تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

نثري نظم … ڊائري … عذير عابد

ڪاغذن جي پيٽ سان ڀريل ان ٿلھي جلد مان ھاڻ خوشبو موڪلائي چڪي آھي ـ
انھن صفحن ۾ ھاڻ تازگي به نه رھي آھي ,
ڪاري منجھند جو ڏيک ڏيندڙ
انھن ڪاغذن ,ڪاريھر جي شڪل وٺي مونکي ڏنگڻ
شروع ڪيو آھي
جڏھن منهنجي ڊائري جي صفحن کي پنهنجي خوراڪ نه ملندي آھي
تڏھن منهنجي ذھن جو ڪچو ماس
انھن جي خوراڪ بڻبو آ ـ
جڏھن ڪيمس ۾ ان جي ھڪ جھلڪ ڏسندو ھيس
ڊائري جو پيٽ کي لفظن جي
خوراڪ ملندي ھئي
ھاڻ مان ان ڳوٺ جي ڳلين ۾ رلندو ھان
جٿي جي اس بدمست اٺ وانگي
مستي جو جام پي خوبصورت چھرن کي تيل جو مک ڏي ڇڏيندي آھي ـ
ڊائري جا پنن کي اڏامڻ کان بچڻ لاءِ ساحر جي شاعري جي ڪتاب ھيٺان دٻي ڇڏيو اٿم ـ
ڪاغذ جا ٽڪر اڄ به بکي پيٽ سمھي پيا آھن ـ

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *