تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

نجي اسڪول بند پوءِ فيس ڇو ؟: سوشل ميڊيا تي بحث

ڪورونا وائرس جي ڪري تعليمي ادارا بند هجڻ باوجود شاگردن کان فيس وصول ڪرڻ واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي سوال اٿاريا ويا، ان حوالي سان نظام ڪولاچي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته گذريل 4 مهينن کان خانگي اسڪول بند پيل آهي ته پوءِ باڊهه ۾ ڪهڙي قانون تحت شاگردن ۽ شاگردياڻين کان فيس وصول ڪئي پئي وڃي؟ اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي حنيف سومرو لکيو ته پرائيويٽ اسڪولن کي لاڪ ڊائون ۾ فيس نه وٺڻ گهرجي، حفيظ ڦلپوٽو لکيو ته جيڪڏهن فيس نه وٺندا ته پوءِ ملازم بک مرندا. هدايت الله ٻگهيو لکيو ته اسان تمام بهتر انداز ۾ تعليم ڏني آھي ۽ بنا ڪنهن فرق جي تعليم ڏينداسون فيس مان 20 سيڪڙو ڊسڪائونٽ ڪري فيس اوڳاڙي اسٽاف کي پگهارون ڏئي رهيا آهيون، سنڌ ۽ مرڪزي نوٽيفڪيشن مطابق فيس 20 سيڪڙو گهٽ وٺڻي آهي ۽ ملازمن کي پگهارون به ڏيڻيون آهن، جيڪو پرائيويٽ ادارو اسٽاف کي پگھارون نه ڏيندو ان کي بند ڪيو ويندو، احمد بشير نوناري لکيو ته ٿورو سوچيو پرائييويٽ اسڪولز اگر فيس نه وٺندا ته ملازمن کي پگهارون ڪٿان ڏيندا؟؟ جڏھن چئو ٿا ته چئن مهينن کان هر شئي بند آھي ته پوءِ اسڪولز مالڪ پنهنجي ملازمن جي ڪيئن سار لهندا، همت ڪريو پرائيويٽ اسڪولز جي ملازمن کي سرڪار کان پگهارون وٺرائي ڏيو، هن وقت هر طبقو پريشان آھي ڪجهه پرائيويٽ اسڪولز مالڪ اھڙا آھن جن کي بلڊنگ وغيره پنهنجي آھي پر ڪجھ اھڙا آھن جن کي بلڊنگ جي لکين رپيا مسواڙ ڀرڻي پوي ٿي ڇا انهن جون مسواڙون معاف ڪرائي سگهو ٿا؟، عبدالسلام لکيو ته صوبائي حڪومت کي گهرجي ته پرائيويٽ اسڪولن جي استادن کي ٽن مهينن تائين پگهارون ڏئي، اهو ڪو مشڪل ڪم نه آهي، انڪم سپورٽ پروگرام تحت 12 هزار رپيا جيڪڏهن هر ماڻهو کي ملي سگهن ٿا ته پوءِ استادن کي به پگهارون ڏيڻ گهرجن. ان کانسواءِ ايم علي منگي، انس رضا، هدايت الله ڪولاچي، معشوق علي جوڻيجو، ضمير حسين چنا، غلام شبير پڻ ان معاملي تي راءِ جو اظهار ڪيو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *