تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

نثري نظم…ٽھڪَ تاڙيون تماشا …جيئند علي مھر

قدم قدم تي ،
ٽھڪ ، تاڙيون ، تماشا …
ٽَنگجِي هِن پيا
ڳوٺن جون ڳليون
انائن ۾ پوريون هِن !!
شھرن جا شورَ شودا ٿيندا ٿا وڃن …!
نينگرِ جي نصيبن ۾ ڇھپر َ وٽيندي
پيءُ زندگيءَ جي داوَ جو
هوڪو ڏئي آ ڇڏيو ..!
ماءُ جي ممتا کي پُٽَ
عيش جي اوڳراين سان
ڦَٽي آ وڌو …
خالي لڪڙن تي هڪ رلي ٽنگيل ،
غريب جو گهرُ
گونا گون ڪاٿي آ …!!؟
خوشي اسان جي اکين ۾ ،
هڪ شاعر جي گهر جيان
چئني پاسن کان ٽيڪَ تي بيٺي آ …!!
دادُ دانھُن جو مرندي ڏسي
سڏڪن جي سيرانديءَ کان
پنهنجي دل جي ئي کاتي ۾
جڳَ سڄي جا الڪا کڻي ،
ڳالھه ڳالهھ تي
ڳوهجي سوهجي ھاڻِ ته
اکڙين کي وسڪارن جي عادت پئجي آ وئي…!!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *