٿ ڪهڙي ڪم جو
منهنجي پچر ڇڏ کڻي
رڻ تي ٿي وسين
ڪجهه نٿي تون ڏسين
ڪو سلو اڀرڻو ڪين آ
ڪو بلو ٿيڻو ڪين آ
واهه واهه جا ڪانڊيرا
کڻي ڦٽا به ته سهي
ڪو باغ ته ڪونه پيدا ٿيو
ڪو پوپٽ به ڪڏهن ڪونه لڙيو
ڪا ڀنڀوري ڪڏهن ڪين آئي
ڪو گل ڪونه مهڪيو ڪٿي
ڪجهه به ته ناهي ورڻو
ڄمي وري بس مرڻو
سارا فسانا پوءِ ختم
سارا پرچاوا ختم
سارا رساما ختم
پوءِ هي تماشو ڇو هلي
هلي ته ڪنهن لاءِ هلي
بي مقصد پنڌ آ
نه ماڳ آ نه هنڌ آ
بوجهه ٿي پيو آهي
هي ڪلهي تي جو ڪنڌ آهي
رٻڙ جهڙي هيءَ زندگي
خوامخواهه ٿي ڇڪبي وڃي 
اچ ته هاڻي موڪلايون
سڀ لاڳاپا لاهيون
۽ ڇو اهو سوچيون
پاڻ ڇو آهيون، ڇا آهيون؟!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *