تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

نسل پرستي ۽ استحصال ….موئرم علي- طفيل مگسي

نسل پرستي جو جذبو معاشري منجهه نه ته فطري آھي ۽ نه مستقل پر اها هڪ غير فطري تخليق آھي.جنهن جو مقصد هي آھي ته ان جي وسيلي غير برابري واري در جابندي کي مستقل طور تي قائم ڪيو وڃي.قومن جي پسماندگي جو بنيادي سبب به اهو آھي ته وسيلين جي ورڇ برابري جي بنيادن تي ناهي. ان ڪري نسل پرستي ۽ پسماندگي ٻنهي جو هڪٻئي سان گهرو تعلق آھي ۽ ان جو بنيادي مقصد اهو آھي ته معاشري جي هڪ طبقي کي وسيلن جي پهچ کان پري رکيو وڃي.
جڏھن قومن۽ نسلي گروپن ۾ ٻن قسمن جا تعلقات هجن ته ان صورت ۾ انهن ۾ مقبول ۽ عام قسم جا تعصب پيدا ٿيندا آھن.جيڪي خاص ڪري جهالت ۽ ڊپ کان اڀرندا آھن.۽ انهن جي پسمنظر ۾ انهن جا جسماني ۽ ثقافتي تعلقات به هوندا آھن.نسل پرستي جا لاڙا انهن معاشرن ۾ وڌيڪ پيدا ٿين ٿا جيڪي نسلي طور تي هڪ هجن .جغرافيائي طور تي الڳ هجن.۽ سماجي طور تي رجعت پرست هجن ۽ سموريون سهولتون ۽ اختيار رڳو ڪجهه ماڻھن جي هٿن ۾ ھجن. ان قسم جا معاشرا قومي ۽ نسلي اختلافن جو شڪار رهن ٿا۽ انهن جو نسلي تعصب انهن کي هن ڳالھه جو يقين ڏياري ٿو ته اهي پاڻ کي پاڪ .صاف ۽ محفوظ رکي سگهن ۽ پنهنجي اتحاد کي برقرار رکي سگهندا.
11کان 13صدي تائين يورپ ۾ جاگيرداري جي طاقت چرڇ ۽ اميرن جي سبب هئي.ان دور ۾ جهنگ وڍي ڪري زمين سڌي ڪئي وئي۽ زراعت کي بهتر بڻايو ويو.جڏھن آبادي وڌڻ شروع ٿي ۽ ان سان گڏ واپارين جو طبقو اڀريو جنهن جو تعلق زمين سان نه هو.اهي واپار جي خاطر يورپ ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ ويا.جڏھن ان ۽ ڪڻڪ جي فصل ترقي ڪئي ته ان جي نفعي کان هاري سموري معاشري جا ڪفيل بڻجي ويا.چرچ ۽ اميرن جي طاقت وڌي وئي.۽ ھنن وڌکان وڌ ٽيڪس هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا ته جيئن انهن کي پنهنجن عياشين ۽ نجي فوج جي سارسنڀال لاءِ استعمال ڪري سگهن.انهن جي ڏاڍ جي ڪري هارين جو بغاوتون عام ٿي ويون.جنهن جي ڪري هاري۽ جاگيردار جا تعلق بگڙي ويا.۽ ان جو اثر زراعت تي پيو.غربت.بک ۽ ويچارگي ڇانئنجي وئي.
غلامي کي 1833ع ۾ ختم ڪيو ويو پر يورپ جي صنعت ۽ ان جي برتري جو بنياد اهوئي ادارو هو.۽ ھاڻي ان جي خاتمي کانپوءِ به انهن لاءِ ضروري هو ته اهي ڪارن ماڻھن جي استحصال کي جاري رکن.يورپ ۾ ڪافي اڳ کان ڪاري کي سفيدجي مقابلي ۾ گهٽ سمجهيو ويندو هو.ان ڪري هاڻي سفيد سرمائيدار کي صرف هن ڳالھه جي ضرورت هئي ته انهن سمورن تعصبن کي جيڪي اڳ کان موجود آھن ڪهڙي ريت پاڻ ۾ ملايو وڃي.ان کي باقاعده نظريي جي صورت ۾ ملايو وڃي.ان نظريي تحت ڪن جو ته اهو چوڻ ھو ته ڪارا انسان ئي ناهن ۽ ٻيا انهن کي انسان تسليم ڪندا هئا پر گهٽ. غلامي جي سبب ۾ 1788ع ۾ وليم پونيء جيڪو نظم لکيو اهو هن ذھنيت جي عڪاسي ڪري ٿو. ”مان تسليم ڪريان ٿو ته مان غلامن جي خريداري تي اداس ٿي وڃان ٿو ۽ مون کي معلوم آھي ته جيڪي انهن کي خريد ڪن ٿا ۽ وڪرو ڪن ٿا اهي بدمعائش آهن ۽ جيڪي ڪجهه مان انهن جي تڪليفن .سختين ۽ اذيتن جي باري ۾ ٻڌان ٿو ته ان کان هڪ پٿر کان به ڳوڙھا ٽمي ٿا پون. مون کي انهن تي رحم اچي ٿو پرمان خاموش ٿي وڃان ٿو. ڇاڪاڻ ته اسان ڪهڙي ريت کنڊ بنا گذارينداسين. نسل پرستي جو نظريو دفاعي ضرورتن جي ذريعي اڀريو ۽ ھي دليل ڏنو ويو ته آفريڪي گهٽ آھن ان لاءِ ته اهي غلام آھن.
جيتوڻيڪ نسل پرستي جي نظريي کي واڌ ڏيڻ ۽ ثابت ڪرڻ لاءِ ته سفيد قومون ذھني.جسماني طور تي برتر ۽ افضل آھن.ان زماني ۾ کوپڙيون گڏ ڪرڻ جو شوق ٿيو ۽ ان سلسلي ۾ ھر نسل جي ماڻھن جون کوپڙيون گڏ ڪيون ويون.۽ انهن جي سائيز کي ڏسي ڪنهن نسل جي ثقافتي  اهميت کي ثابت ڪيو ويو.هڪ يورپي کوپڙي جي تجزيي کانپوءِ اعلان ڪيو ويو ته ان جو وزن سائنس ۽ اعلي خيالن لاءِ موزون آھي. نسل پرستن ڊارون جي نظريي “طاقتور جي بقا“کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪيو. ۽ ثابت ڪيو ته صرف سفيد قوم ئي دنيا جا فطري حڪمران آھن.۽ چٽيون خاصيتون انهن جي هڏن ۾ بناوٽ ۾ آھن.يورپي ارتقا جي عمل ۾ ٻين قومن کان اڳتي آھن.۽ جڏھن ٻيون ننڍيون قومون تباهه ٿي وينديون ته صرف سفيد قومون ان جدوجهد ۾ باقي بچنديون.ان نظريي سبب گهٽ قسم جي قومن جو قتل عام جائز ٿي وڃي ٿو.ان لاءِ سفيد قومن تهذيب جي نالي تي ريڊ انڊين ۽ آسٽريليا جي مقامي رهواسين جو قتل عام ڪيو
هندوستان ۾ انگريزن سترنهين صدي ۾ قدم رکيا.ان کانپوءِ هنن هوريان هوريان هتي پنهنجي اقتدار جون پاڙون مضبوط ڪرڻ شروع ڪيون ايستائين ته ان تي قابض ٿي ڪري حڪمران بڻجي ويا.سترهين صدي ۾ هندوستان هڪ امير ۽ خوشحال ملڪ هو ۽ معاشي طور تي ڪافي يورپي ملڪن کان ترقي يافتا هو.انگريز واپارين اندرين پڄ ڊاھ مان فائدو وٺي هتي پنهنجا دوست ٺاهيا ته جيئن انهن جي مدد سان سياسي اقتدار حاصل ڪري سگهن.جڏھن انگريز اقتدار قائم ٿي ويو ته هندوستان جي مٿانهين طبقي نه صرف ان کي تسليم ڪيو پر انگريزي ڪلچر جي ڪافي ڳالهين کي اختيار ڪري اهي انهن جي ويجهو ٿي ويا
ايسٽ انڊيا ڪمپني کي انگلستان جي واپارين سترهين صدي ۾ قائم ڪيو ۽ اڻويهين صدي تائين هنن اٽڪل هندوستان تي قبضو ڪري ورتو. هندوستان جي فتح انهن لاءِ نهايت بهترين ثابت ٿي.انگريزن هندوستان ۾ نه پر پنهنجي “گهڻي آبادي“ کي موڪليو ۽ نه هتي “سفيد اقليت“جي حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان کي هنن هڪ اهڙي بيٺڪيت جي شڪل ڏني جيڪا برطانوي سلطنت جو ڪچو مال پيدا ڪري. برطانيا هندوستان ۾ سڀ کان اڳ بنگال تي قبضو ڪيو.۽ ان جي نيجي ۾ ان جي خوشحالي ۽ زرخيزي نهايت ٿوري عرصي ۾ ختم ٿي وئي.۽ جڏھن ڏڪار پيو ته 10ملين ماڻھو بک سبب مري ويا. ڏڪار باوجود ڪمپني ٽيڪس وصول ڪرَڻ ۽ گڏ ڪرڻ ۾ مصروف رهي.
ارڙھين صدي جي پڇاڙي ۾ هندوستان ۾ نسل پرستي جو لاڙو وڌيڪ زور ورتو. شروع ۾ انگريز سياحن هندوستاني تهذيب جي تعريف ڪندي.هندوستانين کي خراج تحسين پيش ڪيو هو پر بعد ۾ سندن رويو تبديل ٿي ويو. برطانوي حڪمران هن ڳالھه تي يقين ڪندا هئا ته انهن کي دنيا ۾ حڪومت لاءِ  پيدا ڪيو ويو آھي ۽ هندوستان جي فتح کانپوءِ سندن ان يقين ۾ وڌيڪ سگهه ٿي.سفيد برتري جا نظريا تخليق ٿيا ۽ انهن کي ڪتابن. اخبارن. اسڪولن .قانون ۽ ٻولي جي وسيلي مشھور ڪيو ويو.
نسل پرستي جي نظرين تحت اهو به ضروري هو ته ٻين تهذيبن جي ڪارنامن کي نظر انداز ڪيو وڃي.جيتوڻيڪ اڄ جي هڪ جديد مورخ ٽريور جو چوڻ هو ته “نوآباديات کان اڳ آفريڪا جي ڪا تاريخ نه هئي“ اهي عظيم تهذيبون جن کي نظرانداز نه ڪري سگهبو هو جيئن ته مصر جي تهذيب.ته ان کي آفريڪا بدران يورپ سان ويجهو ڪيو ويو. اڻويهين صدي ۾ سفيد فام مهم جوئن پندرهين صدي جا آثار دريافت ڪيا جيڪي زمبابوي کان وٺي موزمبيق تائين پکڙيل هئا پر هنن ان کان انڪار ڪري ڇڏيو ته اها ڪاري چمڙي جي ماڻھن جي تهذيب ٿي سگهي ٿي. ۽ ان قسم جا نظريا گهڙيا وڃن ٿا ته انهن کي ڪهڙي ريت سفيد قومن جي ڪارنامن ۾ شامل ڪيو وڃي.افسوس هن ڳالھه جو آھي ته ان قسم جي تاريخ کي اڄ تائين اسڪولن ۾ پڙھايو وڃي ٿو.ان صورتحال جي پيش نظر اسان کي نه وسارڻ کپي ته نسل پرستي ۽ استحصال لازم ملزوم آھن ۽ ٻئي گڏ گڏ ھلن ٿا ۽ اڄ به ٽئين دنيا جي ملڪن جو ان سان مقابلو آھي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *